نوڪيا طرفان فون چارج ڪرڻ وارو پاجامو

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ٻين موبائيل فونز ٺاهڻ وارين ڪمپنين جي مقابلي ۾ نوڪيا اڪثر فيشن ڊيزائينر سان ملي پنهنجي ڪسٽمرز لاءِ ڪا نه ڪا انوکي شيءِ تخليق ڪري وٺندي آهي.. پر هن دفعي ته هنن ڪمال ئي ڪري ڇڏيو...
    هن دفعي نوڪيا انگلينڊ جي ڊيزائنر اي سوواز سان ملي هڪ اهڙو پاجامو تيار ڪيو آهي جنهن جي کيسي کي موبائيل فون چارج ڪرڻ جي صلاحيت آهي... جي ها توهان بلڪل درست پڙهيو... مون ڳالهه ڪئي هڪ فون چارج ڪرڻ واري پاجامي جي...

    [​IMG]

    توڙي جو اها ڳالهه ڪو چهچٽو ٿي لڳي پر ٽيڪنالاجي کي ڇا چئجي.. جيڪا ڪڏهن ڪڏهن اهڙي رخ کان اڳتي وڌڻ چاهيندي آهي جو ايجاد ڪرڻ وقت ڀلي ان جو فائدو گهٽ هجي پر اڳتي هلي اهڙي عمل مان ڪافي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا..
    هي پاجامون دراصل نوڪيا ڊي سي 50 وائرليس چارجنگ پليٽ استعمال ڪندي کيسي ۾ رکيل فون کي ڪنهن به تار کان سواءِ چارج ڪندو رهندو آهي... نه صرف نوڪيا بلڪي ان جي مدد سان ٻين فونز کي پڻ جيڪي ان ٽيڪنالاجي تي تيار ٿيل هجن کي بي چارج ڪري سگهجي ٿو..
    ايمازون مطابق جلد ٿوري وقت لاءِ اهو پاجامو سندن سائيٽ تان پڻ 340 ڊالرز ۾ خريد ڪري سگهبو..
    هاڻي مسئلو اهو آهي ته پاجامي کي ڌوئڻو به پوندو ان ڪري اندازو لڳائي سگهجي ٿو هن پاجامي کي گهڻو وقت استعمال نه ٿو ڪري سگهجي... پر ڪمپني ان جو به ڪو حل ته رکيو هوندو.. ان ڪري اهو پاجامو مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پوءِ ئي درست طور ڄاڻي سگهبو ته ان جي کيسي مان پليٽ ڪڍي به چارج ڪري سگهبو يا هر وقت کيسي ۾ موبائيل رکي... ۽ اهو به ته پليٽ کي چارج ڪئين ڪبو.. ڪاٿي پوري پاجامي کي ته چارج نه ڪرڻو پوندو.. :)

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    فون ارينا جي ٿورن سان
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    نوڪيا جي فائدي واري ٽيڪنلاجي.
    پاڪستان ۾ الائي ڪڏهن ايندو...؟
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    واھ جي ٽيڪنالوجي آ ، وڃ
     
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    پر جيتري پاجامي جي قيمت هوندي پاڪستان ۾ ايتري ۾ ته اسان نئي موبائل خريد ڪري وٺنداسين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو