• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائي بختاور شهيد

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
مائي بختاور شهيد
مائي بختاور هارين جي حقن لاءِ عظيم اڳواڻ ۽ رول ماڊل آهي: مقرر
JUNE 22, 2014 AT 11:31 PM BY ADMININDUS روزاني سنڌ حيدرآباد

027.jpg

قبو سعيد خان(ن س) قبو سعيد خان ۾ اين ڊي ايس طرفان مائي بختاور جي 67 هين ورسي جي حوالي سان سيمينار منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي سيمينار ۾ اڳواڻن روبينا چانڊيو،مراد پندراڻي، مظهر ابڙو، گهنور بروهي، سلميٰ ڀٽي، گل محمد کرل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مائي بختاور هارين جي حقن لاءِ عظيم اڳواڻ ۽ رول ماڊل آهي، موجوده حالتن ۾ مائي بختاور جهڙي ڪردار جي ضرورت آهي ۽ هارين جي حقن لاءِ منظم نموني سان تحريڪ عورتن جي شموليت سان ئي ممڪن بڻجي سگهجي ٿي، اڌ صدي کان به مٿي جيڪڏهن بختاور جهڙي دلير ۽ باهمت عورت پيدا ٿي سگهي ته هاڻي تبديل ٿيل دنيا اندر گهڻيون شيون آسان ۽ پهچ لائق ٿيون آهن، تنهن ڪري هاري پاڻ سان گڏ هارياڻين کي به پنهنجي مسئلن لاءِ ساڻ ڪري اڳتي وڌن، هنن چيو ته مائي بختاور جهڙي عظيم قرباني سبب اڌ بٽائي ممڪن بڻي. صوفي شاهه عنايت جي جيڪو کيڙي سو کائي واري تحريڪ کان پوءِ اڌ بٽئي واري هي ٻي وڏي هاري تحريڪ هئي، جنهن کي شهيد بختاور پنهنجو رت ڏئي ڪامياب بڻايو. هنن مطالبو ڪيو ته هاري ڪورٽون قائم ڪيون وڃن، سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ هارين جي تجويزن مطابق ترميم ڪري عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، زرعي فصلن جي انشورنس کي پڻ يقيني بڻايو وڃي
 
Back
Top