ســـــوال آهـــــي تـــــه. . . . . .

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ســـــوال آهـــــي تـــــه. . . . . .
    [​IMG]
    آغا سليم
    اها حقيقت آهي ته سنڌ جو باشعور طبقو اخباري ڪالمن، ٽي وي مذاڪرن، تقريرن، مباحثن، مطلب ته هر پليٽ فارم تان سنڌ جي غير متحرڪ سماج ۾ تحرڪ آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو ٿو رهي. علي قاضي صاحب، گهڻي وقت کان وڏي جاکوڙ ڪندو رهيو آهي ۽ ان لاءِ هاڻي هن عملي پيش قدميءَ جو به رٿيو آهي. گهڻو وقت اڳ ۾ هن ڪاوش ۾ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جي عنوان سان بحث به ڪرايو، جنهن ۾ مون به حصو ورتو هو. مون ان بحث ۾ به چيو هو ۽ اڄ به چوان ٿو ته سنڌ ۾ سماجي تبديليءَ کانسواءِ سياسي تبديلي اچي نٿي سگهي ۽ جي آئي به ته اها ڀٽي صاحب جي آندل تبديليءَ جهڙي هوندي، جيڪا هن کانپوءِ بي معنيٰ ٿي وئي ۽ سندس پارٽيءَ جا مهانڊا اهڙا مٽيا جو هاڻي سڃاڻپ ۾ ئي نٿي اچي. ڪڏهن ڪڏهن پارٽي پنهنجي وڃايل سڃاڻپ ڏيکارڻ لاءِ ”روٽي ڪپڙا اور مڪان“ وارو نعرو هڻندي آهي، ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ پنهنجو پاڻ تي ٺٺولي ٿي ڪري.

    دنيا ۾ سماجي تبديلي صنعتي انقلاب سان آئي آهي. هونئن ته انقلاب اوچتا، رتوڇاڻ وارا ۽ ترت ڪامياب يا ناڪام ٿيندا آهن، پر هي انقلاب ٻي نوعيت جو هو. پرامن، صدين تي ڦهليل ۽ مسلسل. اهو اڄ به پهريان کان وڌيڪ شدت سان جاري آهي. هن انقلاب پراڻي جاگيرداراڻي نظام کي تهس نهس ڪري ڇڏيو ۽ هڪ نهايت بيرحم نظام کي جنم ڏنو، جنهن ۾ ماڻهو جيڪو اشرف المخلوقات هو، احسن التقدير هو، اهو مشين کان به ننڍو ٿي ويو. هڪڙي سوشل سائنسدان Oliver Cromwell پنهنجي ڪتابEstates, Class and Race ۾ لکيو آهي ته صنعتي دور ماڻهوءَ جي اهميت مشين جي پرزي کان به گهٽائي ڇڏي. ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي جيڪڏهن ڪو مزدور زخمي ٿي پيو ته ڪارخاني جي مالڪ کي ٻيو مزدور سولائيءَ سان ملي ٿي ويو، پر جيڪڏهن مشين جو پرزو خراب ٿي ٿي پيو ته اهو ڏکيائي سان ٿي مليو ۽ ڪم بند ٿي ٿي ويو. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر اهو مڃڻو پوندو ته هن نئين نظام ماڻهوءَ کي فرد جي حيثيت ڏني. اڳ هو ڪنهن سردار جي راڄ جو ماڻهو هو، هاڻي هو فرد ۽ رياست جو شهري هو. هن جي پنهنجي انفرادي حيثيت هئي ۽ هن جي انفرادي ووٽ سان هڪ نئون حڪومتي نظام وجود ۾ ٿي آيو، جيڪو صنعتي سرمائيداريت جي دين هو ۽ جنهن کي جمهوريت چيو ٿي ويو. هي حڪومتي سرشتو سڀني سڌريل ملڪن ۾ رائج ٿي ويو.

    سوشل سائنسدانن جو چوڻ آهي ته سماجي تبديليءَ جا ٻه وڏا عوامل آهن، هڪ تيز رفتاري ۽ ٻيو قوت (Energy). سنڌ ۾ ميرن جي صاحبيءَ واري راڄوڻي حڪومتي دور ۾ هڪ ميل جيترو ڊگهو رستو به ٺهيل نه هو ۽ سماج جي رفتار موئن جي دڙي جي ڍڳي گاڏي اُٺ يا وڌ ۾ وڌ گهوڙي واري هئي. انگريزن جي اچڻ سان سماج جي رفتار وڌي، ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين رستو ٺهيو. ريلوي لائين وڇائي وئي. هندستان ۾ انگريزن ريلوي لائين وڇائي ته ڪارل مارڪس چيو ته هاڻي انگريز ان ريل گاڏيءَ ۾ ٽپڙ کڻي واپس ايندا، ڇاڪاڻ جو هاڻي ماڻهو سولائيءَ سان سفر ڪندا، هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ ايندا. خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي، واپار وڌندو، خوشحالي ٿيندي، سجاڳي ايندي ۽ ماڻهو انگريزن کي نيڪالي ڪڍندا. يورپ جا مستقبل پرست (Futurist) شاعر ۽ اديب تيز رفتاريءَ کي پنهنجو ديوتا مڃيندا آهن، جيڪو هر پراڻي شيءِ کي چيڀاٽي ختم ٿو ڪري ڇڏي.

    انرجيءَ جي باري ۾ ويهين صديءَ جي مشهور سوشل سائنسدان Alvin Toffler جي تحقيق موجب صنعتي انقلاب کان اڳ انرجي جي پيداوار ۾ دارومدار جاندارن تي هو، جن کي هو Livening batteries ٿو چئي. هن جي گڏ ڪيل انگن اکرن موجب يورپ ۾ هڪ سر چاليهه لک گهوڙن ۽ ٻه سئو چاليهه کن ڍڳن مان انرجي حاصل ڪئي ويندي هئي. پوءِ 1711ع ۾ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ايجاد ٿي ۽ صنعتي انقلاب جو آغاز ٿيو. ان انجڻ رستي يورپ جا ماڻهو اسان تي ڪاهي آيا ۽ جديد هٿيارن سان اسان کي غلام بڻايائون. مياڻيءَ جي جنگ ۾ اسان جون بندوقون ۽ تلوارون اڌ ڪلاڪ به هنن جي جديد هٿيارن جي سامهون بيهي نه سگهيون. نهروءَ لکيو آهي ته نيپولين جا جنگي ٻيڙا مصر پهتا ته مصر جي مملوڪ حڪمرانن جو سپهه سالار فوج وٺي هنن سان مقابلي لاءِ آيو. هن روايتي جنگ جوٽائي انداز سان تلوار ڪڍي هوا ۾ لهرائي، دشمن فوج جي سپهه سالار کي مقابلي لاءِ للڪاريو. هن جي للڪار جي جواب ۾ ٻئي پاسي کان فائر ٿيو ۽ مملوڪ سپهه سالار پٽ تي ڪريو.

    صنعتي انقلاب سرمائيداريت آندي ۽ سرمائيداريت جي خامين ۽ خرابين کان قطع نظر اها انسان جي تهذيبي سفر ۾ هڪ تمام مٿانهين منزل هئي، جنهن جا ڪارل مارڪس به ڳڻ ڳايا آهن. ول ڊيورانٽ پنهنجي ڪتاب ”پليئرس آف فلاسافي“ ۾ دنيا جي مري ويل ڪن وڏن تاريخدانن جو خيالي مذاڪرو ڏنو آهي. ان ۾ هن فرانس جي انقلاب بابت مارڪس کان چورايو آهي ته:

    ”فرانس جي انقلاب جو سبب اتان جي حڪمران گهراڻي بوربن جي اخلاقي پستي نه هو ۽ نه ئي والٽيئر جو طنزيه ادب هو، پر ان جو سبب اهو هو ته فرانس ۾ واپارين جو هڪ نئون واپاري طبقو پيدا ٿيو هو، جنهن جاگيردارن ۽ نوابن سان همسري ٿي ڪئي. ان طبقي انهن نوابن کان وڌيڪ دولت ڪمائي هئي، جيڪي لوئي سورهين جي درٻار جي زينت هئا. سماج جي ڪنهن طبقي کي جڏهن اقتصادي طاقت حاصل ٿيندي آهي ته پوءِ ان کي سياسي طاقت به ضرور ملندي آهي. اقتصادي فتحون حاصل ٿيڻ کانپوءِ انقلاب انهن تي رڳو سياسي مهر هڻندا آهن.“

    هاڻي سنڌ جي سماجي صورتحال تي نظر ٿا وجهون. اسان جو سماجي نظام جاگيرداراڻو آهي، اسان وٽ ڪنهن حد تائين آمدرفت جا وسيلا پيدا ٿي ويا آهن، تيز رفتاري به اچي وئي آهي. جيتوڻيڪ اڄ به هَرُ ڍڳي سان ٿو هلائجي ۽ ڍڳي گاڏي ۾ گڏهه گاڏو مال برداري ۽ آمدرفت جا وڏا وسيلا آهن. انرجي ”جاندار بيٽرين“ مان به حاصل ڪئي ٿي وڃي، پر تنهن هوندي به اسان صنعتي دور جي چائنٺ ٽپي آيا آهيون، ٽي وي چئنلز، موبائيل فون، ڪمپيوٽر، اک ڇنڀ ۾ دنيا سان ڳنڍجي ٿا وڃون، پوءِ به اسان جي سماجي ۽ سياسي صورتحال جاگيرداراڻي ڇو آهي؟ واپاري طبقو سياسي پارٽين جي ڀتي خورن وٽ يرغمال آهي، سياسي پارٽيون قبيلا ۽ راڄ بڻيل آهن، پارٽيءَ جو سربراهه قبائلي سردار ۽ راڄ ڌڻي آهي ۽ پارٽيءَ جا ورڪر ڪڙمي ڪاسبي ۽ ڪمدار. سرڪاري ڪامورا عوام جا نوڪر (Public servants) نه، پر عوام جا حاڪم ۽ پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جا ”ماڻهو آهن...سوال آهي ته ائين ڇو آهي ۽ ان صورتحال مان ڪيئن نڪري سگهجي ٿو.

    روزاني ڪاوش، سومر 6 جون 2011ع
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هنن آغا خانين ۾ وڏائي تڪبر جو وڏو مرض آهي، ۽ پاڻ کي ٻين ماڻهن کان اتم سمجهندا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو