• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گهڻي دير ٿِي چُڪِي هُئي

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
جڏهن به هن کي ڪو نماز پڙهڻ لاءِ چوندو هيو ته هُو اِهو چوندو هيو ته ملازمت کان جڏهن فارغ ٿيس ته پوءِ نماز به پڙهندس ، ڏاڙهي رکي هڪ مسجد جي ڪنڊ وڃي وَسائيندس ، جڏهن ملازمت کان فارغ ٿيو ته ان پنهنجي ٻارن لاءِ هڪ عاليشان گهر ٺاهڻ جو ارادو ڪيائين ، تقريبن هڪ سال جو عرصو پنهنجي مرضي جا ڪمرا ۽ دريون دروازا ٺاهڻ ۾ لڳي ويا، اڄ گهر جو افتتاح هيو رنگا رنگي بلبن سان گهر چمڪي رهيو هيو ۽ انجا قدم شڪر جو سجدو ادا ڪرڻ لاءِ مسجد ڏانهن وڌيا ، هُن هاڻي پڪو پھ ڪيو هيو ته هو سڀاڻي کان پنهنجو گهڻو وقت مسجد ۾ گذاريندو ۽ الله پاڪ جي عبادت ڪندو ، اڃان هُو مسجد جي ننڍي ڏاڪڻ چڙهي رهيو هيو ته انجي دل جي حرڪت بند ٿي وئي ۽ خالق حقيقي سان وڃي مليو !
28vygxs.jpg
 
Back
Top