ايذائن ۾ اڪيلا ڪردار

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ايذائن ۾ اڪيلا ڪردار
    [​IMG]
    آغا سليم
    ماڻهو بلاشڪ ته اهڙي نامڪمل ۽ اڻپوري مخلوق آهي، جيڪا ڪڏهن به تڪميل حاصل ڪري نٿي سگهي. ان جي هن کي به خبر آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو اهڙا ڪردار تخليق ڪندو آهي، جيڪي مڪمل هوندا آهن، جيئن مارئي جو ڪردار يا وري يوناني ديومالا ۾ Prometheus جو ڪردار. اهڙا ڪردار تخليق ڪري هن هميشه پنهنجي تڪميل ڪئي آهي...مارئي ته اسان جي اندر جو اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجي تڪميل کي ڏسندا آهيون، پر پراميٿيئس جي ڪردار کان اسان ايترا واقف نه آهيون. پراميٿيئس انسانيت جي تڪميل جو عڪس آهي. ساڃهه، شعور ۽ خود آگهي جي علامت آهي. انسان کي شعور ۽ خود آگهي ڏيڻ جي ڏوهه ۾ ديوتائن هن کي جيلن ۾ زنجيرن سان جڪڙي ڇڏيو، جتي جابلو ڳجهون سندس هانءُ پٽينديون ۽ کائينديون هيون. اهو عذاب هن انسانن لاءِ سَٺو ۽ انسانن جي تيرهن نسلن تائين سهندو رهيو...ديوتائن جڏهن هيءَ دنيا تخليق ڪئي ته انسانن کي باهه کان محروم رکيو، ماڻهن اونداهي ڌرتيءَ تي اونداهين ۾ هٿوراڙيون ٿي ڏنيون. پراميٿيئس کي انسانن تي رحم آيو. هن ديوتائن وٽان باهه چورائي آڻي ماڻهن کي ڏني. باهه حرارت هئي، روشني هئي، شعور ۽ خود آگهي هئي. باهه جي ملڻ سان ماڻهوءَ جي اندر ۾ شعور جون شمعون روشن ٿي ويون ۽ هن ايتري ترقي ڪئي جو ديوتائن کان به اڳتي وڌي ويو. پراميٿيئس کي ان ڏوهه جي جيڪا سزا ملي، اها به معنيٰ خيز آهي ۽ ان جي تشريح ائين ڪئي وئي آهي ته نجات ڏيارڻ وارو هميشه صليب تي چڙهندو آهي. علم جي وڻ جو ميوو کائڻ سان ايذاءَ سهڻا پوندا آهن. ڄاڻ ماڻهوءَ جو هانءُ پٽيندي کائيندي آهي. انسان سدائين جابر ديوتاائن جي خلاف جنگ ڪندو رهيو آهي. پراميٿيئس جو ڪردار عمل ۽ وهم پرستي، روشني ۽ اوندهه، جينيئس ۽ قدامت پرست جي جنگ جي علامت به آهي.

    ديو مالا جي ان ڪردار تمام گهڻن شاعرن کي متاثر ڪيو، جن هن بابت نظم ۽ ڊراما لکيا. انگريزي جي مشهور رومانوي شاعر شيلي پهريون دفعو منهنجي هن سان واقفيت ڪرائي. مان بي اي پڙهندو هئس ۽ شيلي منهنجو دلپسند شاعر هو. هن جي نظم Ode to west wind جون هي سٽون نوجوانن کي ڌونڌاڙي جا ڳائينديون هيون ۽ نوان اوجاڳا ۽ نوان ننڍاکا خواب ڏينديون هيون.

    اي اولهه جي هوا! مون کي لهر وانگر، پن وانگر ۽ بادل وانگر مٿي کڻ
    جو مان زندگيءَ جي ڪنڊن تي ڪريو آهيان ۽ سارو رتوڇاڻ آهيان
    منهنجا هي اکر اڻ اجهاڻيل کوري جي چڻنگن وانگر اڻ جاڳيل انسانيت ڏانهن کڻي وڃ
    جيڪڏهن سيارو اچي ٿو ته ڇا بهار پري ٿي سگهي ٿي

    ڪيڏي اميد، ڪيڏي مستقبل پرستي، خزان ۾ بهارن جي بشارت! مون ان دور ۾ ئي يونان جي الميه ڊراما نگار Sophocles جو پراميٿيئس تي لکيل الميه ڊرامو پڙهيو، پر ان ڪردارن مان منهنجي تفصيلي واقفيت ول ڊيورانٽ پنهنجي ڪتاب Life of Greece ۾ ڪرائي. سوفوڪلس جي ڊرامي کي دنيا جي عظيم الميه ڊرامن مان هڪ مڃيو ٿو وڃي. زيوئس ديوتا پراميٿيئس کي جبلن ۾ قيد ڪرڻ لاءِ موڪلي ٿو ۽ کيس قيد ڪرڻ وارو چوي ٿو:

    هنن خطرن ۾ توکي هي عذاب ختم ڪري ڇڏيندو

    ڇاڪاڻ ته هُنن مان ڪنهن جو به هٿ توکي آزاد ڪرائڻ لاءِ اڳتي نه وڌندو

    انسانن سان محبت ڪرڻ جو اهو ئي صلو ملندو آهي

    زيوئس مڙڻ وارو نه آهي
    ۽ نوان بادشاهه ڏاڍا ظالم آهن

    ۽ پوءِ پراميٿيئس ان باهه جي وضاحت ٿو ڪري، جيڪا هن ماڻهن لاءِ آندي هئي،

    هو جيڪي ڪئلين وانگر سمجهه کانسواءِ زمين جي هيٺان رهندا هئا
    خالي غارن ۾ جتي سج جي روشني نه هئي
    جتي هو سياري جون نشانيون ڏسي نه سگهندا هئا
    نه بهار جا خوشبودار گل ۽ نه ميون سان ڀريل اونهارو
    هنن انڌن وانگر بنا ڪنهن قانون جي ڪَمَ ڪيا
    مون هنن کي ٻڌايو ته آسمان ۾ ستارا ڪيئن جرڪندا آهن
    ۽ اسراريت ۾ گم ٿي ويندا آهن
    مون هنن لاءِ انگ ٺاهيا، جن سان فلاسافيون شروع ٿيون
    لفظن جون ترڪيبون جوڙيون ۽ هنن ۾ شين جا نقل ٺاهڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي
    مان ئي هيس جنهن جانورن جي ڳچيءَ ۾ پاڃاري وڌي
    ۽ مان پاڻ؟
    جنهن انسان لاءِ اهي سڀ هنر پيدا ڪيا
    اُن لاءِ ڪو به اهڙو هنر ڪونهي، جنهن سان هو پاڻ کي هن عذاب مان ڪڍي سگهي.

    واقعي ڪنهن پراميٿيئس جي ڪردار جي تشريح ڪندي صحيح چيو آهي ته، نجات ڏيارڻ وارو سدائين صليب تي چڙهندو آهي ۽ پنهنجن ايذائن ۾ اڪيلو هوندو آهي، جيئن حضرت عيسيٰ عه يا شاهه عنايت!
    روزانو ڪاوش، اڱارو 24 مئي 2011ع
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو