جسم ڀُورو لباس ڪاري ۾........... وفا ناٿن شاهي

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ اسلم سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2014۔

  1. اسلم سومرو

    اسلم سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مارچ 2014
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    139
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG] [​IMG] جسم ڀُورو لباس ڪاري ۾ ......... وفا ناٿن شاهي[​IMG]
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وفا ناٿن شاهي جو بهترين غزل .. هن غزل جي وڊيو حاضر آهي



     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    واه واه ڇا ته شاعري آهي لاجواب لاجواب
     
  4. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    چند ساهن جي ڪشمڪش آهي
    جي پڇو زندگي باري ۾ ......


    واه واه ....

    .
     
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    واه واه..
    چنڊ منهڙو مٽي ويو آهي،

    پيو جيئان زلف جي انڌاري ۾ ..

    واه
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    1947ع ۾ هندستان ملڪ کي جڏهن ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ هتان جا ڪيترائي هندو اديب شاعر ليکڪ، دانشور واپاري ۽ سماجي ورڪر هي پنهنجي سنڌ ڌرتي ڇڏي ڪري هندستان وڃي پهتا ته اتان وري هڪ وڏي مقدار ۾ پناهگير سنڌ پهتا، جن مان اڪثر ته اهي نڪتا جن سنڌ جي ٿنڃ نه نه نڀائي ۽ سنڌ جي حقيقي وارثن جا جاني دشمن ٿئي بيٺا، ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڪٺو، ائين ڪٺو ڄڻ اسان انهن جي ديس تي قبضو ڪيو هجي،
    مگر انهن پناگيرن جي لانڍ مان اٽي ۾ لوڻ برابر چند پناهگيرن وري سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهو ۽ سنڌ کي مڃيو سنڌ جي ٻولي کي اپنايو، ۽ سنڌي ٻولي ۾ لکيائون ۽ سنڌي ٿئي ڪري سنڌي ۾ شاعري ڪرڻ لڳا، انهن چند پناهگيرن مان اسان جي سنڌي زبان جو شاعر وفا ناٿن شاهي پڻ هڪ آهي،
    وفا ناٿن شاهي ته سندس اديبانا ۽ شاعرانه نالو آهي مگر سندس اصل نالو ته مشتاق علي قريشي هو۔ ۔۔ هي مشتاق علي قريشي صاحب 15 مئي 1934 تي ، انڊيا جي شهر امرتسرجي ننڍڙي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾اک کولي ۽ جڏهن هي مشتاق علي قريشي صاحب اڃان 13 سالن جو مس هو ته سندس والد خيرات علي قريشي صاحب پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي ڪري اچي سنڌ پهتو۔ ۽ سنڌ ۾ سڌو اچي سيتا ڳوٺ پهتو، ، سيتا ڳوٺ کانپوء دادو ضلعي جي تعلقي. خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ گوزي ۾ اچي مستقل طور رهيو ۽ مشتاق علي قريشي (وفا ناٿن شاهي) انهيء عمر کان وٺي سنڌ جو بڻجي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَسان پيار محبت ڪرڻ لڳو۔ ۽ ۽ سنڌي مشاعرن ۾ حصو وٺڻ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ آخر ڪار سنڌي ٻولي ۾ شاعري ڪرڻ لڳو، ۽ انهيء لڳاء ۽ دلچسپي جي ڪري اهو مشتاق علي اڳتي هلي ڪري سنڌي غزل جو بادشاه بڻجي ويو، ۽ وفا ناٿن شاهي جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو۔ ۽ هميشه لاء مشتاق علي قريشي مان وفا ناٿن شاهي بڻجي ويو، جيڪا هاڻي سندس هڪ سڃاڻپ بڻجي وئي آهي، مشتاق علي قريشي صاحب هڪ سادي مذاج ۽ طبعيت جو مالڪ هو۽ علم و ادب سان بيحد کيس چاهه هو،سندس علمي ادبي واسطه سنڌ جي مشهور اديبن ۽ شاعرن سان پڻ رهيا، جنهن ۾ سنڌ جو مشور شاعر احمد شاهه استاد بخاري صاحب، محسن ڪڪڙائي صاحب، تاج محمد صحرائي صاحب، ضياء الدين بلبل صاحب، ۽ بشير سيتائي شامل آهن۔وفا مشتاق علي قريشي صاحب جا جا هيل تائين ٽي شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن جن ۾: ”اکين ۾ الماس“،ــــــــــــــــــوفا ناٿن شاهيءَ جي غزلن جو هي پهريون مجموعو، ساگرڪميونيڪيشنز، ميرپورخاص پاران، ساگر سچيڏني دَلَ، جنوري 2000ع ۾، ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل نامياري مصور عبدالرسول عباسيءَ جو ٺاهيل آهي. هن ڊيمي سائيز جي 288 صفحن جي ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي. وفا جي شاعريءَ جي هن مجموعي ۾ سندس 241 خوبصورت غزل شامل آهن۔۔ ”اوجاڳن جو انت“ــــــــــ هي ڪتاب وفا ناٿن شاهي جي شاعري جو مجموعو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپرايو آهي، جنهن تي مهاڳ سنڌ جي نامياري شاعر امداد حسيني صاحب جو لکيل آهي ۽ ان کانسواء هن ڪتاب تي مختلف اديبن شاعرن جا ڪجهه نوٽ پڻ لکيل آهن، مثلن راشد مورائي صاحب جا ، وسيم سومري، وفا پلي، وغيره جا۔ ۔ ”وفا..“ــــــــــــ هي ڪتاب جيڪو توهان مٿي پڙهي سگهو ٿا، ۽ هي ڪتاب ڪمپوز عبدالجبار شيخ ڪئي آهي ۽ پهرين هي ڪتاب وائيس آف سنڌ تي رکيل هو، مگر خبر نه آهي ته اها سائيٽ ڇو بند ٿئي وئي آهي، مگر آفرين هجي اسان جي دوست محترم سليمان وساڻ صاحب کي جنهن هن علمي ادبي سرمائي کي هٿ ڪري اسان جي هن فورم جي سيڪشن سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ مهيا ڪري پنهنجو علمي ادبي فرض نڀايو آهي۔ جنهن جا پڻ اسان سڀ شڪرگذار آهيون۔ اميد ته اهڙي محنت ڪوشش جدو جهد ۽ ڪاوش جاري ۽ ساري رکندا ايندا۔ ته جيئن اسان جا سنڌي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويهي ڪري به پنهنجي مٺڙي ٻولي ۾ سنڌي ادب شاعري کي پڙهي سگهن۔ ڇو جو اسان جا ڪيترائي اهڙا دوست آهن جيڪي سنڌ کان ٻاهر آهن ۽ انهن کي اهي سنڌي ڪتاب ات ميسر ٿئي نه ٿا سگهن ۽ اهي هن فورم جي وسيلي ڪتاب پڙهي ڪري پنهنجي علمي ادبي اڃ اجهائين ٿا۔

    مشتاق علي قريشي ( وفا ناٿن شاهي ) جي چونڊ شاعري
    اهڙو ڀاڪر نه پاءِ ماڻهن ۾،

    پنهنجي عزت بچاءِ ماڻهن ۾،
    تون ڪيو باءِ باءِ ماڻهن ۾،
    مان ڪيو هاءِ هاءَ ماڻهن ۾،
    پنهنجو ذاتي معاملو آهي،
    نه مونکي آزماءِ ماڻهن ۾

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي،
    ڪيون ته ڪهڙي تمنا تي ڪنهن سان پيار هتي
    هي ڪهڙو پيار آ، هي ڪهڙي دوستي آهي،
    تون بي قرار هُتي ۽ مان بيقرار هِتي.
    الاءِ ڪاٿي لڪي وئين ڇڏائي هٿ پنهنجو،
    ڪوئي لڳو ٿو وتي تنهنجو اشتهار هِتي.
    اسان جي قوم يتيم آهي، ديس لاوارث،
    رهي ٿو صرف لُٽيرن جو اقتدار هتي.
    نه مُرڪ ڪنهن جي چپن تي، نه ڪنهن جي اک آلي،
    رهي ٿي ڪائي ڀي موسم نه سازگار هتي.
    ’وفا‘! کلڻ تي قيامت اچي وڃي شايد،
    جڏهن روئڻ به طبيعت تي آهه بار هتي

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    جسم ڀورو لباس ڪاري ۾،

    برف باري نه ڪر سياري ۾،
    چند ساهن جي ڪشمش ۾ آ هي،
    جي پڇو زندگي ئي جي باري ۾

    گهنڃ ڪڍيو ڇڏي لباسن جا،

    ڇوڪري ناهي استري آهي
    جسم ڀورو لباس ڪاري ۾،

    برف باري نه ڪر سياري ۾


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام سٺو سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو