سر ڪلياڻ جو فلسفو محترم معمور يوسفاڻيڪائنات جي تخليق بابت دنيا ۾ جيڪي مکيه نظريا هلندا پيا اچن، اهي آهن الحاد، شرڪ ۽ توحيد، جڏهن سوال ٿو اٿي ته ”سنسار“ ڇا آهي؟ اهو خود بخود وجود ۾ آيو آهي يا ان جو ڪو خالق ۽ منتظم آهي؛ ڀلا جيڪڏهن ڪو خالق آهي ته اهو هڪڙو آهي يا گهڻا آهن؛ ۽ انهيءَ جو انساني زندگيءَ سان ڪهڙو تعلق آهي؟، ته الحاد کان جواب ملي ٿو ته، سنسار ازلي ۽ ابدي آهي، ان جو ڪو به خالق ڪو نه آهي، اهو جيئن هلي پيو ائين ئي هلندو رهندو ۽ ڪڏهن به ختم نه ٿيندو. انسان اشرف المخلوقات ڪو نه آهي، هو ڪروڙين سال اڳ مرده مادي مان ترقي ڪري ننڍڙن جيو گهرڙن جي صورت ۾ اچي، پوءِ رفته رفته شڪليون بدلائيندو باندر جي صورت ۾ آيو. جتان پوءِ ترقي ڪري انسان بڻجي ويو. الحاد جي سموري ڍانچي جو دارومدار ماديت جي فلسفن تي آهي، جنهن جو مقصد آهي ته دنيا ۾ انسان تي فقط پيٽ کائڻ، نفساني خواهشون پوريون ڪرڻ، عيش عشرت جي زندگي گذارڻ، اقتدار لاءِ مٿو ڪٽڻ، ۽ رنگين محفلن رچائڻ کان سواءِ ٻي ڪا به جوابداري ڪو نه آهي. هن نظرئي موجب اسان هڪ مشين بڻجي وڃي ٿو، جيڪو ساري زندگي مادي مفادات جي حصول لاءِ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر وهندو رهي ٿو. هن وٽ اخلاق ۽ انسانيت بي مقصد ۽ بي معنيٰ آهن. هو پنهنجي معمولي کان معمولي خواهشن لاءِ ذليل کان ذليل ترين ڪم ۽ وڏي کان وڏو ظلم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. هن جي حالت ان پاليل جانور وانگر هوندي آهي، جيڪو پاروٿي ٽڪر ۽ چوسيل هڏيءَ خاطر پنهنجن هم جنسن سان وڙهندي دير نه ڪندو آهي. الحاد جڏهن عام ٿي ويندو آهي تڏهن دنيا ۾ بُرائي، بي ايماني، لالچ، ڦريون، ڌاڙا، جنگيون، جهيڙا، ظلم ۽ زبردستي جي بازار گرم ڏسبي آهي. ۽ پوءِ انساني معاشرو بکين بگهڙن، خونخوار دردن ۽ خوفناڪ آفتن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. ساڳئي سوال جو جواب شرڪ جي اڏن ۽ ادارن کان وري هيئين ملندو ته: ڪائنات جي تخليق ۾ خدا سان ٻيا به ڀائيوار آهن، ۽ اهي به خدا وانگر زبردست طاقت جا مالڪ آهن، ۽ جدا جدا تخليق ڪندا رهن ٿا. اهڙيءَ طرح مختلف ڪمن لاءِ مختلف خدا مقرر ڪرڻ سان گڏو گڏ، مادي، روح، زمان ۽ مڪان کي به انادي ۽ ازلي چوڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. مشرڪ جو معلوم الحاد کان به وڌيڪ خراب آهن. الحاد جي راءِ تي هلڻ ڪري انسان فقط ترقي يافته حيوان بنجي ٿو، پر شرڪ سان همڪنار ٿيڻ بعد هو حيوانيت جو بدترين پرستار بڻجي هلي ٿو، ته رڳو حيوانيت, پر جبل، سمنڊ، ڀٽون، دڙا، وڻ، وليون، گاهه، ٻوٽا باهه، پاڻي، نانگ، بلائون ۽ ڪيڙا ماڪوڙا وغيره به هن لاءِ خدا بڻجي وڃن ٿا، ۽ هو انهن کي پنهنجي قسمت جو مالڪ سمجهي سندن آڏو سجدا ڪندو ۽ نراڙ گسائيندو ڏسبو آهي. شرڪ خدا پرستيءَ جو ضد ۽ عظيم ترين گمراهي آهي. هو هڪ اهڙو غير عقلي مفروضو ۽ جاهلانه قدم آهي، جيڪو نه رڳو مشرڪ لاءِ نقصانڪار آهي بل سڄي معاشري لاءِ هڪ قسم جو ناسور آهي. ڪنهن مخلوق کي عبادت ۽ پوڄا جو مستحق سمجهڻ، ان جي آڏو رڪوع ۽ سجدا ڪرڻ، کانئس مرادون ۽ مقصد گهرڻ، کيس مدد لاءِ پڪارڻ، کانئس خدا وانگر ڊڄڻ، ۽ مٿس وانگر ڀروسو رکڻ وغيره شرڪ جا مختلف روپ آهن، جيڪي انسانيت لاءِ تباهي ۽ تذليل جو باعث ۽ توهين آهن. ساڳئي سوال جو جواب توحيد کان وري هن طرح ملندو: ”ڪائنات جو خالق فقط هڪڙو خدا آهي، ان جو ڪوبه ثاني ۽ شرڪ ڪونه آهي، هو مالڪ خالق، مشڪل ڪشا ۽ حاجت روا آهي. زندگي ۽ موت، نفعو ۽ نقصان، عزت ۽ ذلت، دولت ۽ حڪومت سڀ سندس ئي هٿ ۾ آهن. ٽنهي طبقن جي جوابن تي جيڪڏهن غور ڪبو ته الحاد ۽ شرڪ وارا جواب بي دليل، بي مقصد، کوکلا، واهيات ۽ بلڪل غلط آهن. جيڪي انسان کي هميشـﮧ جهالت ۽ وهم پرستيءَ جي اوڙاه ۾ اڇلائي ڇڏين ٿا، ۽ رڳو توحيد جو جواب ئي صحيح ۽ تسلي بخش آهي، جيڪو انساني زندگيءَ جو رخ صحيح راهه ڏانهن موڙي ڇڏي ٿو. الحاد چوي ٿو ته ڪو به خدا موجود ڪونه آهي، ۽ شرڪ وري ڪمزور ۽ ناقص وجود کي خدا تسليم ٿو ڪري ۽ توحيد جي دعويٰ آهي ته هڪ عظيم هستي آهي، جنهن هن ڪائنات کي خلقيو آهي، جيڪو وحدهُ لا شريڪ لَـﮧُ آهي، جنهن جو نالو الله آهي. الحاد چوي ٿو ته هيءَ ڪائنات نيست مان هست ٿي آهي. الحاد جي هيءَ دعويٰ قياس ۽ عقل جي خلاف آهي، ڇو ته اسين ڪا به شيءِ اڻ هوند مان ٿيندي نٿا ڏسون، ۽ اسين ڏسون پيا ته ڪائنات جا سڀئي وجود، جن، انسان، فرشتا، وغيره ظاهري طرح مڪمل هوندي به نامڪمل ۽ ناقص آهن. انهن نامڪمل ۽ ناقص وجودن جي موجودات ئي ثابت ٿي ڪري ته ڪا مڪمل هستي ۽ مڪمل وجود موجود آهي جنهن کان هي ڪائنات وجود ۾ آئي آهي. ڇو ته نامڪمل ۽ ناقص شين جي منزل ۽ مقصود ٿي نه ٿي سگهي. ان ڪري هيءُ موجودات خدا پاڪ جي وجود ۾ سڀ کان وڏو دليل آهي، جنهن کي منطق ۽ فلسفو ٻئي قبول ڪن ٿا. قرآن پاڪ توحيد جو وڏو داعي ۽ علمبردار آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته ”الله هڪ آهي، هو حاضر ناظر ۽ موجود آهي، هڪ آسمانن کان زمين تائين هر آمر جو انتظام ڪري ٿو“. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه نه رڳو شريعت جو تابع، طريقت جو ڄاڻو، حقيقتن جو رازدان ۽ معرفت جو واقف صوفي هو، بلڪه هو دنيا جو عظيم شاعر ۽ قرآن پاڪ جو وڏو شارح پڻ هو، جو پنهنجن بيتن لاءِ پاڻ ئي چيو اٿس ته: ”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين“ هونءَ ته سندس سڄو ڪلام، ڪلام پاڪ جي آيتن جو تفسير ۽ تشريح آهي پر سڄي رسالي ۾ سر ڪلياڻ سڀني سرن کان اهم آهي، جيڪو شرڪ ۽ الحاد جي پاڙ پٽي، توحيد جو فلسفو سمجهائي، صحيح گس تي پهچائي ڇڏي ٿو. رسالي ۾ سر ڪلياڻ کي اها حيثيت حاصل آهي جيڪا قرآن پاڪ ۾ سورة فاتحه کي آهي. قرآن پاڪ ۾ آيو آهي ته: سڀڪا تعريف ان الله کي جڳائي، جو سڀني جهانن جو پاليندڙ آهي (فاتحه)، ”هو ذات بابرڪات آهي، ان جي هٿ ۾ سڀ حڪومت آهي ۽ هو سڀ شيءِ تي قادر آهي“ (الملڪ– 1). قرآن پاڪ جي انهن آيتن جي روشنيءَ ۾ شاهه صاحب سر ڪلياڻ جو پهريون بيت چيو ته: ”اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي“ قرآن پاڪ ۾ آيو ته: ”يقين رکندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آهن ۽ خود اوهان جي وجود ۾ به، ڇا اوهين نٿا ڏسو” ۽ ٻئي هنڌ ٻڌايو ويو ته ”اوهين جيڏانهن به رخ ڪندؤ اتي خدا آهي“. ڀٽائي رحه انهن آيتن جو تفسير هيئن پروڙايو ته: ايڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون، جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون. قرآن پاڪ ۾ آيو ته: ”الله هو ۽ ان سان گڏ ڪا به شيءِ ڪونه هئي“ ۽ ٻئي هنڌ ٻڌايو ويو ته ”تنهنجو رب جيڪي چاهي ٿو پيدا ڪري ٿو، جيڪي چاهي ٿو، انقلاب ڪري ٿو“ (القصص) ۽ ڀٽ ڌڻيءَ انهن آيتن جو مفهوم وري هيئن سمجهايو ته: پاڻهين جل جلال هو، پاڻهين جان جمال قرآن پاڪ ۾ آيو ته: ”هو آسمانن ۽ زمينن جو خالق ۽ موجود آهي، جڏهن هر ڪنهن شيءِ جو فيصلو ڪري ٿو ته چوي ٿو ته ٿيءُ، هوءَ ٿي پوي ٿي (البقره – 177). شاهه صاحب انهن آيتن جو تفسير هيئن سمجهايو ته: ”وحدتا ڪثرت ٿي، وحدت ڪثرت ڪل“ قرآن پاڪ ۾ چيو ويو ته”انسان پنهنجي پاڻ تي حجت آهن“. ۽ ڀٽائي رحه ان جو بيان سمجهايو ته: ”سڀ سڀوئي حل، منجهائي معلوم ٿئي“ قرآن پاڪ ۾ آيو ته: ”هي الله جي جوڙ آهي، تون ڏيکار ته ان کان سواءِ ٻئن ڇا پيدا ڪيو آهي؟ (لقمان). ٻئي هنڌ آيو ته–”الله کان سواءِ اهي هڪ مک به پيدا ڪري نٿا سهن، توڙي اهي سڀئي گڏجي زور لڳائين“ (اسجح)، وڌيڪ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته: ڪائنات جي جوڙ ۽ ان جي نگراني هن لاءِ بار ڪونه آهي. هو مٿانهون ۽ عظمت جو صاحب آهي“. ڀٽائي رحه به اهو بيان هيئن سمجهايو ته: ”ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون“ انهيءَ جوڙ جي وڌيڪ وضاحت ڪندي فرمايائين ته: خاوند خاص خلقي، محمد مڪـــــائين، ڪلمون تنهن ڪريم تي، چٽو چيائين، انا مولاڪ وانت محبوبي، ائين اتائيـــن، ڏکـــي ڏنـــائين، ٻئي سـرائون ســــيد کي. هن بيت ۾ توحيد سان دؤر رسالت جو ذڪر ڪندي اهو سمجهائين ته الله پاڪ جيڪا جوڙ جوڙي آهي تنهن ۾ حضرت محمد صلعم خاص آهي. هو حامي هادي هاشمي سردارن سردار آهي. هو سڀني نبين ۾ افضل آهي. هن کي سڀني جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليون ويو آهي. قرآن ۾ آيو آهي ته: ”اي محمدصه اسان توکي سڀني انسانن ڏي بشارت پهچائڻ لاءِ موڪليو آهي. (سنبا – 2) ”اي محمد! اسان توکي سڀني جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي. (انبيائ – 7) وڌيڪ اهو حڪم ٿيو ته، ”اي محمد! چئو ته اي انسانو، آئون اوهان سڀني ڏي خدا پاڪ جي طرفان موڪليل رسول آهيان“ (الاعمران – 2) ۽ الله پاڪ حضور جن کي وڌيڪ اها پڻ نوازش ڪئي جو سندن ئي وقت ۾ دين کي مڪمل ڪري ڇڏيو. قرآن ۾ آهي ته، ”اڄ مون توهان جي دين کي مڪمل ڪيو، توهان تي پنهنجو نعمتون تمام ڪيون، توهان اسلام جو طريقو پسند ڪيو“. (عائد – 1). دين کي مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ قرآن پاڪ جي ذريعي هو پڻ ٻڌايو ويو ته، ”اهو پاڪ خدا آهي. جنهن پنهنجي رسول کي هدايتن ۽ سچي دين سان موڪليو ته هو سڀني دينن تي ”دين حق“ کي غالب ڪري.“ (الفتح – 7) قرآن پاڪ جي مٿئين بيان کان پوءِ ثابت ٿي ويو ته اسلام هڪ مڪمل دين آهي. جنهن کان الله راضي آهي. سو فقط ان تي ئي عمل ڪرڻ سان نجات حاصل ٿي سگهي ٿي، ۽ الله پاڪ جي ذات ۽ صفات جي پروڙ پئجي سگهي ٿي. اسلام مڪمل دين آهي تنهن جي خبر قرآن پاڪ ئي ڏني ۽ قرآن پاڪ لاءِ وري الله پاڪ فرمايو ته، ”اسين قرآن پاڪ جي ذريعي شيون نازل ڪريون ٿا جيڪي مومنن لاءِ شفا ۽ رحمت آهن“. هاڻ اسان جو فرض ٿيندو ته اسين انهن شفا ۽ رحمت وارين شين جي ڳولا ڪريون ۽ اهي حاصل ڪريون. قرآن پاڪ جي مطالعي کان پوءِ واضع ٿي وڃي ٿو ته اهي شفا ۽ رحمت واريون شيون آهن. ڪلمو، نماز، روزو، زڪواة، حج، خيرات استغفار، صبر، شڪر، توڪل، آخرت تي ايمان ۽ حلال رزق جي تلاش وغيره، جن جي حاصلات سان اسان کي بندگيءَ جو احساس، امر جي اطاعت، حقوق العباد جي ادائگي، فرض شناسي، نفس تي ضابطو، تقويٰ جي فضا، سيرت جي تعمير، جماعتي احساس، جماعتي تنظيم، يادگيريءَ، تياري، امداد باهمي جو روح، واحد مرڪز، صف بندي ۽ استقامت جهڙا گڻ ۽ فائدا حاصل ٿين ٿا. انهيءَ ڪري ئي شاهه صاحب چئي ڇڏيو آهي ته: وحـــــدهُ لا شــــريڪ لَـﮧُ چئي چوندو آءُ، فرض، واجب، سنتـــــون، تنئـــــون تَمَ پاءِ، توبـــهه سنـــدي تسبـــــيح، پڙهڻ ساڻ پڄاءِ، نڱا پنهنجي نفس کي، ڪا سئين راه سُنهاءِ، ته سنـــــدي دوزخ باه، تو اوڏيـــائي نه اچي. هن بيت ۾ شاهه صاحب دوزخ جي باهه کان بچڻ لاءِ فقط سئين راهه جو ڏس ڏنو آهي. جيڪا عام شريعت محمدي، جنهن تي نه هلڻ ڪري يا ان جو انڪار ڪرڻ ڪري ئي انسان گنهگار ٿي دوزخ ۾ پهچي ٿو. جنهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ چيل آهي ته،(جنتي) گنهگار کان پڇندا ته ڪهڙي شيءِ اوهان کي دوزخ ۾ وڌو، هو جواب ڏيندا ته اسين نماز نه پڙهندا هئاسون ۽ مسڪينن کي کاڌو نه کارائيندا هئاسون، اسين حق جا مخالف بڻجي بحث ڪندا هئاسون ۽ اسين جزا سزا کي ڪوڙ چوندا هئاسون، (موثر). دنيا آخرت جي پوک آهي. آخرت لاءِ جيڪي به ڪجهه ڪرڻو آهي اهو سڀ دنيا ۾ ئي ڪرڻو آهي. دنيا ۾ اگر چڱا ڪم ڪيا ته آخرت ۾ به ڇوٽڪارو حاصل ٿيندو ۽ جنت ۾ جاءِ ملندي جتي شراباً طهورا جهڙو پاڪ شراب ملندو، جنهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ ٻڌايو آهي ته، ”انهن کي انهن جو رب پاڪ شراب پياريندو (۽ کين چيو ويندو ته) بيشڪ هيءُ اوهان جو اجورو آهي ۽ اوهان جي جدوجهد مقبول ٿي“ (الدهر – 1) شاهه صاحب انهيءَ حقيقت کي هن طرح واضع ڪيو آهي ته: وحدهُ لا شريڪ لَـﮧُ اي وهائج وريءُ، کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ، ”پاڻان چوندءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو. چالاڪ انسان جڏهن لڪ ۾ شريعت جي خلاف قدم کڻي ڪو گناهه جو ڪم ڪندو آهي تڏهن اهو سوچيندو آهي ته مڙئي خير آهي، ڪير به ڪونه ٿو ڏسي، سزا جزا کان بچي وڃبو. پر الله پاڪ جيڪو عالم الغيب آهي اهو ٻانهي اها فطرت ڄاڻي ٿو سو کيس ٻڌائي ٿو ته ”بيشڪ توتي نگهبان مقرر آهن، اهي بزرگ اهو سڀ لکن ٿا، جيڪي تون ڪرين ٿو“. ٻئي هنڌ ٻڌائي ٿو ته، ”انهن تي انهن جا ڪن، انهن جون اکيون، ۽ انهن جون کلون شاهديون ڏيندا (السجده). ٻئي هنڌ چوي ٿو ته، ”هو جيڪي ڪندا، ان بابت سندن هٿ ٻڌائيندا ۽ پير شاهدي ڏيندا (اسين). ڀٽائي رحه انهيءَ حقيقت کي اجهو هن نموني سمجهايو آهي. وحــــدهُ لا شـــــريڪ لَــــــﮧُ ٻڌئ نــــــه ٻوڙا، ڪ تو ڪنين نه سئا، جي گهٽ اندر گهوڙا، ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿينـــدء سامهان. سر ڪلياڻ جي مٿئين مختصر بيان مان معلوم ٿي ويو ته هو سڄو قرآن پاڪ جو آهي. هن ۾ واضع طور سمجهايل آهي ته توحيد سان گڏ رسالت جو پروڙڻ ۽ سمجهڻ ۽ شريعت محمدي تي عمل ڪرڻ لازم آهي. اهو ئي واحد رستو آهي جيڪو انساني نجات جو باعث آهي. انهيءَ رستي تي هلندا ۽ شريعت جي راهه تي سفر ڪرڻ ٿورو ڏکيو ته آهي پر ان کي سولو ڪرڻ لاءِ نسخو ڏسيل آهي. قرآن پاڻ چوي ٿو ته، ”تون چئه ته منهنجو جيئڻ، منهنجو مرڻ، سڀ الله لاءِ آهي، جيڪو جهانن جو پاليندڙ آهي، جنهن جو ڪو به شريڪ ڪونه آهي“. (انعام – 20). شاهه صاحب انهيءَ لاءِ ٻڌايو ته: ”عاشقن پنهنجو اڱ، الله ڪارڻ وڍيو“ الله ڪارڻ اڱ وڍڻ لاءِ لازمي آهي ته الله کان سواءِ ٻئي جي آڏو نه جهڪجي. فقط الله پاڪ آڏو سجدو ڪجي. قرآن ۾ آيو آهي ته، ”ان سان گڏ ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته شرڪ وڏو ظلم آهي“. (لقمان). شرڪ ظلم آهي، دوئي آهي، ٻيائي آهي، بربادي ۽ تباهيءَ جو باعث آهي، تذليل جو ڪارڻ آهي. سو ان کان بچڻ لازمي آهي، ۽ جي نه بچبو ته ڇا نتيجو نڪرندو، سو شاهه صاحب هيئن ٿو ٻڌائي ته: ”ٻيائيءَ کي ٻک جن وڌو سي ورسئا“ قران پاڪ چوي ٿو ته: ”هي الله ئي تنهنجو رب آهي، ان کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونه آهي. هي هر چيز جو خالق ۽ مالڪ آهي. تون هن جي بندگي ڪر“. (انعام). ٻئي هنڌ آهي ته، ”الله کان سواءِ ڪو معبود ڪونه آهي، هو زبردست ۽ حڪمت وارو آهي“ (آل عمران). ٽئين هنڌ چيو ويو آهي ته، ”خدا پاڪ اهو آهي جنهن توکي پنهنجو خليفو بڻايو“، ”تون ان خدا تي ڀروسو ڪر جيڪو زنده آهي ۽ جنهن کي ڪڏهن به موت نه ايندو“. مذڪوره آيتن جو تفسير بيان ڪندي، ان جا فائدا بيا ڪندي، توحيد جي طلب انسان کي اهڙو ڏس ڏيئي ڇڏيو جيڪو الجواب آهي. سڪين ڪوه سلام کي، ڪرين ڪوه نه سلام، ٻئا در تن حرام، اي در جنين ديکيو. عرض ته سر ڪلياڻ جو فلسفو، نج قرآني فلسفو آهي، جيڪو هر قسم جي شرڪ ۽ الحاد کان روڪي، بچائي انسان کي صحيح مقام ۽ منزل تي پهچائي ٿو. آخر ۾ آئون سنڌ جو لازوال عالم مرحوم علامه آءِ ، آءِ قاضي صاحب جن جا الفاظ دهرائينداس جيڪي اسان لاءِ سند آهن. ”اهو خيال ڪرڻ ته هن سر زمين ۾ ڪو اهڙو استاد يا شاگرد به ٿي سگهي ٿو جو ذات واحد ۽ سندن شان کان بي خبر هجي. يقيني طور ڪنهن اهڙي بيماري جي علامت آهي جا لا علاج ۽ موتمار آهي. بهر حال اها انڌائيءَ ۽ ٻوڙائيءَ جي علامت آهي“. رسالو پڙهڻ ۽ پروردگار سان محبت نه ڪرڻ هڪ اهڙي ڪيفيت آهي. جنهن جي تشخيص ڪرڻ ضروري آهي. پاڪستان جا سڄاڻ مرد ۽ خصوصا سنڌ جا جوان رسالي هوندي جيڪڏهن لمحي لاءِ الحاد جي گنديءَ هوا مان ساهه کڻن ته اها هڪ بيماري سڏبي. جنهن جي فوري تشخص ۽ علاج ۾ فرو گذاشت ڪرڻ نه گهرجي. ان لاءِ شايد ڪنهن اکين جي ڊاڪٽر يا دماغ جي ماهر جي گهرج ٿئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته دماغ بيمارين جي شفا خاني جي ضرورت پوي.