ڪنهن به حالت ۾ سنڌ نه ڇڏڻ جو وچن!ڀٽائي سرڪار جي اڱڻ ۾ هندو برادري جو يادگار ميڙاڪو، ڪنهن به حالت ۾ سنڌ نه ڇڏڻ جو وچن، حالتن سان مقابلو ڪرڻ جو فيصلو. هندو سنڌ جا اصل وارث آهن، اگر 10 سال پهرين اهڙو ميڙاڪو ٿئي ها ته حالتون اڄ ائين نه هجن ها: لطيف سرڪار جو گادي نشين سيد نثار شاه اڄ محسوس ٿيو آهي ته اسان ننڌڻڪا ناهيون، سڀ گڏجي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سان منهن ڏينداسين.