مزاح جي فن جو استاد مرحوم محمد فقير مسخرو (دادو) ڏاڍو ياد پيو اچي جو هر سال قلندر جي ميلي تي منعقد ٿيندڙ ثقافتي محفل جي جان هئو . مان محمد خان کي ٻڌڻ لاء سيڙجي هر سال هي محفل ڏسڻ ايندو هئس. سندس جي انٽري هن انداز ۾ ٿيندي هئي .
السلام عليڪم
اول ۾ الله ڀلو.
مديني ۾ مير ڀلو .
سنڌ ۾ درياه ڀلو.
سيوهڻ م شهباز ڀلو
لڪيء ۾ لال ڀلو
پلي ۾ پلاه ڀلو.
پڪو لولو سوڪ ڀلو،
ڄاڃين ۾ گهوٽ ڀلو.
تانگڙ گڙ گڙ..تانگڙ گڙ گڙ..تانگڙ گڙ گڙ.. ٺا.
پڪي راڳ جي مٽي پليت ڪندو هئو جو حاضرين کل ۾ ٻڏا پيا هوندا هئا ..
مون کي ڪجھ گفتا ياد رهجي ويا آهن ونڊ ڪيان ٿو.
اڀي چاڙهيء کان،
ٿر جي لاريء کان .
پوليس واري جي ياريء کان.
اٺ جي سواريء کان ....الله پناه ۾ رکي .
جھڙ جي اس کان
پاڙي جي هوس کان
انڌي جي ڦوس کان ...الله پناه ۾ رکي.
مسخري وجھندي ڪڏهن به ڪو خيال نه ڪندو هئو ته سامهون ڪيڏا وڏا ماڻهو آهن.کل کل ۾ سچ کان نه مڙندو هئو ... اهي ماڻهو به اعلي ظرف هوندا هئا جو موٽ ۾ کيس انعام و اڪرام سان نوازيندا هئا...
رئيس غلام مصطفي جتوئي وزير اعلا سنڌ پنڊال ۾ موجود هجي ته محمد فقير ڊائريڪٽ ٻه چرچا رئيس تي هنيا مجال جو هن برو محسوس ڪيو هجي کلي کلي کيرو ٿي پيو.
(1) خواب ۾ ٿو ڏسان ته مري ويو آهيان ملائڪن الله سائين جي درٻار ۾ پيش ڪيو مولا مهر ڪري جنت اماڻيو ..... وڃي ڦاٿس رڳو ملا ڏاڙهين وارا، تهجھد نمازون ذڪر اذڪار.. چانهن نه ملي، سگريٽ ٻيڙي نه ملي ..... رب کي عرض ڪيم مولا مزو نه آهي دوزخ جو به ديدار ڪراء ... الله جي حڪم تي ملائڪن وڃي دوزخ ۾ سٽيو .... سبحان الله ڇا ڏسان رئيس غلام مصطفي جتوئي ڪابينه سميت، سائين گل محمد شاه، سائين حاجن شاه ، سائين ڪوڙل شاه پنهنجن پيالي ڀاين سميت اتي موجود آهن. ڀنگ جو ڪونڊو آهي سامهون نورجھان ويٺي مجرو ڪري..........
هوڪار مچي ويا حال ۾ ....
(2) رئيسن ورتي جيپ ڊرائيور کي تنخواه نه ڏنائون سو نوڪري ڇڏي ويو ...ننڍي رئيس چيو ته جيپ هلاوڻ مشڪل ڪم نهين ... رڳو اوين ايون ڪرڻا اي... رئيس نوڪرن چاڪرن سميت جيپ تي ويٺو .. جيپ ڪنٽرول مان نڪري وڃي وڻ سان لڳي .... هڙ رئيس ڪاوڙجي پيا ... چي ”جيپ ڇتي ٿي اي ..جيپ ڇتي ٿي اي“
هڻي ڪهاڙين بندوقن سان جيپ جو بڙدانو ڪڍي ڇڏيائون .....
غلا۾ مصطفي جتوئي ڏاڍو کليو ۽ چيائينس ته فقير اسان مان به ڪونه مڙئين.
_______
شبير قريشي جي فيسبوڪ وال تان ورتل