منصور سرور
سينيئر رڪن
ماکي گڏ ڪندڙ ماڻهو ته گهڻائي آهن پر برازيل ۾ اهو ڪم هڪ هاڻي گڏهه کان ورتو وڃي ٿو جيڪو هن ڪم ۾ ماهر ليکيو وڃن ٿو.هي دنيا جو پهريون گڏهه آهي جنهن کي هن تجربي لاءِ ڪتب آندو ويو.هي گڏهه نهايت ايمانداري سان ماکي گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو هن جي محنت کي هرڪو داد ڏيڻ تي مجبور ٿيو وڃي.گڏهه نه رڳو اڪيلو پر هن جو مالڪ به هن ڪم ۾ هن سان هٿ ونڊائي ٿو.سڀ کان دلچسپ ڳالهه هي آهي ته هن گڏهه سان گڏ 120 ماڻهو ماکي ڪڍڻ جو ڪم ڪن ٿا.پر انهن سڀني ۾ ڪامياب هي گڏهه ئي آهي. جنهن جو نالو بونينسو رکيو ويو آهي.مقامي طور تي هن گڏهه کي پروفيسر پارڊل به سڏيو وڃي ٿو هن جي ڊريس به اهڙي آهي ڄڻ ڪو گڏهه نه پرخلاباز هجي.
