ماکي سان جسماني ۽ دماغي ٿڪاوٽ ختم ڪريو

'صحت سرير جي' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماکي سان جسماني ۽ دماغي ٿڪاوٽ ختم ڪريو!
    [​IMG]ماکي واري چانهه دمي ۽ کنگهه جي مريض لاءِ ڪافي صحت بخش آهي ۽ ماکي خطرناڪ بيمارين سان مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي ٿي.

    کير پياڪ ٻارن کي جيڪڏهن پهريان 9 مهينا ماکي کارائجي ته هو سيني جي خطرناڪ بيمارين کان بچي ويندا. ماکي قبض کي ختم ڪرڻ ۾ به مدد ڏئي ٿو. صبح شام ماني کائڻ کان ڪلاڪ اڳ ماکي کي نيم گرم پاڻي ۾ ملائي پي ڇڏجي. ماکي سهاڳي ۾ ملائي منهن کي هڻجي ته ان مٿان ڇالا ۽ داڻا ختم ٿي ويندا. ڳچي تي هڻڻ سان خارش ختم ٿي ويندي. ماکي کائڻ واري کي ڪڏهن زوڪام ناهي ٿيندو.

    زوڪام وارو ماکي کائيندو ته ان جو زڪام به ختم ٿي ويندو. ماکي سيءَ کان به بچائي ٿي ۽ ان جي کائڻ سان ماڻهو ٿڌي پاڻي ۾ به وهنجي سگهندا آهن. ٻڪري جي کير ۾ ماکي ملائي پيئڻ ساان اوهان جو رت صاف ٿي سگهندو. چرٻي به گهٽ ڪندو. هي تاثر پڻ غلط آهي ته ماکي کي گرمين ۾ نه کائڻ کپي. هي قدرت جي اهڙي نعمت آهي جنهن مان ڪهڙي به موسم ۾ فائدو وٺي سگهجي ٿو. ماکي کي هضم ڪرڻ ۾ معدي کي وڌيڪ تڪليف جي ضرورت ناهي پوندي. هي ته صرف کاڌو هضم ڪندي آهي. پر گڏوگڏ بک به ڏياريندي آهي ۽ جسماني چستي کي به برقرار رکندي آهي. هي ساڳي وقت دوا به آهي ۽ توانائي بخشيندڙ شئي به آهي.

    ماکي ڪمزور دماغ وارن لاءِ انتهائي ڪارائتي شئي آهي. هي چهري جو رنگ به صاف رکي ٿي ۽ خون به صاف ڪري ٿي هن جي روزانه استعمال سان معدو به صحتمند رهي ٿو. پاڻي ۾ پيئڻ سان اکين کي فائدو ٿيندو آهي.

    ماکي کي کائڻ جو طريقو:
    ماکي ٻار 5 چمچه، جوان 9 چمچه ۽ پوڙها سوا تولو وقت جي ضرورت مطابق پاڻي ۾ ملائي پيئڻ يا چٽين، ننڍن ٻارن کي چٽائي ويندي آهي، بيهوشي، ڪمزوري ۽ دل جي ڌڙڪ بيهڻ جي صورت ۾ نيم گرم پاڻي ۾ ملائي پيئجي. سياري ۾ گرم پاڻي ۾ ۽ هاڙ ۾ ٿڌي پاڻي ۾ ملائي ماکي پيئجي، ماکي کي باهه تي نه سيڪيو باهه تي سيڪڻ سان ماکي زهر ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.

    پراڻي ماکي جي تاثير:
    ماناري مان لٿي جنهن ماکي کي سال کن ٿي وڃي ان ماکي کي پراڻي ماکي چئبو آهي. جيڪاس چرٻي گهٽائڻ ۽ ٿولهه کي گهٽائڻ ۾ ڪم ايندي آهي، ماکي پراڻي ٿيڻ سان جلد ئي هضم ٿيڻ لڳندي آهي. پراڻي ماکي جو مٿيون حصو سنهڙو ۽ هيٺيون حصو رکو ۽ هلڪو هوندو آهي. کنگهه هجڻ جي گهڻائي زهر جي تاثير پيدا ڪندي آهي.

    ڪچي ماکي جي تاثير:
    ماناري ۾ جيسين ماکي ڳاڙهي نه ٿي وڃي ۽ هلڪي پيلي هجي ان کي ڪچي ماکي چئبو آهي. اها جسم ۾ تيزابيت پيدا ڪندي آهي ۽ جسم کي سڪائي ڇڏيندي آهي. جنهن سان جسم ۾ ناڪاري مادا پيدا ٿي وينداس آهن.

    پڪل ماکي جي تاثير:
    ماناري ۾ ئي ماکي جڏهن ٻچي ڳاڙهي ٿي وڃي ته اها پت، ڪف ۽ دات کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. اها زبان جي خشڪي به ختم ڪندي آهي، بک به لڳرائيندي آهي ۽ ذهني طاقت ۾ اضافو به ڏيندي آهي.
    روزاني عوامي آواز، جمعو 20 جون 2014ع؛ 21 شعبان 1435هه
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو