آسَا سُرمون سياهيءَ جو، رَنُن کي رهاءِ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سُرمون سياهيءَ جو، رَنُن کي رهاءِ
    ڪاني ڪارائيءَ جي، مڙسُ ٿي مَ پاءِ
    اکيُن ۾ اٽڪاءِ ، لالائي لاَلَنَ جي.


    سر آسا

    سياهي = ڪاراڻ
    رَنُن = عورتن، زالن، زائفائن
    رهَاءِ = جڳائي ٿو، ٺهي ٿو
    ڪاني = سرائي سرمي جي
    ڪارائيءَ = ڪاراڻ، سرمي جو رنگ ڪارو ٿيندو آهي.
    مَ = نه، هرگز
    اٽڪاءِ = لڳاءِ، ,پاءِ
    لالائي = لالاڻ، ڳاڙهاڻ
    لاَلَنَ= محبو، پرين، معشوق

    * اکين ۾ سرمون پائڻ، ڪجل لڳائڻ، هار سينگار ۽ تيل ڦليل ڪرڻ، ويس وڳا ڍڪڻ اهي سڀ ڳالهيون ته عورتاڻيون آهن ۽ انهن کي ئي ٿيون سُونهَن.

    * عورتن جيان ڪجل، سرما، ويس وڳا، ٺاهه ٺوهه ڪرڻ تو مرد جو شان ناهي، توکي ايئين نه جڳائي.

    * تنهنجي اکين ۾ ته ڪا مردانگيءَ جي ڏيا، حشمت، جوت ۽ ڪا لالاڻ هجڻ کپي. تنهنجي اکين ۾ ته محبوب جي عشق ۾ رڱيل ڪي خُمَارَ نظر اچڻ کپن.

    سمجهاڻي

    ڀٽائي اسان کي هدايت ٿو ڪري ته سستي ۽ ڪاهلي ڇڏيو ۽ عورت جيان صنف نازڪ نه بڻجو. هر وقت هار سينگار ڪري، ويس وڳا ڍڪي بي پرواهه ٿي پيا گهمو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونهي. مردن کي ته اهي عورتاڻيون ڳالهيون نه ٿيون سُونهَن. مرد جو ڪم ته ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪرڻ آهي. تنهنڪري دلير، بهادر ۽ مڙس ماڻهون ٿيو ۽ پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ جي حفاظت ڪيو.

    ____
    سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو