شهباز جي پرواز ڪيستائين؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    وسعت الله خان
    ڀلا شهباز شريف وزارتِ اعلى تان استعيفى ڇو ڏي؟

    ڇا هُن ڏهن کان وڌيڪ ماڻهن جي اجل جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ متاثرن جي دلجوئيءَ جي لاءِ گهري پشيمانيءَ جو اظهار نه ڪيو ۽ ڪنهن به انڪوائريءَ جي نتيجي اچڻ کان پهريان پنهنجي وزيرِ قانون راڻا ثناءُ الله، سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير کي برطرف ۽ اعلى پوليس آفيسرن کي لائن حاضر نه ڪيو ۽ اِهو پڻ نه چيو ته جيڪڏهن ثابت ٿي وڃي ته سڀ ڪجهه اُن جي حڪم تي ٿيو آهي ته ترت استعيفى ڏئي ڇڏيندو.

    جيڪڏهن پنجاب جي وزيراعلى جي استعيفى جي مطالبي جو بنياد هڪ ڏينهن ۾ درجن ماڻهن جو موت آهي ته پوءِ ته سنڌ جي وزيراعلى کي ڪراچي ۾ اٺن کان پندرهن ماڻهن جي موت تي روز شام جو استعيفى جمع ڪرائڻ گهرجي.

    ڪيترائي ساڙ سڙيا چون ٿا ته ننڍو ڀاءُ راضي ناهي ته وڏي ڀاءُ کي ئي استعيفى گهري فاروقي مثال قائم ڪرڻ گهرجي. پهرين ڳالهه اها آهي ته لاهور ۾ جيڪي ماڻهو مُئا آهن، اُنهن ۾ ڪو به حڪيم محمد سعيد جهڙي حيثيت جو شخص نه هو، ٻي ڳالهه اِها ته شهباز شريف جو نالو لياقت جتوئي ناهي، ٽين ڳالهه اِها آهي ته اتفاق انڊسٽريز آهي، نفاق اندسٽريز ناهي. ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جنهن وزيراعلى کي ٽي وي جي ذريعي معلوم ٿيو هُجي ته اُن جي پوليس اٺن ماڻهن کي گهوٽي ڇڏيو، اهڙي معصوم کان استعيفى جو مطالبو ڪجهه غير اخلاقي لڳي ٿو. هتي ته ڪو ماڻهو اڌار واپس ناهي ڪندو ۽ اوهان رت ولوڙي ڪمايل عهدو واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهيو، قربان وڃان ان فرمائش تي.

    هاڻ ڏسو، شهباز شريف جي استعيفى جو مطالبو ڪير ڪري رهيو آهي؟ شيخ رشيد احمد، سندس عوامي مسلم ليگ، جنهن جا حامي هڪ سالم ٽانگي ۾ پورا اچي وڃن. پرويز الاهي جنهن پنهنجي پُٽ مونس الاهي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ته جيستائين مان وزيراعلى هُجان بينڪ آف پنجاب سميت ڪنهن به مالياتي اداري جي اڳيان گذرڻو به ناهي. چوڌري شجاعت حسين، جنهن لال مسجد اسلام آباد تي حملي کان ترت پوءِ مشرف حڪومت جي استعيفى جو مطالبو ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف جنهن جي خيبرپختونخوا حڪومت گذريل سال طالبانن جي هٿان ڊيرا اسماعيل خان جيل مان اڍائي سؤ قيدين جي فرار جي اخلاقي ذميداري قبول ڪندي ترت مستعفي ٿي وئي.

    ان ڳالهه کان ڪهڙو قانون پسند شهري منڪر آهي ته پاڪستان جي ڪنهن به شهر خاص طور لاهور ۾ ڪا سڙڪ يا گلي نو گو ايريا نه هُجڻ گهرجي. راءِ ونڊ پيلس جا دروازا هر سائل جي لاءِ ڏينهن رات کليل آهن. ماڊل ٽائون ۾ شريف برادران جي پراڻي گهر جي گهنٽي وڄائي ڪو به راهه گير پاڻي گهري سگهي ٿو. حڪمران خاندان جي ڪنهن به فرد کي صرف سادي ڪار ۾ هڪ مسلح پوليس واري سان گڏ سفر ڪرڻ جي ئي اجازت آهي.

    خود خادمِ پنجاب جو ايمانِ ڪامل آهي ته زندگي ۽ موت خدا جي هٿ ۾ آهي. تنهن ڪري پنجاب پوليس جي ايليٽ ڪمانڊوز کي سختيءَ سان چيو ويو آهي ته اُهي ماضيءَ جيان پروٽوڪول ڊيوٽين تي وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ پنهنجا پيشيوراڻا فرض ايمانداري ۽ همدرديءَ سان گڏ عوام جي جاني ۽ مالي تحفظ جي لاءِ وقف سمجهن. ته پوءِ طاهر القادري ڇا آسمان تان لٿو آهي جو اُن جي گهر ۽ پارٽي دفتر کي رُڪ جو قلعو بڻائڻ ۽ محافظن جي فوج رکڻ جي اجازت هُجي؟

    ٺيڪ آهي، لاهور ڇانوڻي ۾ هر سؤ ٻه سؤ گز کان پوءِ هڪ عرصي کان ڪنهن عدالتي اجازت کان بغير رڪاوٽون کڙيون ڪيل آهن ۽ ڪو به شهري بنا سڃاڻپ جي ڪينٽ جي ڪنهن رستي تي چهل قدمي نٿو ڪري سگهي، اِهو به مڃي وٺون ٿا ته ڪو پکي ڪنهن ڪالعدم تنظيم جي ظاهري ۽ لڪل مرڪز جي مٿان پَر ڦهلائي گذري نٿو سگهي، پر هي ته نيشنل سيڪيورٽيءَ جا معاملا آهن. انهن کي جواز بڻائي قادري پادري پنهنجي من ماني نٿو ڪري سگهي.

    ها شهباز شريف کي استعيفى ڏيڻ گهرجي، ڇو ته پوليس هُن جو حڪم نه مڃيو. بقولِ سندس هُن رات دير سان هدايتون جاري ڪيون هيون ته رڪاوٽون هٽائڻ وارو آپريشن معطل ڪيو وڃي. اُن جو مطلب آهي ته يا ته مٿان کان حڪم بروقت هيٺ تائين نه پهتو يا ڪا غيبي شيءِ وزيراعلى کان به وڏي خادم اعلى آهي جنهن واضح احڪامن باوجود پوليس ڪارروايون جاري رکڻ جي لاءِ چيو.

    ڪارڻ ڪهڙو به هُجي هڪ بي خبر ۽ بي وس وزيراعلى ڪنهن به باخبر ۽ بااختيار وزيراعلى کان وڌيڪ نقصان پهچائيندڙ آهي ۽ اُهو به اڄ جي پاڪستان ۾. مثال طور ڏسو، بلوچستان جو ڊاڪٽر عبدالمالڪ، خيبرپختونخوا جو پرويز خٽڪ ۽ سنڌ جو سائين قائم علي شاهه. ٻيا به نالا کڻي سگهجن ٿا پر مشڪل هي آهي ته پاڪستان ۾ في الحال چار ئي وڏا وزير آهن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو