عربي سمنڊ يا اربي سمنڊ؟

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    عربي سمنڊ يا اربي سمنڊ
    [​IMG]

    شاهه جي شاعريءَ ۾ سمنڊ سندس ٽن سُرن ۾ پنهنجي سمورين وسعتن، دهشتن ۽ پراسراريت سان ڇوليون هڻندو نظر اچي ٿو، سُر گهاتوءَ ۾ سمنڊ دهشت، خوف، هراس ۽ موت آهي.

    ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گهڙي سونئي
    خبر ڪا نه ڏئي، ته رَڇ ڪڄاڙو رنڊيا

    ته وري سر سريراڳ ۾ ڪنهن اڻ ڄاتل اسرار جي هيبت

    لهرن ليکو ناهه ڪر،
    جٽ ڪپر ڪُنَ ڪارا
    آڇاڙا عميق جا، اچن اوپارا
    اُتي اسارا، وير وڙهندءِ ويسرا

    هن سُر جي منظرنامي ۾ وڏي چرپر ۽ وڏو تحرڪ آهي. ڪي ٻيڙا لنگر پيا هڻن، ڪي لنگر پيا کڻن، ڪن تي مال چاڙهيو ته ڪن تان لاٿو ٿو وڃي ۽ مال سان ڀريل جهاز، جيڪي انسان جي هنرمند هٿن جو ڪرشمو آهي. سمنڊ جو سينو چيريندو، لهرن سان لڙندو اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن وڌندو ٿو وڃي.

    سڙه سنوان، لاڄو نوان، اولا سندن عاج
    ساٿي سفر هليا، ڀري جنگ جهاز
    حاصل ڪرئين حاج، واحد وڻجارن جي

    سر سامونڊيءَ ۾ سمنڊ پسمنظر ۾ هليو ٿو وڃي ۽ ان جي سموري منظرنامي تي واپار سانگي پرڏيهه ويل پرڏيهه وڃڻ جي تياري ڪندڙ ۽ پرڏيهه مان موٽندڙ وڻجارن جي ونين جا احساس چِٽيل آهن، وڻجارن جي ٻپڙن جون جهنڊيون ٿيون ڦڙڪن ۽ سارو سمنڊ خوشيءَ ۾ ٽهڪڙا ٿو ڏي:

    ڄمڪيون چوڌار، ڌڄيو ڌاريچن جون
    ماءِ! سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگار
    انهن جي پچار، ڪالهونڪر ڪانگ ڪري

    سُر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ جي شاعراڻي منظرنامي مان هڪ تاريخي حقيقت به جهلڪندي نظر ٿي اچي ته اُن زماني ۾ سنڌ جو ڏيساورن سان وڏو واپار هلندڙ هو، سنڌي وڏا واپاري هئا، لنڪا جو سون ته کين سک سان ويهڻ نه ڏيندو هو.

    لنڪا لنڪا ڪن، لئي لنڪا جي او هريا
    سُڻي سون لنڪا جو، سُک نه سامونڊن

    يا

    سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا

    مئن جي دڙي جي ماڻهن جا به ڏيساورن سان واپار جا اهڃاڻ ملن ٿا، شايد ته ٻاهريان ملڪ سنڌ جي معرفت هندستان کان واقف ٿيا ۽ جو هندستان کي هند (سنڌ) سڏيائون ايراني سنڌ کي هند چوندا هئا، اوستا ۾ رگ ويد جي سپت سنڌو کي هت هندو چيل آهي، ان حوالي سان ئي سمنڊ کي هندي وڏو سمنڊ ۽ سنڌ واري سمنڊ کي هڪ مقامي سنڌي قوم اربي جي نالي پٺيان اربي سمنڊ چوندا هئا، جيڪو پوءِ هِجي جي غلطيءَ جي ڪري اربي مان ڦري عربي سمنڊ ٿي ويو، اها اربي قوم سڪندر جي حملي واري زماني ۾ ڊيلٽا، سموري سامونڊي پٽي، ڪراچي جا پَٽ، حب ندي، لس ٻيلي، ويندي مڪران جي سرحد تائين آباد هئي، ان قوم جي حوالي سان حب نديءَ جو نالو اربي ندي (يوناني اُچار ۾ اربِس) هو. اربي قوم ۽ اربي نديءَ جو ذڪر ڪندي يوناني تاريخ نويسن هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه لکي آهي، هنن لکيو آهي ته سمنڊ جي پٽيءَ سان رهڻ وارن ماڻهن کي خبر ئي ڪا نه هئي ته سمنڊ ڇا کي چوندا آهن، هو سمنڊ کي کارو ۽ درياهه کي مِٺو چوندا هئا، شاهه به سمنڊ لاءِ کارو ۽ درياهه لاءِ مِٺو اکر استعمال ڪيو آهي.

    کاري کيڙائو، مِٺي موٽي آئيا

    ڪراچيءَ جو کارودر ۽ مٺو در نالا به سمنڊ ۽ حب نديءَ جي حوالي سان پيا. سڪندر جڏهن پاتال بندر مان درياهه جي هڪ شاخ جي سمنڊ تائين پرتال لاءِ روانو ٿيو ته هن سان ڪو مقامي سونهون نه هو، ٿورو فاصلو پورو ڪري هن پنهنجن ماڻهن کي ڪناري ڏانهن موڪليو ته هو مقامي ماڻهن کان پڇي اچن ته سمنڊ اڃا ڪيترو پري آهي، هنن ڪناري تي اچي ماڻهن کان سمنڊ جو پڇيو ته ماڻهو سمجهن ئي نه پيا ته سمنڊ ڇا ٿيندو آهي، پوءِ جڏهن هو ڳالهه سمجهيا تڏهن حيرت مان پڇيائون ته، ”ڇا اوهين کاري جو ٿا پڇو، کارو هتان ٽن ڏينهن جي سفر تي آهي.“

    ايريئن سڪندر جي امير البحر نير ڪس جي موٽ واري سفر جو ذڪر ڪندي اربي نديءَ جو ذڪر ٿو ڪري. ” ۽ پوءِ هو ٻيڙا ڪاهيندا 1150 اسٽيڊ (فاصلي ڪٿڻ جو ماپو) جي فاصلي تي ”ڪرو ڪالاٻيٽ تي لنگر انداز ٿيا، ٻيو سارو ڏينهن هنن اتي گذاريو، ان ٻيٽ تي هڪڙي هندستاني قوم ٿي رهي، جنهن کي اربئين ٿا چون، ان جو ذڪر مون پنهنجي وڏي تاريخ ۾ ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته ان قوم تي اهو نالو اَربِس نديءَ (حب ندي) جي ڪري پيو، جيڪا هن ملڪ مان لنگهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪري، هيءَ ندي هن ملڪ ۽ اوريتاءِ قوم جي ملڪ (لس ٻيلي) جي وچ ۾ سرحد آهي.“

    هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو:

    هنن جڏهن 120 اسٽيڊ سفر پورو ڪيو هو ته اَربِس نديءَ جي منهن وٽ لنگرانداز ٿيا، نديءَ جي منهن وٽ هڪ وڏو ۽ سٺو بندر هو، پر اُتي پيئڻ جو پاڻي نه هو، جو نديءَ جي منهن وارو پاڻي سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملي کارو ٿي ٿي پيو. پر چاليهه اسٽيڊ اندر وڃڻ کانپوءِ هنن کي مٺو پاڻي ملي ويو ۽ مٺو پاڻي هٿ ڪري موٽي آيا، بندر سان گڏهڪ ويران ٻيٽ هو، جتي هر قسم جي مڇي هئي، اَربِس (قوم) جو ملڪ ايستائين آهي، هي آخري هندستاني ماڻهو آهن، جيڪي هن طرف آباد آهن، هتان کانپوءِ اوريتاءِ جي سرزمين شروع ٿي وڃي ٿي.“

    منهنجي خيال ۾ سامونڊي پٽيءَ جا مير بحر، مهاڻا ۽ سنڌي نسل جون قومون جيڪي لس ٻيلي ۽ مڪران تائين آباد آهن، اهي اربي نسل مان آهن، پر پوءِ وقت گذرڻ سان انهن مان ڪن جي شناخت سندن پيشي جي حوالي سان ٿي وئي ته ڪن جي شناخت وقت بوقت ٿيندڙ قبائلي جوڙجڪ مطابق نين نين ذاتين ۽ قبيلن سان ٿي. هنن جي اصلي ذات اربي هئي، ۽ سندن ذات جي پٺيان حب نديءَ کي اربي ندي ۽ سمنڊ کي اربي سمنڊ سڏيو ويندو هو، جيڪو پوءِ هِجي جي غلطي جي ڪري اربي مان عربي سمنڊ ٿي ويو.

    روزاني ڪاوش خميس 23 جون 2011ع
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو