ڊاڪٽر آصف جاه ڪارواني شاهه ۽ اقبال شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ علامه اقبال دنياءِ فڪر و خيال ۾ درخشنده ستارن جي حيثيت رکن ٿا. کين محض شاعر تصور ڪرڻ يا صرف شعراءَ ڪرام جي زمري ۾ شامل ڪري اسانجي نزديڪ ساڻن زيادتي آهي. هنن وٽ شاعري مقصد بالذات نه آهي بلڪه مقصد تائين پهچڻ جو ذريعو آهي. هي صاحب اهڙن ماڻهن مان نه آهن جي شعر و شاعري دل خوش ڪرڻ لاءِ وندر طور يا معاش جي ذريعي طور اختيار ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هنر جي ڪلام ۾ ٺلهي، خيال آرائي ۽ قافيه پيمائي نه آهي، نه وري فرضي حسن و عشق جي بنا تي گل و بلبل، شمع و پرانه، ليليٰ مجنون وغيره جا قصا آهن، بلڪ هو داراءِ نصب العين آهن ۽ سندن ڪلام سر تا سر پيغام جي حيثيت رکي ٿو. شاهه فرمائي ٿو:- جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين، نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي. اکر پڙهه الف جو ورق سڀ وسار، اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا. علامه اقبال انهيءَ مقصد جو ذڪر ڪندي اسرار خودي جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته ”شاعرانه تخيل محض هڪ ذريعو آهي هن حقيقت ڏانهن متوجهه ڪرڻ جو ته لذت حيات، انا جي انفرادي حيثيت، اثبات – استحڪام ۽ توسيع سان وابسته آهي“ بال جبريل ۾ پنهنجي ڪلام جي بامقصد هئڻ جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو:- محمد بهي تيرا جبريل بهي، قرآن بهي تيرا، مگر يه حرف شيرين ترجمان تيرا هي يا ميرا. گويا شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ علامه اقبال جي سامهون هڪ مخصوص مقصد هو يعني انسان کي پنهنجي حقيقت کان آگاهه ڪري حقيقت ابدي سان سندس رشتو استوار ڪرڻ. چنانچه ٻنهي جي وجدان جو سرچشمو تعليمات ڪلام پاڪ آهي. ٻنهي جي خيال ۾ جمله موجودات عالم جي اصل ذات باري تعاليٰ يا به الفاظ علامه اقبال هڪ باشعور قوت تخليق آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:- پاڻهين جل جلاله، پاڻهين جان جمال، پاڻهين صورت پرين جي پاڻهين حسن ڪمال، پاڻهين پير مريد ٿئي پاڻهين پاڻ خيال، سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي. سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي، سوئي سو پسي، تنهين سندي سوجهري. پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين، هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا. علامه اقبال چوي ٿو:- صد جهان پوشيده اندر ذات او، غير او پيد اسد از اثبات او، مي شود از بهر اغراض عمل، عامل و معمول و اسباب و علل، خيزد انگيزد، پرد، تابد، رمد، سوزد، افروزد، کشد، ميرد، دمد. خطبات ۾ چوي ٿو ”شعوري تجربي جو گهرو تزڪيو ڪرڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته تجربي (زندگي) جو انتهائي سرچشمو هڪ باشعور قوت تخليق آهي جنهنکي مون انتهائي خودي جو نالو ڏنو آهي.“ چنانچه اقبال ۽ شاهه ٻنهي جي نزديڪ انساني بهبوديءَ جو بنيادي شرط هي آهي ته خدا جي ذات ۾ اٽل ايمان هئڻ گهرجي. شاهه فرمائي ٿو:- وحده لا شريڪ له اهيو وهائج وئ، کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هئ، پاڻان چوندءِ پئ، ڀري جام جنت جو. وحده لا شريڪ له اي هيڪڙائي حق، ٻيائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا. ٻنهيءَ جو سرور ڪائنات حضرت محمد صلعم ۾ ايمان آهي سر ڪلياڻ ۾ شاهه چوي ٿو: وحده لا شريڪ له جن اُتوسين ايمان، تن مڃيو محمد ڪارڻي قلب ساڻ لسان، اوءِ فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اوليا. علامه اقبال چوي ٿو:- در دل مسلم مقام مصطفيٰ است آبروئي ماز نام مصطفيٰ است خاک نجد از فيض او چالاڪ شد آمد اندر وجد بر افلاڪ شد. اسانجي خيال ۾ شاهه ڀٽائي ۽ علامه اقبال پنهنجي ڪلام ۾ حضرت انسان جي سرگزشت، يعني سندس ابتدا، سندس حال ۽ مستقبل تي روشني وجهي کيس منزل مقصود تي پهچڻ جو رستو ٻڌايو آهي. شاهه صاحب انهي مقصد لاءِ تمثيل جو طريقو اختيار ڪيو آهي. سندس منتخب آکاڻين مان چند هي آهن: سسئي پنهون، ليلا چنيسر، مومل راڻو، سهڻي ميهار، هير رانجهو وغيره. هنن مان ڪابه آکاڻي وٺبي ته معلوم ٿيندو ته عشق جي ميدان ۾ مرد پهرين وک وجهي ٿو. مثال طور سسئي پنهون وٺو. پنهون سسئي جي عشق ۾ گرفتار ٿي اچي ٿو. سسئي کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انهيءَ ڪوشش جي نتيجي ۾ ميلاپ ٿئي ٿو. ميلاپ کان پوءِ سسئي جي غفلت جي ڪري پنهون کڄي وڃي ٿو. سسئي پنهنجي محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ٿي. هر طرح جي مشڪلات جو مقابلو ڪري پنهنجو وڃايل محبوب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر کيس پنهنجو محبوب دوباره هن زندگيءَ ۾ نٿو ملي. هاڻي ٿوري دير لاءِ حضرت آدم جي داستان تي به غور ڪريو. بلڪل اها ئي آکاڻي اوهانکي اتي به نظر ايندي. الله سائين پاڻ حضرت آدم کي پيدا ڪري ٿو، کيس علم اسما سيکاري ٿو. فرشتن کان کيس سجدو ڪرائي ٿو ۽ جنت ۾ رهڻ جي لاءِ هر قسم جون آسائشون مهيا ڪري ٿو. پوءِ حضرت آدم جي غلطي ڪري کيس جنت بدر ڪيو وڃي ٿو ۽ حضرت آدم پنهنجي عمل ۽ عبادت سان پنهنجو وڃايل مرتبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر کيس اهو درجو هن زندگي ۾ دوباره نٿو حاصل ٿئي. شاهه جي تمثيلي ڪلام جي باري ۾ جيڪو خيال اسين پيش ڪري رهيا آهيون اهو بلڪل نئون آهي پر اسانجو خيال آهي ته هن خيال جي روشني ۾ شاهه صاحب جي پيغام کي سمجهڻ ۾ گهڻي سهوليت پيدا ٿي ويندي. هن تشريح ۾ چند ڳالهيون توجهه طلب آهن مثلاَ (1) بندي جنهنکي الله جي تلاش آهي تنهنکي ڪنهن وقت الله جي محبوب هئڻ جو فخر حاصل هو (2) هن اهو مرتبو پنهنجي جهالت جي ڪري وڃايو (3) اهو وڃايل مرتبو کيس پنهنجي عمل سان حاصل ڪرڻو آهي (4) هن عمل جي نوعيت دوطرفه آهي (Dual) داخلي يعني سفلي خواهشن جو مقابلو ۽ خارجي يعني فطري ۽ دنياوي قوتن جي مزاحمت جو مقابلو. انهن ٻن محاذن تي مردانه وار وڙهندي ئي انسان پنهنجو وڃايل مرتبو دوباره حاصل ڪري سگهي ٿو. شاهه فرمائي ٿو:- ڪنڌ، اڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪن، ڪنهين سانگو ساه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن، ساهڙ سندو تن، سر سهائي گهڙن جي. علامه اقبال هن موضوع تي خيال آرائي ڪندي چوي ٿو ته ”زندگيءَ جي اعليٰ ترين تخليق انسان آهي. جسماني خواه روحاني اعتبار کان هو هڪ خود مرڪوز انفراديت آهي. هي انساني خودي جو حصو آهي ته هو پنهنجي وجود کي مستحڪم ڪري پنهنجي پاڻ کي جداگانه حيثيت ۾ قائم رکي، ليڪن لافانيت سندس موروثي حق ڪونهي کيس اهو حق پنهنجي عمل سان حاصل ڪرڻو آهي.“ خودي لازوالي مي توان کرد، فراقي راوصالي مي توان کرد. هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ اقبال ٻئي بي عملي کي ناپسند ڪن ٿا ۽ عمل تي زور ڏين ٿا. پر عمل بلاشدت احساس پيدا ٿي نٿو سگهي چنانچه اها شدت احساس شاهه ۽ اقبال ٻنهي وٽ عشق وچان پيدا ٿئي ٿي. هنن جي فلسفئه فڪر جو بنيادي پٿر عشق آهي، عشق جي ميدان ۾ ڀٽائي فرمائي ٿو:- پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻون، ڏک پريان جو ڏيل، ۾ واڄٽ جيئن وڄاءِ، سيخن ماه پچاءِ، جي نالو ڳيڙءِ نينهن جو. ڪاتي جن ڳري، مان لنءُ لڳي تن سين محبت جي ميدان ۾ وڃان پير ڀري، اڌيءَ سر ڌري، مان ڪهيئون سپرين. عشق جو سوز هڪ پاسي انسان ۾ شدت احساس پيدا ڪري کيس عمل پيرا ٿيڻ لاءِ اڪسائي ٿو ته ٻئي پاسي سفله خواهشن کي ختم ڪري منجهس قوت برداشت، حوصلو ۽ استقلال پيدا ڪري ٿو:- جئان گهڙي تئان گهيڙ، ڪپر پڇن ڪوڙيون، ڏم سين جسو ظاهران، من ميهار سين ميڙ، ساندي ڀانئين نيڙ، جنهن کي سڪ ساهڙ جي. جئان وهي تئان واٽ، ڪپرو پڇن ڪوڙيون، جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه پڇن گهاٽ، جنکي عشق جي اُساٽ، سي واهڙ ڀائين وکڙي. اقبال عشق جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ”هي لفظ وسيع معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي يعني ڪنهن شيءِ کي پنهنجي اندر جذب ڪري پنهنجو جزو ٺاهي وٺڻ جي آرزو جو نالو عشق آهي.“ هي هڪ اهڙو جذبو آهي جو انسان ۾ حرارت رندانه پيدا ڪري ٿو. ”طالب ۽ مطلوب ۾ انفراديت کي تقويت ڏي ٿو. مطلوب جي انفراديت کان متاثر ٿي طالب هڪ بي مثال شخصيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.“ :- محبت! در گره بستن مقامات، محبت! در گذشتن زنهايات. شاهه ۽ اقبال جي پرواز فڪر جو مقصد اگرچه هڪڙو ئي آهي پر سندن انداز بيان مختلف آهي. شاهه عجز و انڪساري، صبر و تحمل جي تلقين ڪري ٿو ۽ پنهنجن عيبن ۽ ڪوتاهين تي نظر رکڻ جو سبق ڏئي ٿو:- مثلاَ چوي ٿو:- جيهي جي تيهي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي، حجت هوت پنهون سان مون ڪميڻي ڪيهي، اصل آريءَ ڄام جي پليءَ آءٌ پيئي، هو جا پائين پير ۾، تنهن جتي نه جيهي، وساري ويهي، ڪيچين کي ڪيئن رهان. هٿين پيرين مونڙين هلج ساڻ هنئين، عشق آريءَ ڄام جو نباهي نئين، جان جان ٿي جئين، تان پاڙج ڪرم پنهون سين. جهلي تان نه رهان، ڌاران پسڻ پرين جي، آم عاجز آهيان، لالن جان نه لهان، فردا مون ڦٽي ڪئي، وعدي ڏي نه وهان، صباح سين نه سهان، خواه ميڙين خواه مارين . اڃا تون اواٽ، واٽان پاسي ويسري، سونهي ٿي سواٽ، نه منجهان دل دک لهي. اکيون سيئي ڌار، جن سان پسين پرين کي، ٻئي ڏانهن ڪيم نهار، گهڻو ريسارا سپرين. شاهه برعڪس اقبال وٽ شوخي ۽ جلال آهي. مثال طور چند شعر پيش ڪجن ٿا: 1.هر چيز هي محود خو نمائي، هر ذره شهيد – کبريائي. بي ذوق نمود زندگي موت، تعمير خودي مين هي خدائي. 2. ايک تو هي که حق هي اس جهان مين، باقي سب نمود سيميائي. 3. باغ بهشت سي مجهي حکم سفر ديا تها کيون، کار جهان دراز هي اب ميرا انتظار کر. مختصر هي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ علامه اقبال جي تعليم ظلمت ڪده دنيا ۾ روشن شمع جي حيثيت رکي ٿي ۽ اسان کي هن مان مستفيد ٿيڻ کپي. (بشڪريه ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد اسٽيشن). (ثناءُالله مهر جي وال تان ورتل)
سائين بهترين علمي ڪاوش جو اوهان هتي ونڊ ڪئي اميد ته اهڙين نوازشن سان اسان تي احسانن جو سلسلو جاري رکندؤ. جاڏي پير تاڏي خير