مون تان لڪائي گهڻو، روئَڻَ ڪي روشن رَسيو رَيزَالن کي، منجهان زردي ظَنُ ويري مون وَرَنُ، ڳالهه ڪيائين ڳجهه جي. سر آسا لڪائي = لڪايو، ڳجهو رکيو روشن = ظاهر، چٽو ريزالن = ڪميڻين، ساڙيلين، درديلين، رقيبن، پيار جي ويرين زردي = ڦڪاڻ، پيلاڻ، لٿل منهُن ظَنُ= گمان، شڪ وَرَنُ = رنگت، پيلو رنگ، منهن تي مايوسيءَ جا آثار هجڻ. * مون ته پنهنجي محبوب سان ڪيل قول اقرار, وچن ۽ واعدا گهڻو ئي لڪايا پر، هنن منهنجي اکڙين جي لڙڪ لارن عام اڳيان راز ظاهر ڪري وڌو. * هنن پيار جي ويرين کي منهنجي لڙڪ لارن, لٿل منهن، لُڇُ پُڇُ، بي چيني، بي قراري، آنڌ مانڌ، چهري جي ڦڪاڻ ۽ مايوسيءَ مان گمان جاڳيو ۽ شڪ ٿي پيو ته ڪا ڳالهه ضرور آهي. * منهنجو هر وقت اداس رهڻ, روئڻ, حال ڪال وڃائڻ، ڳڻتي ۽ پريشانيءَ سبب ۽ منهن جي لهي وڃڻ جي ڪري هي راز ظاهر ٿي پيو. ____ سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل