سنڌ جو امر ڪردار ڀڳت ڪنور رام روزاني سوڀJune 23, 2014آرٽيڪل مير نادر علي ابڙو سنڌ صدين کان صوفين ولين ۽ اولهيا ڪرام جي ڌرتي رهي آهي جتان هميشه صوفي اعظم جو پرچار پوري دنيا ۾ فهليو آهي سنڌ ۾ وقت به وقت صوفين اعظم جا عاشق ۽ پرچار ڪندڙ پيدا ٿيا آهن، جن جو درس رڳو انسانيت ئي رهيو آهي انهن انسان جو جڏهن به ذڪر ٿيندو ته اتي ڀڳت ڪنور رام جو تذڪرو وڏي واقعي ڪيو ويندو ڪنور رام ڀڳت غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، سندن پتا جو نالو تارا رام ۽ ماءَ جو نالو تيرٿ ٻائي هو جنهن کي وڏي سڪ ۽ چاهت کان ڪنور رام پٽ ڀڳوان ادا ڪيو جيڪو وڏي منتان بعد سندن کي مليو هو سندن جنم ڪنور ڀڳت جو 13 اپريل 1885 ۾ ميرپور ماٿيلو اسٽيشن کان 8 ڪلو ميٽر پري ڳوٺ جروان واهڻ ۾ٿيو، جنم بعد سندن ماتا دعا ڏيارڻ لاءَ مرشد جي درٻار رهڙڪي وٺي ويئي جتي سائين سترامداس کيس خوشي مان کڻي دعا ڪئي. 5 سالن جي عمر ۾ پاڻ علم تعليم پرائڻ شروع ڪئي هي ننڍپڻ کان ئي الله لوڪ انسان دوست فقير قسم جو ماڻهو هو هي زماني جي ريتن رسمن مت ڀيد کان تمام گهڻو اونچو سوچندو هو پاڻ سموري ڄمار الله جي خلق سان پيار ڪندي گذاري ڇڏي ۽ انهن جي کلي دل کان واهر لهندو هو سندن آواز ۾ اهڙو سرور هو ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ سندن گلي ۾ ڀڳوان وسي ٿو پاڻ ڳائڻ جي سکيا مختلف جاين تي ورتي سندن ڳائڻ وقت ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ماڻهو ٻي جهان ۾پهچي چڪو هجي هو هر وقت الله جي عشق ۾زماني جي خوشين ۽ غمن کان بيخبر رهندو هو ۽ اڪثر زماني جي خفن۽ جهيڙن کان ڪنارا ڪشي ڪري پنهنجي رب کي ريجهائڻ جي رمز ۾ گم رهندو هو جڏهن پاڻ 18 سان جو ٿيو ته سندن امڙ چهري تي سهرو سجائڻ جو سوچيو ۽ پاڻ 1860 ۾ سندن جي شادي ڪرائي پر ڪنور ڀڳت پنهنجي ڌرم پتني جي وفات بعد پنهنجي دل گهرين دوستن ۽ عزيزن جي زور ڀرڻ باوجود به ٻي شادي نه ڪئي، سندن کي گهر واري مان هڪ پٽ پيسورام ۽ ٽي نياڻيون ڪلا، شيلا، ستلس هيون، سندن وٽ زندگي ۾ ڪڏهن به ذات پات نسل مذهب رنگ جو ڪو فرق نه رهيو هن سڄي عمر پنهنجي رب جي عشق ۾ گذاري ڇڏي ۽ جيون ڀر ڪنهن کي ڏک نه ڏنو هو انسانيت جو علمبردار هو هن جي حوالي سان اتمچند پيسو مل شاستري پنهنجي ڪتاب ڪنور رام ۾ هڪ هند لکي ٿو ته جڏهن ڪوئيٽا ۾ زلزلو آيو ته ڪنور ڀڳت جيڪب آباد ۾ ترسيل هو ۽ روزانو پنهنجي ساٿين ۽ پنچائت سان گڏ ايندو هو ۽ جڏهن زخمين جون ٽرينون اينديون هيون ته انهن کي دوا درمل ڏيڻ سان گڏ کاڌي پيتي جو سامان ڏيندو هو، آڌي ماندي جنهن وقت به ڪو سوالي هن جي گهر ويندو هو ته هو پنهنجا گم وساري بغير ڪنهن مذهب مت ڀيد جي هن کي گلي کان لائي نيڻن جا ڳوڙا اگهي هن جي مدد ڪندو هو، هو معذورن ۽ بيواهن جو تمام وڏو ڀر جهلو هو، جنهن وقت ڪنور ڀڳت شهادت جو جام پيتو ته ان ئي شهر مان گذرندڙ ماڻهن جا ڪٽڪ ڪولين جيان ميڙ ميڙي ٿي ويا جنهن ۾ ماڻهن جا مٿا اگهاڙا اکين ۾ لڙڪ هٿن ۾ ڪارا جهنڊا هئا، سندن جي ڏولي ڏسڻ لاءَ ماڻهن جي ايڏي رش هئي جو تر جيتري به جاءُ نه هئي ڪافي ماڻهو ڏولي ڏسڻ گهرن جي ڇتن تي ۽ ڪوٽن تي چڙهي انتظار ڪندا رهيا ۽ جنهن محل سندن گهرن جي اڳيان ڏولي جو گذر ٿيو ته انهن مٿان اجرڪ رومال لنگيون ۽ گل اڇلائي زارو ڪتار روئيندا رهيا پاڻ جيڪا انسانيت جي خدمت ڪئي سو ڀڳتي جي تاريخ ۾ سدائين سدا بهار رهندي سندن جا ڪيترائي واقعا آهن جيڪي اڄ به سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ ٻڌايا وڃن ٿا ۽ جيڪي هاڻ تاريخ بڻجي چڪا آهن سندن ۾ ڪيتريون ئي خوبيون هيون پاڻ سنڌ جي درويش ولين سان انتهاءَ جي محبت ڪندو هو پاڻ جتي ڪنهن درويش صفت ماڻهو جي آمد جو ٻڌندا هئا ته اتي پهچي ويندا، هئا پاڻ وٽ جيڪو وقت بچندو هو انهي ۾ هو پنهنجي ڳوٺ ۾ ويهي پنهنجي ڀاءُ جاڙا رام سان گڏ سودي سامان جو هٽڙو هلائي ڪري گهر جو گذارو ڪندا هئا، گيهه جي واپار جي حوالي سان ۽ کجين جا ٺيڪا ٻولي کڻندا هئا، سندن جي آواز کي سنڌ ۽ هند ۽ بلوچستان ملتان، بهاول پور تائين وڏي چاهه سان ٻڌو ويندو هو جڏهن پاڻ ڳائڻ شروع ڪندا هئا ته هر طرف شانت ڇائينجي ويندي هئي، هڪ ڀيري سکر ۾ مهاتما گانڌي جي ملاقات ڪرڻ وقت اهڙو ماحول جڙي ويو جو ڪيترن ئي اڳواڻن جي اپيلن ڪرڻ باوجود به ماٺ نه ٿي ۽ ڀڳت ڀڄن چوڻ شروع ڪيو ته هر پاسي ماٺ ڇاهينجي ويئي گوڙ الائي ڪاڏي ويو سنڌ جي هن امر انسانيت جي عاشق سفير کي 2 آۡڪٽوبر 1939 جي نڀاڳي ڏينهن تي رڪ ريلوي اسٽيشن تي سکر ايندي گولين جو کاج بڻايو ويو ۽ سنڌ ڌرتي هڪ عظيم انسان کان محروم ٿي ويئي ۽ هر پاسي ماحول ۾ لڙڪن آهن ۽ ڪوڪن جي هوڪار رهجي ويئي.