منصور سرور
سينيئر رڪن
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
سر آسا ۾ لفظي خواهه معنوي ندرت جو هڪ خوبصورت بيت ملي ٿو.
الا کر جيئن ، مدي جن جي من ۾
اسان ۽ پرين جون اميدون پسن
تهان پوءِ مرن ،سڙي انهي سور ۾
هرڪو انسان چاهيندو آ هي ته سندس دشمن نيست ۽ نابود ٿئي. پر هتي معاملو ئي اور آهي. عاشق پنهنجي حريف ۽ دشمن جي عمردرازيءَ لاءِ منفرد دعا گھري ٿو. هو چاهي ٿو ته سندس دشمن تيسيتائين جيئرو هجي جيستائين سندس ۽ پرينءَ جي من جون مرادون پوريون ٿين. اهي مرادون پسي پوءِ سندس دشمن ڀل انهي سور ۾ سڙي مري. بيت ۾ ڪيڏي نه معنوي ندرت سمايل آهي. لفظي ندرت جي حوالي سان لفظ ”تهان“ جو مطلب ”ان کان پوءِ“ آهي.
سر مارئيءَ مان لفظي ندرت جو مثال هن ريت آهي:
واجھائي وطن کي ، ساري ڏيان ساهه
بت منهنجو بند ۾ ، قيد مَ ڪريجاهه
پرڏيهاڻي پرينءَ ريءَ ، ڌار مَ ڌريجاهه
ٿڌي وسائج ٿرن جي ، مٽي مئيءَ مٿاهه
جي پويون ٿي پساهه ، ته نجاهه مڙهه ملير ڏي
مٿين بيت ۾ ڪريجاهه ، ڌريجاهه ، مٿاهه ۽ نجاهه لفظي ندرت ظاهر ڪن ٿا. ”ڪريجاهه“ معنى ڪجانءِ . ”ڌار مَ ڌريجاهه“ يعني ڌار نه ڪجانءِ. ”مٿاهه“ معنى مٿان ۽ ”نجاھ“ جو مطلب موڪلجانءِ. مارئيءَ جي اندر جو آواز آهي. مٿيان لفظ ٿر ۾ عام مستعمل رهيا آهن. تهنڪري لطيف سائين بيت ۾ اهو ئي رنگ اختيار ڪيو آهي.
”سر ديسي“ ۾ لفظي ندرت جا ڪيترائي مثال ملن ٿا.
سِڪي جان ستياسِ ، تان سڪ سمهڻ نه ڏئي
جاڳي ستيس جن لئه ، سي آيا تان نه اٿياس
ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي
هن بيت ۾ ستياس ، اٿياس ۽ ڀلياس لفظي ندرت جا نمونا آهن. ”ستياس“ معنى سمهي پيس. ”اُٿياس“ جو مطلب ته اُٿيسِ ۽ ”ڀلياس“معنى ڀلي پيس. جتوڻيڪ سمهيس ، اٿيس ۽ ڀليس تمام سادا ۽ سولا لفظ آهن پر لطيف سائين انهن لفظن ۾ وڌيڪ مٺاس پيدا ڪري وڌيڪ رنگين ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. بيت جي سٽاء ۾ ردم جي لحاظ کان به سهڻي جاءِ وٺي بيٺا آهن.
”سر رِپَ“ جو هڪ بيت پيش ڪجي ٿو جنهن ۾ لفظي ندرت ملي ٿي.
گَوني ۽ گُوني ، پريــن پٽائين گج جنءَ
جي منجھوني ، سي ڪئنءَ وڃن وسري
بيت جي ٻي سٽ ۾ لفظ ”منجھوني“ جي معنى من ۾ اندر يا منهنجي من ۾ آهي. ”منجھوني“ لفظ بالڪل نئون آهي. پهرين سٽ ۾ عاشق پنهنجي محبوب جي حسن ۽ نزاڪت جو مثال خوبصورت گلن ٻوٽن واري ڀرت ڀريل ريشمي گج سان ڏئي ٿو. اهڙو سهڻو محبوب ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگھجي جيڪو عاشق جي من ۾ جائگير آهي.
(ثناءُالله مهر جي وال تان ورتل)