20 جون 712ع سنڌ لاءِ ڪارو ڏينهن آهي ، ان ڏينهن امويين جي غاصب ۽ ظالم حڪمران حجاج بن يوسف ، پنهنجي ڀائٽي (بن قاسم) جيڪو ان کان وڌيڪ وحشي هو جي اڳواڻي هڪ وڏي تعداد ۾ فوج سان پنهنجي مٺڙي ڌرتي تي ڪاهه ڪرائي، جنهن ۾ هن وحشي ايتري ته لٽ مچائي جو سنڌ جون هزارين نياڻيون مال غنيمت ڪري عربستان کڻي ويو. 20 جون 712ع تي سنڌ ڄائو شهيد راجا ڏاهر هن ظالم سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪندي شهادت ماڻي. اچو ته سڀ گڏجي هن سنڌ جي سورهيه کي سندس شهادت تي گڏجي سرخ سلام پيش ڪريون.
سنڌ جو هيرو محمد بن قاسم يا راجا ڏاهر۔۔!! ممتاز قريشي سينيئر رڪن ڪچهري شروع ڪريو شموليت: 24 جنوري 2013 تحريرون: 831 ورتل پسنديدگيون: 2,235 ايوارڊ جون پوائينٽون: 180 ڌنڌو: پيڊياٽرڪ سرجن. ماڳ: قاسم آباد حيدرآباد سنڌ جي تاريخ جي ٻن اهم ڪردارن محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر بابت هميشه ٻه مختلف رايا رهيا آهن۔ بد قسمتي سان اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته انهن ٻنهي مان سنڌ جو هيرو ڪير آهي۔ جيتوڻيڪ اڪثريت محمد بن قاسم کي محسنِ سنڌ سمجهي ٿي پر ڪن جي نظر ۾ اڄ به راجا ڏاهر ئي سنڌ جو هيرو آهي۔سنڌ جي تاريخ جي ڪمزور پهلوئن ۾شامل هي ٻه ڪردار پنهنجي صحيح مرتبي تي پهچڻ لا تحقيق گهرن ٿا۔ محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر بابت ٻه مختلف خيال ڪجهه هن طرح بيان ٿيندا آهن۔ سنڌ جو هيرو راجا ڏاهرآهي: هي سوچ رکندڙ ماڻهن جو خيال آهي ته محمد بن قاسم ناجائز حملو ڪري سنڌ تي قضو ڪيو ۽ راجا ڏاهر جيڪو سنڌ جو جائز حڪمران هو تنهن سان زبردستي جنگ ڪري کيس ماريو ويو۔راجا ڏاهر سنڌ ڌرتي جي دفاع ۾ جان جي بازي لڳائي ڇڏي هئي تنهن ڪري سنڌ جو هيرو راجا ڏاهر آهي۔ سنڌ جو هيرو محمد بن قاسم آهي:هي سوچ اڪثريت جي آهي۔ ان مطابق محمد بن قاسم سنڌ ڌرتي تي حملو هڪ نيڪ ارادي سان ڪيو ۽ سنڌ تي ظالم حڪمران راجا ڏاهر جي ناانصافين کان عام ماڻهن کي آزادي ڏيارڻ جو سهرو محمد بن قاسم تي آهي۔ سنڌ جي فتح کانپو ڪفر ۽ شرڪ جو خاتمو ٿيو ۽ سنڌ ڌرتي کي باب الاسلام جو شرف حاصل ٿيو۔ ڇا راجا ڏاهر هيرو آهي۔۔؟ راجا ڏاهر کي هيرو سمجهندڙ ٻن نظرين جا ماڻهو آهن۔ هندستاني سوچ رکندڙ:راجا ڏاهر هنڌو هو انڪري هنڌو ۽ انهن سان همدردي رکندڙ ماڻهو مذهبي رعايت ڏيندي سندس ڪيل غلط ڪمن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔ قومي سوچ رکندڙ: انهن مطابق راجا ڏاهر سنڌي هو انڪري سنڌ تي حڪمراني جو حق به انهي کي هو۔ باقي جنهن به ڌارئي سنڌ تي حملو ڪيو اهو غاصب آهي۔ محمد بن قاسم عرب هو انڪري ان جو سنڌ تي حملو ناجائز سمجهڻ گهرجي۔ هن صرف طاقت جي زور تي ۽ سنڌ جي خزاني جي لالچ ۾ هتي حملو ڪيو ۽ سنڌ تي قابض ٿيو۔ راجا ڏاهر جي مخالفن جو موقف۔۔۔۔ محمد بن قاسم جي حملي وقت سنڌ جو حڪمران راجا ڏاهر هو۔ جيڪو هڪ ظالم ۽ جابر حڪمران هو۔ سندس دور حڪمراني ۾ ناانصافي عروج تي هئي۔ ڦورو ۽ لٽيرن جي سرعام سرپرستي ڪئي ويندي هئي۔ راجا ڏاهر بحري قذاقن جو سرپرست به هو۔ هن ڪراچي جي آس پاس بحري لٽ مار کي وڏي هٿي ڏني ۽ ڪراچي ويجهو گذرندڙ ڪئين مسافر ۽ واپاري جهازن کي ڦرڻ ۾ راجا ڏاهر جي منظوري شامل هوندي هئي۔ انڪري اسان کي محمد بن قاسم تي فخر ڪرڻ گهرجي جنهن جي ڪوششن سان اسان جي سنڌ ڌرتي تي اسلام جي روشني آئي ۽ هزارين سالن جون هلندڙ جاهلانه ڪفر ۽ شرڪ جي رسمن جو انت آيو۔ محمد بن قاسم جي مخالفن جو موقف۔۔۔۔ محمد بن قاسم هڪ ڦورو ۽ لٽيرو هو۔ سنڌ جي فتح کانپو اسلام جي نالي تي سنڌ جي تهذيب کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪيائين۔ هزارين ماڻهو قتل ڪرايائين، سنڌي عورتن جون عزتون لٽيون ويون ۽ وڏي سنگدلي سان عام ماڻهن جا حق غضب ڪيا ويا۔ محمد بن قاسم زبردستي سنڌ ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي اسلام قبول ڪرايو، هزارين ماڻهن کي غلام بڻايو ويو، مندرن مان ڦُر لُٽ ڪئي وئي۔ سنڌ جي قبضي کانپو هتان جي ثقافت، تهذيب، ادب ۽ فن سڀ تباهه ۽ برباد ڪيا ويا۔ سنڌ جي تاريخ اهڙي لکي وئي جومحمد بن قاسم جي حملي کي ۽ سنڌ جي فتح کي جائز قرار ڏنو وڃي۔ محمد بن قاسم ۽ سندس حملوتاريخ جي روشني ۾ محمد بن قاسم محمد بن قاسم هڪ شامي عرب هو۔ سندس پيدائش695ع ۾ ٿي۔ ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد جي وفات ٿي وئي هئي انڪري سندن تعليم وتربيت جي ذميواري والده ماجده پوري ڪئي۔انکانپو بنواميه جوگورنر حجاج بن يوسف جيڪو اصل ۾ محمد بن قاسم جو ويجهو عزيز به هو تنهن سندس جنگي تربيت ڪئي۔ سنڌ تي حملي جا ڪارڻ: سنڌ تي 711ع بمطابق 10 رمضان المبارڪ 93 هجري ۾ حملو ڪيو ويو۔ ان وقت اسلامي خليفو وليد بن مالڪ هو۔ ان زماني ۾خليج فارس بحيره عرب جي رستي پري پري تائين واپار ٿيندو هو۔ هڪ ڀيرو لنڪا کان هڪ جهاز بصره وڃي رهيو هو۔ ان جهاز ۾ واپار جي سامان سان گڏوگڏ ڪجهه بيوه عورتون ۽ يتيم ٻار به سفر ڪري رهيا هئا۔ بدقسمتي سان بحري قزاقن ان تي حملو ڪيو ۽ قيمتي سامان، عورتون ۽ ٻار به ساڻ اغوا ڪري کڻي ويا۔ جڏهن اموي خليفي وليد بن مالڪ کي خبر پئي ته پاڻ سنڌ جي حڪمران راجا ڏاهر کي خط لکيائون ته انهن قزاقن کي فورن گرفتار ڪيو وڃي ۽ سامان۔ عورتون ۽ ٻار آزاد ڪرايا وڃن۔ راجا ڏاهر ان خط جو جواب موڪليو ته بحري قزاقن سان منهنجو ڪو واسطونه آهي انڪري مان ڪجهه نٿو ڪري سگهان۔ان واقعي سان گڏوگڏ ڪجهه ٻيا به اڻوڻدڙ واقعا پيش آيا جنهن کانپو حجاج بن يوسف خليفي کان سنڌ تي حملي جي اجازت ورتي۔ ٿوري ئي عرصي ۾حجاج بن يوسف پنهنجي ڀائيٽي محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ورتو۔ اهو اسلامي لشڪر اٽڪل 6 هزار سپاهين تي مشتمل هو۔ جڏهن ته راجا ڏاهر جي فوج اٽڪل 60 هزار جي لڳ ڀڳ هئي جنهن ۾ جنگي هاٿي به شامل هئا۔ ان حملي وقت سنڌ جي اڪثر آبادي جومذهب ٻُڌمت هو۔ حملي وقت محمد بن قاسم جي عمر 17 سال هئي ۽ اهو حملو مڪران جي رستي تان ٿيو۔ پهريو نشانو ديبل هو۔ ديبل ان وقت سنڌ جي گاڌي جو شهر هو۔ ديبل فتح ڪرڻ کانپو نيرون ڪوٽ تي چڙهائي ڪئي وئي۔ هي شهر موجوده حيدرآباد جي ڏکڻ ۾سنڌودريا جي اُلهندي ڪناري تي هو۔ديبل کان نيرون جو فاصلو ان وقت اٽڪل 3 ڏهاڙا کن هو۔ نيرون ڪوٽ ۾ راجا ڏاهر جو پٽ جي سنگهه پنهنجي فوج سان گڏ موجود هو۔محمد بن قاسم جي حملي جو ٻُڌي هو الور (اروڙ) ڀڄي ويو۔ نيرون جي حاڪم اسلامي لشڪر آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ شڪست تسليم ڪندي شهر کي عربن حوالي ڪيو۔ جنهن کانپو اسلامي لشڪر سيوستان(سيوهڻ) ڏانهن وڌيو۔ اتي راجا ڏاهر جو ڀائيٽو راج حاڪم هو۔معمولي مقابلو ڪرڻ کانپو هو رات جي اونداهي ۾ ٻُڌيا شهر ڀڄي ويو۔ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ عربن ٻُڌيا تي به قبضو ڪري ورتو۔ اهڙي طرح سنڌ جي اولهه پاسي جا سڀ علائقا فتح ڪرڻ کانپو اسلامي لشڪر سنڌو دريا پار ڪري ٻئي طرف جي علائقن کي فتح ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون۔ محمد بن قاسم جي لشڪر سنڌو دريا ٻيڙين وسيلي پار ڪيو۔ جهم جي مقام تي راجا موڪا بن سبايا جي مشورن سان راجا ڏاهر جي فوج تي حملو ڪيوويو۔ جنگ دوران راجا ڏاهر هاٿي جي مست ٿي وڃڻ جي ڪري وڏي مشڪل سان ڀڄي وڃڻ ۾ڪامياب ٿي سگهيو ۽ ان راوڙ جي قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي۔ راوڙ جي ويڙهه: راوڙ جي ويڙهه سنڌ جي فتح جو هڪ اهم واقعو آهي۔ راوڙ سنڌو دريا جي ڪناري هڪ قلعا بند شهر هو۔ ان قلعي جي نگراني راجا راسيل جون فوجون ڪري رهيون هيون۔ اها ويڙهه 712ع بمطابق 6 رمضان 93هجري ۾ ٿي هئي۔ راوڙ جي لڙائي جي چوٿين ڏينهن راجا ڏاهر پاڻ هڪ جنگي هاٿي تي سوار ٿي ميدان جنگ ۾ شريڪ ٿيو۔ اها سخت ويڙهه ڪجهه ڏينهن جاري رهي ۽ آخرڪار سخت معرڪي کانپو پنجين ڏينهن راجا ڏاهر مارجي ويو۔ (ڪجهه روايتن ۾ راجا ڏاهر جي وفات جي تاريخ 20 جون 721ع درج ٿيل آهي۔ والله علم) راجا ڏاهر کانپو سندس زال راني بائي ۽ ڀيڻ قلعي جي حفاظت ڪئي۔راجا ڏاهر جي اها زال سندس ڀيڻ به هئي۔ راوڙ قلعو فتح ٿيڻ تي راني بائي ۽ ٻين راجپوت خاندان جي عورتن پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو۔ ان موقعي تي سيساگر نالي راج ڏاهر جي وزير شڪست قبول ڪئي۔ سيساگر اغوا ٿيل ۽ گرفتار عرب عورتون ۽ ٻار جيڪي راجا ڏاهر قيد رکيا هئا، آزاد ڪري محمد بن قاسم جي خدمت ۾ پيش ڪيا۔ راجا ڏاهر جو پٽ جي سنگهه جيڪو الور (اروڙ) ۾ هو، اسلامي لشڪر کان خوفزده ٿي برهمڻ آباد ڀڄي ويو۔ اتي جي سنگهه اٽڪل 40 هزار جي لشڪر سان قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو۔ محمد بن قاسم 6 مهينن تائين قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ آخرڪار اهو قلعو ۽ برهمڻ آباد فتح ٿيو، جنهن کانپو محمد بن قاسم الور (اروڙ) جو رخ ڪيو، جتي راجا ڏاهر جو پٽ گوپي حڪمران هو۔ ان کي به آساني سان شڪست ڏني وئي۔ جنهن بعد باتيا يا بانيا تي يلغار ڪئي وئي۔ اتي راجا ڏاهر جو ڀائيٽوڪڪسا حڪمران هو۔ ان به شڪست مڃي ۽ محمد بن قاسم سان ملي ويو۔ ڪڪسا عربن جي تمام گهڻي مدد ڪئي۔ اسلامي لشڪر جي ڪاميابين ۽ مختلف علائقن جي فتح جو اهو سلسلو جاري رهيو ۽ آخر ۾اسڪلنده (موجوده اُچ) تي قبضي کانپو محمد بن قاسم جو تقريبن سڄي سنڌ تي قبضو ٿي ويوهو۔ جنهن کانپو محمد بن قاسم ملتان ڏانهن لشڪرڪشي ڪئي۔ ياد رهي ته ملتان راجا چچ (هي راجا ڏاهر جو پي هو) جي زماني کان سنڌ جو هڪ صوبو هو۔ان وقت راجا ڏاهر جوسوٽ راجا گرر سنگهه ملتان جو حڪمران هو۔ سنڌ وارا راجا ڏاهر جي ظلمن کان ڇوٽڪاري ۽ سنڌ جي فتح کان ايڏا ته متاثر ٿيا جو محمد بن قاسم کي هڪ عظيم هستي مڃڻ شروع ڪيائون۔ ايتري قدر جو ان جو بت ٺاهي ان جي پوڄا به شروع ڪئي وئي۔اهو بت ڪيمرج جي مقام تي رکيل هو۔ سنڌ تي اٽڪل چاليهه سال 711ع کان 750ع تائين اسلامي خليفن جي تابعين جي حڪومت رهي، انکانپو عباسي دورِ حڪومت شروع ٿيو۔ محمد بن قاسم جي متنازعه موت: محمد بن قاسم جڏهن ملتان پهتو ته کيس خبر ملي ته حجاج بن يوسف جو انتقال ٿي ويو آهي ۽ کيس واپس بغداد گهرايو ويوآهي۔ ڪجهه روايتن ۾ آهي ته محمد بن قاسم جي وفات بيحد اذيت ناڪ ٿي هئي۔خليفي وليد بن مالڪ جي وفات کانپو نئون خليفو سليمان عبدالملڪ هو، جيڪوفطري طور تي ڪينه پرور انسان هو۔سليمان عبدالمالڪ ذاتي حسد ۽ عناد جي ڪري محمد بن قاسم کي گرفتار ڪري جيل ۾ رکيو۔ اتي کيس هر طرح جا ايذا ڏنا ويا ۽ آخر ۾ گڏهه جي کل ۾ وجهي محمد بن قاسم کي نوجواني ۾ ئي مارائي ڇڏيائين۔ ان وقت سندس عمر 22 سال هئي۔ ڪجهه راوين لکيو آهي ته راجا ڏاهر جي خاندان جي ڪجهه عورتن نئين خليفي کي محد بن قاسم بابت ڪافي شڪايتون موڪليون هيون ۽ سندس مٿان زنا جا الزام به لڳايا ويا هئا۔(والله علم)
سنڌ جو هيرو محمد بن قاسم آهي:هي سوچ اڪثريت جي آهي۔ ان مطابق محمد بن قاسم سنڌ ڌرتي تي حملو هڪ نيڪ ارادي سان ڪي اڪثريت ته جناب نوح عليه سلام جي ٻيڙي ۾ به نه چڙهي هئي. اڪثريت جو ئي فيصلو هو ته جناب ابراهيم عليه سلام کي باهه جي آڙاه ۾ وڌو وڃي. اڪثريت جو ئي فيصلو هو ته سرور ڪونين خاتم النبياءَ جي ڪفنائڻ ۽ دفنائڻ ۾ شريڪ نه ٿجي. اڪثريت جو ئي فيصلو هو جناب علي عليه سلام کي تنگ رکيو وڃي اڪثريت جو ئي فيصلو هو ته جناب حسن عليه سلام جي جنازي تي تير وسايا وڃن اڪثريت جو ئي فيصلو هو ته جناب حسين عليه سلام کي ڪربلا ۾ ساٿين سميت شهيد ڪيو وڃي ۽ خاندان رسالت کي ايذا رسايو وڃي اڪثريت جو ئي فيصلو هو ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي چاڙهيو وڃي. اڪثريت جو ئي فيصلو هو، آهي ۽ رهندو ته سنڌين کي پوئتي رکي سندن حق غصب ڪيا وڃن.
محمد بن قاسم هڪ ڦورو ۽ لٽيرو هو۔ سنڌ جي فتح کانپو اسلام جي نالي تي سنڌ جي تهذيب کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪيائين۔ ڪير به هجي جي ڪنهن جي به گهر ۾ گهڙي اهو ڦورو لٽيرو ئي آهي. اڄ امريڪا جي ڪنهن ملڪ تي ڪاهه ٿو ڪري ته پوءِ ان کي اسان ڇو ٿا ننديون ؟؟؟ اهو به اهي ئي ڳالهيون ٿو ڪري جيڪي ڳالهيون بن قاسم ۽ حجاج ڪيون هيون
آخر ۾ گڏهه جي کل ۾ وجهي محمد بن قاسم کي نوجواني ۾ ئي مارائي ڇڏيائين۔ عرب ايڏا ظالم جو بي زبان جانور کي ماري ۽ وري ان جي بيعزتي ڪيائون. جو ان جي بهترين کل ۾ هڪ ظالم کي وڌائون
راجا ڏاهر کانپو سندس زال راني بائي ۽ ڀيڻ قلعي جي حفاظت ڪئي۔راجا ڏاهر جي اها زال سندس ڀيڻ به هئي۔ ڪوڙ جي ڪا انتها هوندي آهي پر هت ته ليڪا ئي اورانگهيل آهن
سنڌ جي فتح کان ايڏا ته متاثر ٿيا جو محمد بن قاسم کي هڪ عظيم هستي مڃڻ شروع ڪيائون خبر ناهي ته اهي ڪهڙا سنڌي هيا جن جي عورتن سان زنائون ٿيون ۽ عربستان ۾ امويين جون ٻانهيون بڻيون بيدردي سان انهن جون عزتون لٽجنديون رهيون ۽ هي ان کي هڪ عظيم هستي مڃيندا رهيا.
بن قاسم کي هڪ عظيم هستي مڃڻ شروع ڪيائون۔ ايتري قدر جو ان جو بت ٺاهي ان جي پوڄا به شروع ڪئي وئي۔اهو بت ڪيمرج جي مقام تي رکيل هو۔ ڪٿي آهن طالبان جن گوتم ٻڌ جو مجسمو تباه ڪيو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟