• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اشارو

منصور سرور

سينيئر رڪن
زوهيب علي سومرو
گذريل ڪجهه مهينن کان پنهنجو پاڻ کي اخبار ۾ ڪنهن به قسم جو آرٽيڪل لکڻ کان روڪيو ويٺو هئس، ڇو ته مون کي يا مون جهڙن معاشراتي تلخين تي لکندڙ ليکڪن کي پنهنجن لکيل آرٽيڪلن مان ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي سواءِ دشمنين جي.

گذريل ڪجهه عرصي کان ميڊيا تي اهڙيون اهڙيون خبرون ٻڌڻ لاءِ ملي رهيون هيون، جن مون کي وري ڪاغذ ۽ قلم کڻي اخبار ۾ آرٽيڪل لکڻ لاءِ مجبور ٿي ڪيو پر جيئن تيئن ڪري پاڻ کي روڪيو ويٺو هئس ته اچانڪ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل لاهور ۾ پوليس گرديءَ واري واقعي مون کي جهنجهوڙي وڌو ۽ اڄ وري مان ڪاغذ ۽ قلم کڻي اخبار جي قيمتي ڪاغذ جي ڪجهه حصي کي پنهنجن لفظن ۽ جملن سان ڪارو ڪري رهيو آهيان.

جيئن ته آئون 2014-02-12 واري عبرت اخبار ۾ پنهنجي آرٽيڪل ۾ انهيءَ ڳالهه جي اڳڪٿي ڪري چڪو آهيان ته اسان جو ملڪ مڪمل تباهي ڏانهن وڃي رهيو آهي هاءُ باقي اڄڪلهه نيوز چئنلن تي جيڪي خبرون هلي رهيون آهن اهي پڻ ملڪ جي تباهي جون وضاحتون ڪري رهيون آهن.

مان پنهنجي اڄ واري آرٽيڪل ۾ ڪجهه به لکڻ کان اڳ هڪ قصو بيان ڪرڻ پسند ڪندس جيڪو ڪجهه هن ريت آهي:

ڪجهه بادشاهه ملي ڪري هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندي هڪ وڏي سرزمين تي بادشاهي ڪندا هئا ۽ هو پنهنجو پاڻ کي عوام جو خادم ۽ نوڪر چئي ڪري عوام کي ئي بيوقوف ٺاهي سندن محنت ۽ مشقت جي ڪمائي لٽيندا رهندا هئا ۽ اهڙي طرح انهن بادشاهن عوام کي لٽي ڪري هڪ وڏو خزانو گڏ ڪيو ۽ پاڻ ان خزاني تي قابض ٿي ويا ۽ هو ان خزاني کي صرف ۽ صرف پنهنجي عياشين لاءِ استعمال ڪندا هئا.

هڪ وڏي عرصي کان بادشاهن جو اهڙو رويو ڏسي عوام کانئن بيزار ۽ باغي ٿيڻ لڳي ۽ انهن بادشاهن کي به خبر پئي ته عوام انهن کان باغي ٿي چڪي آهي ۽ عنقريب عوام انهن کي پڪڙي ماري ڇڏيندي ۽ خزاني ۾ بند پيل دولت به عوام واپس ڦري وٺندي.

اهڙي قسم جي اطلاع ملڻ کانپوءِ سڀن بادشاهن ملي ڪري هڪ حڪمت عملي جوڙي جيڪا ڪجهه هن ريت هئي:

عوام جي بغاوت کي نظر ۾ رکندي انهن بادشاهن انهيءَ ڳالهه تي به غور ڪيو ته ساڳي باغي عوام جا ماڻهو يا انهن جا ٻار ٻچا سندن فوج ۾ به ڀرتي ٿيل آهن ۽ کين جيترو خطرو عوام کان محسوس ٿئي ٿو اوترو ئي خطرو سندن ئي فوج کان به محسوس ٿيڻ لڳو، پوءِ انهن بادشاهن پهرين فوج جي خطري مان جان ڇڏائڻ جي لاءِ فوج جي اندر پنهنجا ڀروسي وارا ماڻهو شامل ڪري فوج کي ڪو علائقو فتح ڪرڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو ۽ فوج ۾ پنهنجي ڀروسي وارن ماڻهن کي اهو ڪم سونپيو ته هو پنجن ڏينهن جي سفر کانپوءِ پنهنجي ئي فوج تي پويان کان حملو ڪري ماري ڇڏين ۽ پوءِ سندن لاشون واپس کڻي اچي اِهو چون ته اسان جنگ فتح ڪري آيا آهيون، جنهن جي نتيجي ۾ کين اعليٰ عهدن تي فائز ڪيو ويندو ۽ پوءِ انهن بادشاهن انهن پنجن ڏينهن اندر سرزمين جو خزانو کڻي فرار ٿيڻ لاءِ پنهنجي ڪجهه نمڪ حلال ۽ ڀروسي مند نوڪرن کي پنهنجو مخالف ڪري بيهاري ڇڏيو، جيڪي انهن بادشاهن جي کلي عام مخالفت ڪندا هئا ۽ سندن خلاف سخت لفظ استعمال ڪندا هئا، پوءِ اِهو سڀ ڏسي ڪري ان سرزمين جا معصوم ۽ ڪم عقل ماڻهو به سندن پوئلڳ ٿي پيا ۽ کين پنهنجو همدرد ۽ ليڊر سمجهڻ لڳا.

۽ پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ انهن بادشاهن جي نوڪرن بادشاهن کي پڪڙي ورتو ۽ کين عوام جي سامهون تمام گهڻو بي عزت ڪيو ۽ پوءِ انهن بادشاهن کي هڪ ڏينهن اندر اها سرزمين ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ پوءِ اهڙي طرح اهي بادشاهه پنهنجون جانيون بچائي ۽ عوام کان لٽيل دولت سان ڀريل خزانو کڻي ڪنهن سرزمين تي هليا ويا ۽ پنهنجون بادشاهيون پنهنجي نوڪرين جي حوالي ڪري ويا ته جيئن اهي به عوام کي لُٽي ڪري پنهنجن مالڪن کي دولت موڪليندا رهن.

ساڳيءَ طرح جيڪڏهن وطن عزيز پاڪستان جي سرزمين تي به غور ۽ ويچار ڪيو وڃي ته خبر پوندي ته 66 سالن کان وٺي پاڪستان تي بادشاهي ڪندڙ بادشاهن به عوام کي سدائين بيوقوف ٺاهي کين لالي پاپ ڏيندي مختلف طريقن سان صرف ۽ صرف لٽيو ئي آهي ۽ لٽيل عوام جي پئسي مان پاڻ صرف ۽ صرف عياشي ئي ڪئي اٿن ۽ اڄ ملڪ جون حالتون اتي اچي پڳيون آهن جو ملڪ جي غريب ماڻهن کي سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر علاج ملڻ هڪ خواب ٿي ويو آهي، غريب جي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ سٺي تعليم ملڻ ناممڪن ٿي چڪي آهي، بلڪي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بگاڙي ڪري عام ماڻهن کان روزگار تائين ڦري ورتو ويو آهي ۽ هڪ وڏي عرصي کان هلندڙ ملڪ ۾ بجليءَ جي مسئلي عوام کي ملڪ جي حڪومتن ۽ حڪومتن جي ليڊرن ۽ سياستدانن کي گاريون ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

۽ هاڻ ملڪ جي عوام کي اهو احساس پڻ ٿيڻ لڳو آهي ته سندن پئسو انهن شين لاءِ استعمال نه ٿي رهيو آهي جن جي کين اشهد ضرورت آهي بلڪي انهن جو پئسو انهن شين لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي جن سان ملڪ جي بادشاهن کي فائدو رسي ٿو.

وطن عزيز پاڪستان جا بادشاهه پنهنجين عياشين ۽ پنهنجن فائدن ۽ مفادن کي حاصل ڪرڻ ۾ ايترو ته مگن ٿي ويا جو کين ملڪ جي وقار ۽ عالمي دنيا ۾ ملڪ جي عزت جو به خيال نه رهيو ۽ نتيجن قائدِ اعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي خطرناڪ حملو ٿي پيو ۽ ملڪ جو وقار عالمي دنيا جي نظرن ۾ ڪري پيو ۽ پوءِ اِهو سڀ ڏسي ڪري به هتي جي بادشاهن کي ملڪ جي رهيل سَهِيَل عزت ۽ وقار جو ڪو خيال نه ٿيو ۽ ايئرپورٽ واري واقعي جي ڪجهه ئي عرصي بعد ۽ اڄ کان ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور ۾ ٿيل پوليس گرديءَ عالمي دنيا کي پاڪستان کي حيرت ۽ حقير نگاهن کان ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

اِهو سڀ ڏسي ڪري پاڪستان جي عوام جون اکيون کلي ويون آهن ۽ عوام هاڻ پاڪستان جي بادشاهن کان وڌيڪ سمجهدار ٿي وئي آهي ۽ هاڻ ته عوام ٽي وي تي نيوز چئنلن تي ۽ سوشل ميڊيا تي کلي عام ملڪ جي جمهوريت جو برقعو پاتل بادشاهن کان بيزاريءَ جو اعلان ڪري رهي آهي.

۽ هاڻ اهڙي خبر ملڪ جي بادشاهن کي به ضرور پئجي وئي هوندي ۽ مٿي ٻڌايل مثال يا قصي وانگي پاڪستان جا بادشاهه به ضرور گڏ ٿي ڪا حڪمت عملي جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا.

انهيءَ کان پهرين ته اهي بادشاهه ڪا حڪمت عملي جوڙي پنهنجون جانيون بچائي عوام پاڪستان کان لٽيل پئسو کڻي فرار ٿي وڃن آئون بحيثيت پاڪستان جو هڪ عام ماڻهو ٿي ڪري پنهنجي هن آرٽيڪل ذريعي ملڪ جي ذميوار اداري کان اِهو مطالبو ڪيان ٿو ته هاڻ هوشياري وٺڻ گهرجي ۽ ڪٿي ائين نه ٿئي ته پاڪستان جي بادشاهن به منهنجي هن آرٽيڪل جي شروعاتي قصي واري بادشاهن وانگي ڪا حڪمت عملي جوڙي ڇڏي هجي!!!

"It is nice to be important but,

It is most important to be nice."
 
Back
Top