ڇا چندر گپت موريا سنڌي هو؟ اسان سنڌين جو سنڌ سان عجيب وحدت الوجودي عشق آهي، جنهن جو اظهار اسين نموني نموني سان ڪندا آهيون. ڪنهن وڏي شخصيت، ڪنهن وڏي واقعي کي سنڌ سان منسوب ڪندا آهيون. فلاڻو سنڌي هو، فلاڻو السندي هو. حضرت آدم عه جنت مان نڪتو ته سنڌ ۾ لٿو. هندن جو اوتار شري رام چندر پنهنجي بن واس جي دوران سنڌ ۾ آيو هو. ڪراچيءَ ۾ رام باغ وٽ رهيو ۽ پوءِ هنگلاج ويو. اسان جي اهڙي نفسياتي ڪيفيت جو سبب شايد ته اسان ۾ پنهنجي ڪم تريءَ جو احساس آهي، جنهن جي پورائي لاءِ اسان اهڙيون خوش فهميون پيدا ڪري انهن ۾ جيئندا آهيون. مان به شايد ان ساڳئي ڪيفيت ۾ تاريخ کان پڇڻ ويٺو آهيان ته ڇا قديم هندستان جي عظيم سلطنت جو پايو وجهندڙ چندر گپت موريا سنڌي هو؟ سڪندر جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن سنڌ ۾ ٽي خودمختيار بادشاهه هئا. هڪ اروڙ جي حڪمران جنهن جو نالو يوناني تاريخ نويسين Mucy canus ٻڌايو آهي، ٻيو سيوهڻ ۾ پهاڙي علائقن جو حڪمران سامبس ۽ ٽيون باتال بندر، جتي سنڌو ٻن شاخن ۾ ورهائجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪيو، جو حڪمرانMoeris. هڪڙي چوٿين حڪمران Oxycanus جو نالو به ملي ٿو، پر اهو شايد ته حڪمران نه، پر گورنر هو، جيڪو اروڙ جي حڪمران سڪندر جي فوج کي ڏسي سڪندر جي آڏو پيش پيو. سيوهڻ ۾ حڪمران سامبس به پيش پيو، پر پوءِ سيوهڻ جي سرفروش برهمڻن کيس سڪندر سان جنگ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. هن جنگ ڪشي ۽ شڪست کاڌي. سڪندر هن کي ۽ برهمڻن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو ۽ علائقي ۾ وڏو قتلام ڪيو ۽ شهرين کي غلام بڻائي سندن وڪرو ڪيو. هوڏانهن اروڙ جي برهمڻن به ميوسي ڪينس کي جنگ لاءِ مجبور ڪيو، هن به شڪست کاڌي، اروڙ جي ماڻهن جو به قتلام ٿيو ۽ ميوسي ڪينس ۽ برهمڻن کي وچ شهر ۾ ڦاسي تي لڙڪايو ويو...سڪندر ان قتلِ عام ۾ مصروف هو ته پاتال جو حڪمران موئيرس ساڻس ٺاهه ڪرڻ لاءِ آيو. سڪندر هن سان امن جو ٺاهه ڪري کيس واپس موڪليو ته هو پاتال ۾ وڃي، سندس استقبال جون تياريون ڪري. سڪندر خونريزي مان واندو ٿيو ۽ پاتال ڏانهن پنهنجا ٻيڙا ڪاهيا، جو هن کي پنهنجي فوج سان سمنڊ رستي واپس وڃڻو هو. هو پاتال کان اڃان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي ئي هو ته کيس اطلاع مليو ته موئيرس سندس استقبال ڪرڻ جي بدران سارو شهر خالي ڪرائي، ماڻهن کي وٺي پهاڙن ڏانهن هليو ويو آهي. سڪندر جي پراڻي دور جي هڪ مشهور تاريخ نويسArrian لکيو آهي ته: ”سڪندر اڃا ٽن ڏينهن جي پنڌ تي هو ته کيس اطلاع مليو ته پاتال جو حڪمران ماڻهن جي وڏي انگ سان شهر خالي ڪري پهاڙن ڏانهن هليو ويو آهي. سڪندر پنهنجي رفتار تيز ڪئي ۽ پاتال ۾ پهچي ڏٺائين ته نه شهري هئا ۽ نه پورهيت، شهر ۽ شهر جو پسگردائيءَ وارو سارو علائقو خالي هو. هن پنهنجا فوجي موڪليا ته ماڻهن کي ڳولهي واپس وٺي اچن. هنن کي ڪو به ڊپ ڊاءُ ڪرڻ نه گهرجي، هي شهر هنن جو پنهنجو آهي. هتي جيئن هو اڳ ۾ هئا تيئن اچي رهن، هي ملڪ سندن آهي، هو اچي پنهنجي ملڪ ۾ هر کيڙن. اهڙي طرح ڪيترا ماڻهو شهر ۾ موٽي آيا.“ سڪندر جي هڪڙي ٻئي پراڻي تاريخ نويس Diolorus لکيو آهي ته: ”هتي جي (پاتال بند) حڪومت سپارٽا جي حڪومت وانگر هئي، سپارٽا ۾ ٻه بادشاهه هوندا هئا، جن جا جدا جدا خاندان هئا، کين پنهنجن وڏن کان حڪومت ورثي ۾ ملي هئي. هنن کي جنگ جي سڀني معاملن جا اختيار هئا ۽ شهر جي معاملن لاءِ شهر جي بزرگن جي ڪائونسل هئي.“ سڪندر جي ويهين صديءَ جي هڪ تاريخ نويس P.H.H Egger mont ڊائيوڊ ورس جي ان بيان مان نتيجو ڪڍيو آهي ته پاتال مندر ۾ به سپارٽا وانگر ٻه حڪمران هئا. پاتال وٽ سنڌو ٻن شاخن ۾ ورهائجي ٿي ويو ۽ اسان جو اندازو آهي ته پاتال جي ٻن بادشاهن مان هڪڙي جي حڪومت سنڌوءَ جي ساڄي شاخ واري علائقي تي ۽ ٻئي جي سنڌوءَ جي کاٻي شاخ واري علائقي تي هئي. اها ڳالهه ڄاڻڻ کانپوءِ اندازو ٿئي ٿو ته پاتال جو حڪمران مئيرس سڪندر جي اڳيان پيش پوڻ کانپوءِ ڦري ڇو ويو هو. سپارٽا جي تاريخ مان خبر پوي ٿي ته اتان جا ٻه بادشاهه ورلي ڪنهن معاملي تي متفق ٿيندا هئا. لڳي ٿو ته هتي به ائين ٿيو، موئيرس ٻي شاخ واري حڪمران سان صلاح ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي ليکي، تڙ تڪڙ ۾ سڪندر وٽ وڃي پيش پيو، پٺيان ٻي شاخ واري حڪمران ماڻهن جي زور ڀرڻ تي يا پنهنجي ليکي سڪندر سان ٺاهه نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. موئيرس جڏهن سڪندر سان ٺاهه ڪري سندس استقبال جون تياريون ڪرڻ لاءِ موٽيو ته پاتال ۾ صورتحال ئي ٻي هئي، جنهن ڪري هن کي به مجبور ٿي ماڻهن سان شامل ٿيڻو پيو ۽ هو به ٻي شاخ واري حڪمران ۽ ماڻهن سان گڏ پهاڙن ۾ هليو ويو. سڪندر جي هڪ ٻئي پراڻي دور جي تاريخ نويس Cutius Reefees لکيو آهي ته: ”هتان هو ٻي قوم ڏانهن ويا، اها پاتال جي قوم هئي. هن قوم جو بادشاهه شهر ڇڏي ويو هو ۽ پهاڙن ۾ پناهه ورتي هئائين، سڪندر شهر تي قبضو ڪيو. شهر کي ڦريو ۽ لٽيو ۽ ٻنين کي تباهه ڪيو. هتان هن کي مال جي ڌڻن ۽ اناج جي گودامن جو مال غنيمت هٿ آيو. پوءِ هن هتان درياهه جا سونهان ساڻ کنيا ۽ ٻيڙا ڪاهيندو درياهه جي شاخ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ ۾ لٿو، جيڪو مٿانهين تي هو.“ ايگر مانٽ جو چوڻ آهي ته پاتال جي حڪمران موئيرس جي نالي سان ذهن ۾ موريا قبيلي جو نالو ٿو اچي. هن قبيلي هندستان ۾ موريا گهراڻي جي شهنشاهيت جو پايو وڌو ۽ يوناني چندر گپت مورياکي Sendro cottus سڏيو آهي) سينڊرو ڪوٽس کي سنسڪرت ۾ چندر گپت ٿا چون. (سڪندر جي جرنيلن) Eudemus ۽ Peitha جي سنڌ ۽ پنجاب مان وڃڻ کانپوءِ هن سنڌو ماٿري جو سارو علائقو فتح ڪيو. منهنجي خيال ۾ اسان جو اهو اندازو غلط نه ٿيندو، جيڪڏهن اسين موئيرس کي چندر گپت موريا سمجهون.“ روزاني ڪاوش، سومر 16 مئي 2011ع