سنڌ کي ورهائي نئون صوبو ٺاهڻ پاڪستان جي ورهاست هوندي، نون صوبن جي خلاف آهيون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ کي ورهائي نئون صوبو ٺاهڻ پاڪستان جي ورهاست هوندي، نون صوبن جي خلاف آهيون

    :

    خالد محمود سومرو
    اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ جي سنڌ مان چونڊيل سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومري ايم ڪيو ايم جي ملڪ اندر نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم جي خاتمي ۽ نوان صوبا ٺاهڻ وارن مطالبن کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي حق ۾ نه آهيون، سنڌکي ورهايو ويو ته اها پاڪستان جي تقسيم هوندي،سينيٽ جي ايوان ۾ تقرير ڪندي جي يو آءِ جي سنڌ مان چونڊيل سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومري چيو آهي ته سرحد صوبي کي ايوان اندر پختونخواهه چيو ويندو رهيو آهي، هاڻي ان جي مخالفت ڪندڙ ان وقت ڪٿي هئا، جي يو آءِ پختونخواهه صوبي جي نالي حمايت ڪري ٿي، هن چيو ته جي يو آءِ ملڪ اندر وڌيڪ نون صوبن جي قيام جي حق ۾ نه آهي، صوبن جي تقسيم ملڪ جي تقسيم برابر آهي، جي يو آءِ سنڌ کي ٽوڙي نئون صوبو ٺاهڻ جي اجازت نه ڏيندي، اهو عمل ملڪ جي تقسيم برابر هوندو، هن ايم ڪيو ايم پاران ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪرڻ واري مطالبي کي رد ڪندي چيو ته نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم ٻهراڙين ۾ شهرن وانگر سهولتون فراهم ڪرڻ تائين قائم رکيو وڃي، ان کي اسان ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان ان جي مزاحمت ڪنداسين، هن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي جي ڪوٽا تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، ملڪ اندر وصول ٿيندڙ انڪم ٽيڪس ۾ سنڌ جو 64 سيڪڙو حصو آهي، ڪسٽم ٽيڪس جي آمدني ۾ سنڌ 80 سيڪڙو حصو ڏئي ٿي، ملڪ اندر تيل جي ڪل پيداوار ۾ سنڌ 62 سيڪڙو، گئس جي پيداوار ۾ 73 سيڪڙو حصو ڏئي ٿي پر ان هوندي به سنڌ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڇا سنڌ کي ان ڪري نظر انداز ڪيو پيو وڃي جو سنڌ سڀني کان اڳ پاڪستان ٺهڻ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي، قائد اعظم سنڌ جو هو ۽ پاڪستان ٺهڻ وقت سڀ کان وڌيڪ مهاجرن کي سنڌ جاءِ ڏني هئي، هن چيو ته بندرگاهون، تيل، گئس سوڌو قدرتي وسيلا صوبن حوالي ڪري انهن جي مالڪي تسليم ڪئي وڃي، هن چيو ته نئين اين ايف سي ايوارڊ تي سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب کي جشن ملهائڻ گهرجي اهو انهن جو حق به آهي پر ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ به سنڌ کي حق نه مليا آهن، ستين اين ايف سي ايوارڊ تحت پنجاب کي ڪمايل رقم پوڻا چار سئو اربن جي ڀيٽ ۾ 420 ارب ملندا، بلوچستان ٽيڪسون 14 ارب گڏ ڪندو، ان بجاءِ کيس 83 ارب ملندا، سرحد 30 ارب ڪمائيندو کيس موٽ ۾ 130-140 ارب ملندا پر سنڌ هڪ هزار ارب گڏ ڪري ويندو ۽ موٽ ۾ رڳو 180 ارب ملندا، جيڪو انصاف نه آهي، سنڌ مان زيادتي جا انگ اکر پيش ڪرڻ وقت ايوان ۾ شيم شيم جا نعرا به گونجندا رهيا.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ کي ورهائي نئون صوبو ٺاهڻ پاڪستان جي ورهاست هوندي، نون صوبن جي خلاف آهيون

    اسين سنڌ جي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهونءَ کي اپيل ٿا ڪريون ته هو سنڌ بچائڻ واري جدوجهد ۾ اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جي ازالي ڪرائڻ ۾ هٿ ونڊائي سنڌي هجڻ جو ثبوت ڏين ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو