ڊاڪٽر بشير احمد شاد ڏوريان ڏوريان مَ لهان ، شال مَ ملان هوت من اندر جا لوچ ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي مٿيون بيت معنوي ندرت جو عمدو مثال آهي. سر معذوري مان لفظي ندرت جو هڪ مثال پيش ڪجي ٿو: وَڌو ڪيم وڻاهه ، اونچا ڏونگر مَ ٿيو ٽِمو مَ نيڻاهه ، ته پير نهاريان پرينءَ جو هتي لفظ ”وڻاهه“ وڻن جي معنى ۾ آيل آهي. جڏهن ته ٻي سٽ ۾ ”نيڻاهه“ جو مطلب نيڻ يا اکيون آهن. ٻئي لفظ نواڻ سان ڀرپور آهن. ٻي سٽ جو مفهوم ۽ مطلب معنوي لحاظ کان ڪيڏو نه سهڻو آهي. سسئي منهنجي اکين سان مخاطب آهي ته توهان نير نه وهايو ، ڳوڙهن سان نه ڀرجي اچو ، جئن مان پرين جو پيرو لهي وٺان. اکين ۾ ڳوڙها ڀرجڻ وقت چٽو نه ڏسي سگھبو آهي. معنوي ندرت جو ”سر ليلا چنيسر“ مان هڪڙو مثال ڏجي ٿو. الا ! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهين ڏک ڏسن مون سين مون پرين ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪئا گھڻي ڏاهپ ڪڏهن ڪڏهن انسان ۾ غرور ۽ گھمنڊ پيدا ڪندي آهي ۽ سندس گھمراهه ٿي پوڻ جا قوي امڪان پيدا ٿي پوندا آهن. تنهن ڪري الله جي ٻانهن هميشه پنهنجي هست کي نيست ڪيو ۽ پاڻ کي ڪجهه به نه ڀانيو، بلڪه مالڪ کان هميشه اها دعا گھري ته اسان کي اَٻوجھن ۽ اياڻن کي شمار ڪر ڇوته اهڙن انسانن تي مالڪ جي خاص مهر ڀري نظر هوندي آهي. آقا کي اگلڙا پسند هوندا آهن. بيت ۾ معنويت جي لحاظ کان ڪيڏي نه نواڻ نظر اچي ٿي. (ثناءُالله مهر جي وال تان ورتل)