شريف ماڻهو، قانون ۽ گلو بٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    نور گهلو

    مسئلا تمام گهڻا آهن، بلڪه هي ملڪ پاڪستان، پاڪستان گهٽ مسئلستان وڌيڪ آهي، هر مسئلي تي اڪابرين ڪجهه نه ڪجهه لکيو ۽ چيو ضرور آهي پر هي لکڻيون ۽ ٽاڪرا، دانهون ۽ ڪوڪون، اخبارن ، مئگزينن ۽ چينلز جو پيٽ ته ڀري سگهن ٿيون پر مسئلي کي حل ڪري نه ٿيون سگهن، ڇاڪاڻ ته مسئلن کي حل ڪرڻ وارا پنهنجي سياسي ساک ۽ ڪرسي بچائڻ لاءِ مفاهمتي پاليسي سبب ۽ پبلڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ، مسئلن کي، سلجهائڻ لاءِ وري ٻيا مسئلا پيدا ڪن ٿا،۽ هر معاملي ۾ لاهور واري گلو بٽ جهڙپ ماڻهن تي مشتمل ڪميٽي ويهاري وڃي ٿي، جيڪا ويٺي ويٺي موالين جي پنڪين وانگر، آهستي آهستي ڍرُڪندي ويندي آهي ۽ پوءِ اهڙو سمهي پوندي آهي جو اٿڻ جو نالو ئي نه وٺندي آهي ۽ وري ان ڪاميٽي کي اٿارڻ لاءِ هڪ ٻئي ڪاميٽي ۽ پوءِ ٽين ۽ پوءِ چوٿين پر نتيجو ٻڙي Zero صرف ڪميٽين جي ٽي اي T.A ڊي اي D.A جا ڳرا بل عواميءََ کيسي تي بوجهه، تنهن ڪري اڄ اسان مسئلن تي ڪو نه لکنداسين پر صرف شريف ماڻهن وانگر شريف ماڻهن تي لکنداسين، جيڪي پنهنجي ڪم سان ڪم رکندا آهن، ۽ فٽ پاٿ تي بيهي ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ ويٺل چهرن جو ديدار ڪندا آهن.

    شريف ماڻهو ۽ شادي شده ماڻهوءَ ۾ ڪو فرق نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جي حالت ۽ سوچ ۾ اهڙي هڪجهڙائي هوندي آهي جهڙي اپوزيشن جماعت جي حڪومت وقت خلاف هم آهنگي هوندي آهي.

    اسان پارا بيڪار ماڻهو، فٽ پاٿ تي هلندي، ڪار وارن ڏي ڏسڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن، ڇاڪاڻ ته شريف شهري آهيون، جيڪي ٽريفڪ جي اصولن ۽ قانونن تي ايئن عمل ڪندا آهيون، جيئن شادي شده ماڻهو بيگم صاحبه جي ڳالهين تي عمل ڪندا آهن، تنهن ڪري قانون ئي عمل ڪرڻ ۽ بيگم جي اشارن تي هلڻ سوٽو موٽو ايڪشن هوندو آهي، جيڪو ججن کانسواءِ صرف شريف شهري ئي کڻي سگهندا آهن، ڇاڪاڻ ته شريف ماڻهوءَ جي سوسائٽي ۾ ۽ شادي شده جي گهر ۾ عزت بيگم صاحبه جي هٿ ۾ هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو شريف ۽ شادي شده ماڻهو وچ رستي تي هلڻ جو خطرو نه کڻندا آهن ۽ فٽ پاٿ تي هلڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهندا آهن، حالانڪه فٽ پاٿ تي هلڻ ۾ به ايترو ئي خطرو محسوس ٿيندو آهي، جيترو ماسترن کي ججن جي ڇاپن جو، ۽ نواز شريف کي طاهر القادريءَ ۽ گرينڊ اپوزيشن اتحاد مان آهي.

    فٽ پاٿ تي هلڻ جو ٻيو سبب اهو به آهي ته رستي تي هلندي ته هونءَ ئي خطرو هوندو آهي، پر فٽ پاٿ تي هلندي به اهو ئي جان جو خطرو هوندو آهي ۽ اهو خطرو پويان ايندڙ گاڏيءَ کان نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته پويان ايندڙ گاڏي ته هونءَ ئي مٿان چڙهي ويندي آهي يا ٿونو هڻي ويندي آهي اصل خطرو ته سامهون ايندڙ گاڏيءَ مان هوندو آهي ته متان اها نه مٿان چڙهي وڃي ۽ فٽ پاٿ تي هلندي گاڏين ۾ ڪي ڪي خاص چهرا به نظر اچي ويندا آهن، جن کي ڏسي دل چوندي آهي ته بک، بيماري، بي روزگاري، سوسائٽي جي ڌڪار ۽ زال جي دڙڪن کان تنگ اچي پنهنجو پاڻ کي ان خاص چهري واري گاڏي اڳيان کڻي ڦٽو ڪجي ۽ عام رواجي خودڪشي ڪرڻ بدران خودڪشي جي عمل کي خوبصورت انداز ۾ ڪيو وڃي ته اخبار ۾ به سٺو فوٽو ڇپجي ويندو، پر افسوس سان ايئن به ڪري نه سگهندا آهيون، جو هڪ ته گهر ۾ ويٺل شريف زال جي بيواهه ۽ ٻارن جي يتيم ٿيڻ جو ڊپ هوندو آهي ۽ اوهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن ڪا جوان عورت بيواهه ٿيندي آهي ته پاڙي جا سڀ مرد، ڇورا ڇپاٽا، پنهنجون نظرون ٻلي وانگر بيواهه جي در ۾ کپائي ڇڏيندا آهن. هونءَ به مرد عورت جي معاملي ۾ ماڻهو گهٽ ٻلو وڌيڪ نظر ايندو آهي، اهو ئي سوچي خودڪشي جو ارادو ملتوي ڪري صرف ٻن ڳالهين تي سوچيندا آهيون، هڪ ته ڪار جو نه هجڻ ۽ ٻيو شادي شاده هجڻ ۽ جڏهن ڪا ڪار اچانڪ ڪئي ڇاپ هارن وڄائي، مواليءَ وانگر اسان جا نشا ٽوڙي ويندي آهي تڏهن اسان به سماج کان باغي ٿي ويندا آهيون ۽ ڪا نه ڪا، ڪار چوري ڪرڻ جو سوچي ويهندا آهيون، پر افسوس ان تي عمل ڪري نه سگهندا آهيون جو هڪ ته شريف آهيون ۽ شريف ماڻهوءَ جا هٿ رڳو پنهنجي ٽوپي بچائڻ ۾ هوندا آهن، چوريءَ جي ڪار جو اسٽيئرنگ ڪيئن سنڀاليندا ۽ ٻيو ته اسان وٽ چوريءَ جي ڪار لڪائڻ لاءِ جڳهه به ڪا نه هوندي آهي.

    اسان جهڙن شريف ماڻهن جيڪي سڄي عمر ايمانداريءَ سان نوڪري ڪري خاموشيءَ سان رٽائر ٿي ويندا آهن ته رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو گهر به وٺي نه سگهندا آهن، اُهي ڪار کي لڪائڻ لاءِ جڳهه ڪٿان آڻيندا، دوست طالب توائيءَ جي بقول : ” چوريءَ جو مال لڪائڻ لاءِ، ٿاڻي کان وڌيڪ محفوظ جاءِ دنيا ۾ آهي ئي ڪو نه “ ڳالهه ته دل سان لڳي ٿي، پر ان لاءِ وري پوليس سان دوستي رکڻي پوندي ۽ ڪنهن شريف ماڻهوءَ سان پوليس جي دوستي، ڪٿي پوليس وارن جي ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃي ۽ ڊپارٽمينٽ جي بدنامي جو سبب به ٿي سگهي ٿي ۽ پوليس عملدار کي شريف ماڻهو سان دوستي رکڻ جي الزام ۾ لائين حاضر نه ٿيڻو پوي، ڇاڪاڻ ته پوليس وارن جو واسطو ئي چورن، ڌاڙيلن ۽ بشنين سان آهي ته پوءِ شريف ماڻهوءَ سان دوستي ڇو ؟ اسان کي پوليس وارن سان به همدردي آهي، تنهن ڪري هنن سان دوستي رکي، سندن نوڪري خطري ۾ وجهڻ بدران، فٽ پاٿ تي هلندي، پنهنجي بزدليءَ کي شرافت جو پاجامو پارائي قانون تي عمل ڪندا آهيون ۽ فٽ پاٿ تي هلندي، ڪار وارن ڏانهن حسرت سان ڏسڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهيون.

    ان عمل سان ٻيو ڪجهه نه سهي گهٽ ۾ گهٽ اهو فائدو ضرور ٿيندو آهي ته ڪي خوبصورت منظر به نظر اچي ويندا آهن، مثال طور هڪ ڀيري اسان هڪ ڪار ڏٺي، جيڪا اسان کي ٿونو هڻي اڳتي نڪري وئي ته اسان ڏٺو ڪار جي پويان انگريزيءَ ۾ لکيل هو Reach Me يعني مون کي پهچ ته ڏسان ۽ وري ڊرائيونگ سيٽ تي ڏٺو ته گورنمينٽ آف پاڪستان، بيگم صاحبه جي روپ ۾ ويٺي هئي، ايئن ڪونهي ته اسان بيورو ڪريٽن جي بيگمات جي …. کي ذاتي طرح سڃاڻو ٿا، اصل ۾ گاڏيءَ جي نمبر پليٽ مان ئي سندن فيمليءَ جي سڃاڻپ ٿي ويندي آهي جنهن تي G.p نمبر هوندو آهي، اهڙي ڪار کي ڏسي اسان ٿڌو شوڪارو ڀري دل ئي دل ۾ چوندا آهيون ته God Will Reach u يعني توهان سان ته خدا ئي پڄي سگهي ٿو. اهڙي طرح هڪ ٻي ڪار ڏٺي جنهن جي سامهون ونڊ اسڪرين تي لکيل هو Mod girl يعني ماڊرن ڇوڪري، جڏهن ماڊرن ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ ڊرائيونگ سيٽ تي نظر وڌي ته ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل شخصي کي ڏسي، اسان ٿڌو ساهه به کڻي نه سگهياسين جو ساهه ڄڻ مُٺ ۾ اچي ويو، ڇاڪاڻ ته ڊرائيونگ سيٽ تي شيدي ويٺو هو، اهڙي طرح هڪ ٻي ڪار به ڏٺي سين، جنهن جي پويان لکيل هو Don’t stell the Car, It’s always stolen يعني هن ڪار کي چورائڻ جي ڪوشش نه ڪجو، ڇاڪاڻ ته هي اڳ ۾ ئي چوري ٿيل آهي، اسان حيرت مان ڊرائيونگ سيٽ ڏانهن ڏٺو ته اتي هڪ وڏو پوليس آفيسر ويٺل هو، تڏهن اسان ٿڌو ساهه کڻي سوچيو ته ڪاش اسان ماستر بدران پوليس آفيسر هجون ها.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو