پاڪستان پرڏيهي پناهگيرن کي ترسائيندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    پاڪستان پرڏيهي پناهگيرن کي ترسائيندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو

    گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪميشن چيو آهي ته پاڪستان پرڏيهي پناهگيرن کي ترسائيندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي، هن وقت به پاڪستان ۾ ترسيل رجسٽرڊ پناهگيرن جو انگ 16 لک کان وڌيڪ آهي. يو اين ايڇ سي آر طرفان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پناهگيرن جو سڀ کان وڌيڪ انگ افغانستان سان لاڳاپيل آهي. سڄي دنيا ۾ افغان پناهگيرن جو انگ 26 لک کان وڌي ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته يو اين ايڇ سي آر 2002ع کان پاڪستان ۾ ترسيل 38 لک افغان پناهگيرن کي رضاڪاراڻي طور وطن واپسي ۾ معاونت فراهم ڪئي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته يو اين ايڇ سي آر پاڪستان طرفان افغان پناهگيرن جي حوالي سان قانون سازي جي ڀرپور حمايت ڪندي. ان کان علاوه ڄاڻايل ادارو پناهگيرن جي رجسٽريشن ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ به سهڪار ڪندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو