منهنجي سياست جو هڪ آدرش آهي. مون ڪڏهن به عهدن لاءِ سياست نه ڪئي آهي. 2002ع ۾ مونکي سنڌ جي وڏ وزارت جي آڇ ٿي هئي پر مان پنهنجي ضمير کي ماري زنده رهڻ جو قائل ناهيان تنهن ڪري اها آڇ ٿڏي ڇڏي هيم. منهنجي سياست جو محور سنڌ ئي رهي آهي ۽ سنڌ جو ڪيس وڙهڻ ئي منهنجو ايمان آهي. منهنجو آواز ڪهڙن ادارن جي ڪنن ۾ پهچي ٿو تنهن جي مونکي ئي خبر آهي. منهنجو آواز يعني سنڌ جو آواز جن ادارن تائين پهچي ٿو تن کي سنڌ جي مسئلن جي ڪا خبر ئي ناهي ۽ اهي چون ٿا ته اسان کي ته سنڌ جي انهن مسئلن جي ڄاڻ ئي ناهي. سو اسان کي مڃڻ گهرجي ته اسان سنڌ جو ڪيس سنڌ ۾ ئي وڙهون ٿا. پاڻ کي ئي ٻڌايون ٿا ۽ پنهنجي طور ئي مٿو پٽيون ٿا. ٻاهرين دنيا کي ڪا خبر ئي ناهي ۽ شايد ان ڪري اهي اڻ ڄاڻ آهن جو اسانجو آواز سگهارو ناهي ۽ سگهارو ان ڪري ناهي جو سنڌي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ناهيون ٿي سگهيا. سو ان حوالي سان مان اعتراف ڪيان ٿو ته سنڌي ماڻهن کي اسان هڪ پليٽ فارم تي گڏ ناهيون ڪري سگهيا ۽ سگهارو آواز بڻجي نه سگهيا آهيون جنهن سبب پوئتي آهيون.
اسان جي ناڪامي جو پهريون سبب ئي اهو آهي ته بنا مقصد هاءِ گهوڙا ۽ پٽيلي جو شؤق. هر ڪم ۾ اسان خلاف سازس ڳولڻ ۾ رُڌل رهڻ. هن وقت اسان جي جيڪا حالت آهي انهي ۾ اسان نالي ماتر آزادي وٺي به وٺون ته به پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙا ناهيون. اسان سڌو آخري پوائنٽ تي اچون ٿا ته آزاد سنڌ. جڏهن ته اهو اول ته ممڪن ئي ناهي ۽ جي ٿئي ته به ڏچو هوندو. ان کان اڳ جيڪو هوم ورڪ آهي جنهن بنياد تي مُلڪ هلڻو آهي انهي لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻو آهي جنهن لاءِ بهتر تعيلم سڀ کان پهريون ڪم آهي.