وَڳَرُ وسَاري ويٺئينءَ، ڪيئن ماٺ ڪري ؟ ڪ تو نه مارَي، رُڻُ جُهڻُ سَندي سَڄَڻين. سر ڏهر وَڳَرَ = وَلَرَ ، پکين جا ميڙ ڪ = ڇو، ڇو نَه ،رُڻُ جُهڻُ = رهاڻ، رهاڻيون، ڪچهريون، يادون، سارون، ساروڻيون * موسم ڦيرو کائيندي ئي سڀ پکي پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهن اڏري هليا ويا آهن. هڪ ڪُونجَ رهجي وئي آ، وڇڙي وئي آ، پنهنجي ولر کان. * ڀٽائي ان ڪونج کي پيو چئي ته پنهنجي ولر کان وڇڙي اڪيلي ٿي وئي آهين، ڇا توکي پنهنجون ڪونجون، وطن ۽ ماڳ ياد نٿو اچئي ؟ پنهنجين ڪونجڙين سان ڪيل رهاڻيون ياد نٿيون اچني ؟ سمجهاڻي ڀٽائي شاعر سان گڏوگڏ هڪ عظيم مفڪر ۽ دانشور به آهي. دانشور جي نظر نه رڳو ماضي ۽ حال پر مستقبل تي به هوندي آهي. ڀٽائيءَ جو هي علامتي انداز ۾ لکيل بيت بظاهر ته هڪ ڪونج جي ساروڻين ۽ اڪيلائين کي ٿو ظاهر ڪري . دراصل ڀٽائي سنڌي قوم جي انهن لکين ۽ ڪروڙين ماڻهن کي تنبيهه ٿو ڪري ته پنهنجي قوم, ننگن ۽ دنگن کي ايئين نه وساري ويهو. هيڏن هاڃن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ تي خاموش ٿي نه ويهو. اٿو ۽ پنهنجي قوم ۽ سنڌ وطن جي مالڪي ڪيو. ____ سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل