“موٽ” عباس سارنگ غلام حسين آخر ڪري به ته ڇا ڪري، سندس هٿ وس ڪجھ هجي ته ڪجھ ڪري به نه......صبح جو روزانو مزدورن جي پڙيءَ تي ويهي ويهي، نماڻي اکين سان گھر موٽي ٿي آيو.....جوڻس به سمجھدار زال جو ڪردار ادا ڪندي چوندي هيس. “غلام عليءَ جا پيءُ! خير سان نماڻو نماڻو موٽيو آهين!!!” غلام حسين پنهنجي زال جي اڌ آٿت ۽ اڌ ڏک ڀريل سوال جي موٽ ۾ چوندو هو. “ها غلام عليءَ جي ماءُ! اڄ به مزدوري نه ملي پر؛ مولا تي ننگ آهي مڙئي سڻائي ڪندو، آخر ڪونه ڪو بلو ته ٿي ويندو.” ڳنڀيرتا مان جو کٽ تي ويٺو ته سندس کٽ به پنهنجن چوڙن جا چيڪاٽ ڪندي ڄڻ ته غلام حسين سان ڏک جو اظهار پئي ڪيو. جوڻس جيڪا مٿان ئي بيٺي هئي کيس چوڻ لڳي. “پاڻي پيئندي؟ ڀري اچان!!” “ها ڀري اچ....نڙي به ڏاڍي خشڪ ٿي ويئي آهي....” سندس جوڻس پاڻي ڀرڻ لاءِ هلي ويئي ته ذهن ۾ صلاح ڪيائين ته ‘اڄ الابو وارن سان ملي ايندس متان انهن جي جوڙ ۾ اڳ جيان مزدوري ملي وڃي!! پر اڳ به ساڻ ويندو هيم پرک جئين ته هو مالڪن سان بيماني ٿا ڪن.....انهيءَ ڳالھ تي ته پاڻ سندن جوڙ مان نڪتو هيم.....’ انهيءَ سوڇ ۾ هو ته زال پاڻيءَ جو گلاس اڳيان وڌيايس. “غلام عليءَ جا پيءُ! هان وٺ پاڻي......ڀلا ملول ڇو آهين ڇا ٿو سوچين؟” پنهنجي زال کان پاڻي وٺي هڪ ساهي ۾ پي ويو کيس گلاس واپس ڏيندي چوڻ لڳو.... “سوچيم پئي ته الابو وارن سان جوڙ ۾ وري وڃان پر وري انهن جي بيماني واري عادت ڪري پنهنجو ارادو مٽايم.....” “جيڪا تنهنجي مرضي باقي رب سڻائي ڪندو ٻه چار سئو روپيا لاڙي رکيا هيم اهي ڪم لائبا مڙئي گذر سفر ٿي ويندو....” پنهنجي زال جي انهن لفظن غلام حسين کي آٿت ڏني ۽ کٽ تي اهلي پيو چوندا آهن بندي جي من ۾ هڪ ته الله جي من ۾ ڪجھ ٻيو....الائي ڪيترا ئي ڏينهن لنگهي ويا پر غلام حسين هر روز هٿين خالي پڙي تان ٿي وريو.... جوڻس وٽ بچيل ٻه چار سئو به پورا ٿي چڪا هئا. چوندا آهن ته غريب جو الله کان سواءِ ڪوئي به نه آهي پر؛ هتي ته غلام حسين کان بندا ته منهن موڙي ئي ويا هئا پر مالڪ پاڻ به...... غلام حسين ڏسي رهيو هو ته الابو وار هر روز پيئسي پائي ۾ وڌندي ئي نظر آيا. غلام حسين جي ايمانداري هن کي بک کانسواءِ ڪجھ به نه ڏنو هو......سندس گھر واري ۽ ٻار ڳڀي ٽڪر لاءِ وائڙا ٿي ويا هئا.....اهو سندس برداشت کان ٻاهر هو ۽ اهو ڏٺي، هن کان رهيو نه ٿيو........ ته پڪوپھ ڪري وڃي الابو وارن سان مليو۽ سندن واري جوڙ ۾ وري وڃي شامل ٿي ويو. پهرين ئي ڏينهن تي هن کي موچارو حصو پتي ملي ويو ته اهي سمورا پيئسه پنهنجي زال کي اچي ائين ڏنائين ڄڻ پنهنجي ضمير کي وڪڻي ان جو سودو ڪري آيو هجي.