ترڪي ۾ آمر جنرلن کي جنم ٽيپ .....

'مختلف موضوع' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2014۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ترڪي جي عدالت اربع ڏينهن هڪ غيرمعمولي فيصلي ۾ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جو تختو اونڌو ڪندڙ ٻن رٽائرڊ فوجي جنرلن فوج جي چيف آف اسٽاف ڪئنان ايورن ۽ هوائي فوج جي سربراهه تحسين ساهنڪايا کي جنم ٽيپ جون سزائون ٻڌايون آهن. ان سان گڏ عدالت پاران سندن فوجي عهدن جي واپسي ۽ سندن مليل رعايتن جي خاتمي جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. اهي پهريان فوجي آمر آهن جن تي ڪيس هلائي سزاوار ڪيو ويو آهي. اهي ٻئي جنرل 97 ۽ 89 ورهين جي ڄمار سان ترڪي جي اسپتال ۾ بيمار پيا آهن. انهن تي ڪيس لاءِ کين عدالت ۾ گهرائڻ بدران وڊيو لنڪ وسيلي بيان ورتا ويا. ملڪ ۾ آمريت جي هميشه لاءِ خاتمي واسطي وزيراعظم طيب اردگان 2012ع ۾ اهو فيصلو ڪيو هيو ته جيڪي به فوجي جنرل ملڪ ۾ آمريت لاءِ ذميدار رهيا اهن تن مٿان ڪيس هلائي کين سزائون ڏنيون وڃن ۽ کين مليل “بچاءُ“ ختم ڪرڻ گهرجي. عدالت جي ان فيصلي تي تبصرو ڪندي مخالف ڌر جي سربراهه ”ايتون سيراءِ“ چيو آهي ته ”هي فيصلو انهن جي لاءِ هڪ سبق آهي جيڪي غيرجمهوري خواهشون رکن ٿا“ ترڪي ۾ 1960 کان ٽي دفعا آرمي جمهوريت جا تختا اونڌا ڪيا آهن، جڏهن ته 1997ع ۾ هڪ اسلام مائل سرڪار کي جبري طور استعيفا لاءِ مجبور ڪيو ويو هيو.

    12 سيپٽمبر 1980ع جي ڏينهن ترڪ فوجي جنرل ڪئنان ايورن ملڪ تي آمريت مڙهڻ لاءِ اول ملڪ جون حالتون خراب ڪرايون ۽ پوءِ ان کي جواز بڻائي پاڻ بالم ٿي اقتدار تي ويٺو هيو. هن پارليامينٽ کي ختم ڪيو، آئين کي معطل ڪيو، سياستدانن کي قيد ڪيو، سياسي پارٽين تي بندش وجهي ڇڏي، پاڻ فوج تان استعيفا ڏئي 1989ع تائين ملڪ جو صدر بڻيو رهيو. ”ڪئنان آمريت“ ۾ ساڍا ڇهه لک انسان قيد ڪيا ويا، 2 لک 30 هزار قيدي فوجي ڪورٽن ۾ سزاوار ڪيا ويا، 300 ماڻهو قتل ٿيا جن ۾ 171 انسان تشدد وسيلي ماريا ويا. 17 ورهين جي هڪ نوجوان سميت 49 ڄڻن کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو. رڳو جائزي طور چئي سگهجي ٿو ته 1977ع ۾ پاڪستان ۾ مارشلا آئي ۽ 1988ع ۾ جنرل ضياالحق جي جهاز حادثي سان گڏ ختم ٿي ويئي. ترڪي ۾ به ڄڻ ته اهو سڀ ڪجهه ساڳين ڏينهن ۾ ٿيو هيو. ڄڻ ته ترڪي ۾ به ڪئنان ايورن نه هجي اسان وارو جنرل ضياالحق هجي. ترڪي جي سرڪار جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم ٻرانگهون کڻي رهي آهي. اسان سميت سڄي دنيا جي جمهوري ملڪن کي پاڙيوارن ملڪن جي عدالتي فيصلن مان سکڻ گهرجي.

    عوامي آواز خميس 19 جون 2014ع؛ 20 شعبان 1435هه

    ڪاش اسان جي ملڪ ۾ به جمهوريت تي حاوي ٿيندڙ جنرلن کي به ڪا سزا ڏني وڃي ته ملڪ ۾ سڌاري جي شروعات ٿي پوي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ترڪي وارن صحيح فيصلو ڪيو آهي .... هتي به جيڪڏهن جنرلن سان اهو حشر ٿئي ها ته ڪڏهوڪو صحيح جمهوريت اچي ها .... پر هتي عدليه، فوج، وڏيرا ، مولوي سڀ مليل آهن ... سڀني کي پنهنجو گورک ڌنڌو ڪرڻ لاء حالتون گهرجن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو