• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مَارُئي جي ڪَرَ لڌائون، ته بنديءَ بند نه ساريو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
جي ڪَرَ لڌائون، ته بنديءَ بند نه ساريو
ماروئڙن آئون، جيڪُس ويس وسري.


سر مارئي

جي ڪَرَ لڌائون = جي سارَ لهن هان، جي ماروئڙا ڪو آواز اٿارن هان، ڪا صدا بلند ڪن هان، ڪو احتجاج ڪن هان، واويلا ڪن هان، ڪو گوڙ گهمسان ڪن هان، ڪو شور مچائن هان.
بَندُ = قيد، بنديخانو، جيل
بنديءَ بند نه ساريو = ته جيڪر اڄ هينئن قيد ۾ نه هجان هان، عمر جي ڪوٽ ۾ واڙيل نه هجان هان
جيڪُس = شايد

* مارئي عمر جي ڪوٽ ۾ قيد هجڻ تي احتجاج ڪندي چئي ٿي ته جي منهنجا ماروئڙا عمر بادشاه جي ظلم, ڏاڍ ۽ زور زبردستيءَ تي گوڙ گهمسان ڪن هان، ڪو آواز اٿارن هان, نڪري پون هان ته جيڪر هينئن مان اڄ قيدياڻي نه هجان هان.

* پر لڳي ٿو ته شايد مون کي ماروئڙن وساري ڇڏيو آهي. اڃان تائين چپ ۽ خاموش آهن، منهنجي ڪا سارَ ئي نٿا لهن.

سمجهاڻي

ڀٽائي هر ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف آهي. ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو ته هن ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن تي ٿيندڙ هر ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف اٿي کڙا ٿيو، احتجاج ڪيو ۽ ويڙهه ڪيو. اهو توهان جو انساني, اخلاقي ۽ قانوني حق آهي.


____
سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
 
Back
Top