مارئي شاهه جي نظر ۾

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    حافظ محمد احسن چنه

    عام طرح هر هڪ سنڌ واسي ائين چوندو آهي ته مارئي جي بيان ۾ شاهه وطن جي حب جو نقشو چٽيو آهي. وطن ۽ وطن وارن جي محبت جو ثبوت پيش ڪيو آهي ۽ ٻين کي سبق سيکاري ٿو. اهو به برابر صحيح ۽ سچ آهي پر ٻيون به گهڻيون خوبيون ان ۾ آهن جيئن ته سيل ۽ ست بچائڻ، عصمت ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ، همت ۽ استقلال، بي باڪي ۽ جرائت جا غير معمولي مثال پيش ڪيا اٿس. مارئي کان زبان حال سان چورائي ٿو ته:-
    ”سهسي سيبا ڪنجري، لوئي سين ليڙن،
    ههڙو حال وٺي ڪري، وڃان منجهه ٿرن،
    مارو مان چون، ته هئي اسانجي آسري“

    فطرتي طرح هر ڪنهن انسان کي عشق و عشرت، سک ۽ آرام، فرحت ۽ راحت، خوشي ۽ خوراڪ پسند ايندا آهن. ڪهڙو انسان آهي جو اهي خواهشون نه ڪندو هوندو ۽ آرزو نه رکندو هوندو ۽ انهن جي ميسر ٿيڻ تي مسرور نه ٿيندو مگر عصمت اها چيز آهي جا دنيا جي هر عيش ۽ هر قيمت کان مٿي، مهانگي بلڪه املهه آهي.
    هن خوبي تي سنڌ وارن کي فخر ۽ ناز آهي ته نه رڳو شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پڙهيل ۽ سڌريل عورتن ۾ ليڪن جهنگ جي جهانگين ۽ رڻ پٽ جي رهواسين ۾ به ست ۽ سيل رکڻ، عصمت بچائڻ جو گڻ موجود آهي ورنه هڪ جهنگ جي اڻ پڙهيل عورت، جنهنکي نه پردو نه پوش، نه واهي نه رکوال پوءِ به عصمت بچائڻ ۽ ست سيل رکڻ خاطر دنيا جي عيش و عشرت کي تڇ برابر سمجهڻ بلڪ بادشاهه جي اڳيان هڪ غريب ۽ بي واهه عورت هجڻ جي حيثيت ۾ جان جوکي ۾ وجهڻ، تڪليفون ۽ مشڪلاتون سهڻ، نه وهنجڻ نه وار ڳنڌائڻ، نه لاکيڻي لوئي لاهي پٽ پهرڻ، بکون ڪڍڻ، سيج نه سمهڻ بلڪ قيد ڪاٽڻ به قبول ڪيائين ۽ سمجهيائين ته حاڪم جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ مان ڪهڙو نتيجو نڪرندو ۽ ڪهڙا ڏک ڏسڻا پوندا، ڪهڙا ڪلور ڪاٽڻا پوندا بلڪ سر به سلامت نه رهندو، پر تڏهن به انهن سڀني ڳالهين کان پنهنجي عزت ۽ عصمت بچائڻ اعليٰ ۽ اتم، بهتر ۽ برتر سمجهيائين ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين ته سنڌ جي رهاڪن ۾ نه رڳو پڙهيل، متمدن ۽ شهرن ۾ رهندڙ عورتن ۾ بلڪ جهنگ جي جهانگين، ڏٿ ۽ ڏونئرن تي گذران ڪندڙن، پڪن ۽ پيرن تي پلجندڙن ۾ به غيرت، حميت ۽ عصمت بچائڻ جو گڻ ۽ خوبي موجود آهي. پاڻ کي چوي پيئي ۽ دل کي يقين پيئي ڏياري ته:-
    ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾ لوئي هڏ م لاهه،
    ڪامڻ اوهانجي ڪر جي ايءُ آڏ وڏائي آهه،
    ستي سيل نباهه، ملير ويندئين مارئي.

    همت ۽ استقلال انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو چئبو، صداقت ۽ سچائي، همت ۽ جرائت ٻي ڪهڙي ليکبي، جو وطن کان وڇڙيل، ديس کان دور، مٽن ۽ مائٽن کان ڌار، نه اوهي نه واهي، نه ساٿي نه همراهه، ضغيف ضائفه، ڪوٽن ۾ قابو، زنجيرن ۾ ڪڙيل، بادشاهه جي ضابطه ۽ قبضه ۾ ته به چوي ته:-
    ملڪ ماروءَ جي آهيان، زور نه ٿيان جوءِ،
    سو قلب ڪوٽ نه هوءِ، جو هتيجن هٿ ڪيو.
    عمر اڃا ڪپڙا ڪاڻياريون ڪيئن ڪن
    جنهين جا ٿرن ۾ ور ٿا ويڻ سهن
    هوءَ جي حق ڀڃن، سي ڪئن ستيون سومرا.

    بادشاهه کي کتو جواب ڏيڻ ۽ سندس ڪابه آڇ نه مڃڻ، نااميد ڪرڻ، اهو ڪمال درجه جو استقلال ۽ همت، غيرت ۽ جرائت، محڪم مزاجي ۽ بي باڪي آهي.
    وطن جي محبت جو ته مارئي زنده مثال آهي، جيئن چوي ٿي:-
    واجهائي وطن کي، ساري ساه ڏيان
    هئي سير ساڻيهه سامهون منهنجو نج ميان
    مقامياڻي ماروئين، وڃي ٿر ٿيان
    ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ۾.

    عمرڪوٽ جون اوچون ماڙيون، باغ ۾ بنگلا، قيام ۽ طعام، زربفت ۽ اطلس، پٽ ۽ پٽيهر، پلنگ ۽ پٿراڻيون، هندورا ۽ حويليون، ٻانهيون ۽ دايون، اٺ ۽ گهوڙا، عطر ۽ عنبير، شاهاڻو شان، مرتبو ۽ مان بلڪ هر ساز و سامان – ٿر جي ڀٽن ۽ واري جي وٿاڻن، چونرن ۽ چبوترن، ڪرڙن ۽ ڪنڊن، ڏٿ ۽ ڏونئرن، رڍن جي اُن جي کٿي، ٻڪرين ۽ رڍن، دٻن جي پاڻي، اس ۾ هلڻ، پٽ ۾ پهون چارڻ کان گهٽ هئا ڇا؟ پر اهو ”حب الوطني من الايمان“ جو جذبو ۽ جوش هو ۽ وطن سان بي پايان الفت هئي جنهنڪري وطن جي رواجي ۽ معمولي چيزن سان اعليٰ درجي جون شيون به تمام گهٽ ٿي سمجهيائين.
    آسرو الله ۾ ۽ يقين دل ۾ هوس ته نيٺ ملير ۾ مارن سان وڃي ملنديس جو صداقت کي سوڀ آهي تنهن ڪري دل کي دلاسا ڏئي چوي ٿي ته:-
    م ڪي روءِ، م رڙ ڪي، م ڪي ڪر دانهون
    ستي لوڪ لطيف چئي، ٻئي کڻج ٻانهون
    لڏيء جت لائون، سو ڏيهه پسندينءَ مارئي.
    مارئي زور زبردستي سان ٿر جي کوه تان کڄي آئي هئي ۽ ڪوٽن ۾ قابو هئي، سندس ڪو وس ڪونه هو نڪا ڀيڻي ڀر، ان ڪري کيس قصور وار نٿو چئي سگهجي پر مارن جي محبت ۽ سندن مان مٿي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي قصور وار بنائي ۽ هيڻي حال سان پئي چوي ته:-
    سونهن وڃايم سومرا، هتي اچي هاڻ،
    ڪيئن لهنديم ڪاڻ؟ حسن مون هت ويو.

    مطلب ته سانگياڻي سون خوبين سان سينگاريل هئي جنهنجي هر هڪ خوبي اسان لاءِ نصيحت آموز سبق آهي.

    سلطان – شاعران ڪرام، سرتاج صوفيائي عظام، سنڌ جي عوامي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي رسالي ۾ جو دريا پلٽيو آهي، ان ۾ هر هڪ سر، هر هڪ داستان، هر هڪ بيت، هر هڪ سٽ ۽ هر هڪ لفظ معنيٰ ۽ مطلب خيز، مقصد ۽ منزل وارو آهي. جنهن جنهن سر کي پڙهبو ته بي اختيار چئبو ته ڪمال ڪيو اٿس، سسئي، سهڻي، سورٺ، مومل، مارئي، ليلان ۽ نوري کي هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيو اٿس. ليڪن مارئي جي مذڪور ۾ سنڌ وارن کي سوين سوکڙيون لکين لطيفا ڏنا اٿس ۽ سندن مان ۽ مرتبو، عزت ۽ عصمت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا اٿس.
    (ثناءُالله مهر جي وال تان ورتل)
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت ليک
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو