آسَا الا ! کَرَ جيئن , مَدي جنين مَنَ ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
الا ! کَرَ جيئن، مَدي جنين مَنَ ۾
اسان ۽ پريُن جون، اميدون پَسَن
تهان پوءِ مَرَن، سڙي انهيءَ سُور ۾.


سر آسا
الا = اي مولا پاڪ
کَرَ = پيار جا ويري، ڪميڻان ماڻهون، دشمن، شيطانگيريون ڪرڻ وارا، شرارتي, غنڊه، بدمعاش، ساڙيلا، درديلا.
مَدي = برائي، ساڙ، حسد، ڪينو، ڪلفت، نه سهائپ، بغض، دشمني.
تهان پوءِ = تنهن کان پوءِ

* او منهنجا مولا پاڪ جن ماڻهن جي دلين ۾ پليتي آهي، ساڙ آهي، بغض ۽ دشمني آهي. جيڪي پيار، پاٻوهه جا ويري آهن ۽ جيڪي نٿا چاهن ته پيار ڪرڻ واريون دليون پاڻ ۾ ملي هڪ ٿين. تن کي تيستائين جيئرو رک، حياتي ڏين.

* جيستائين ڪي لايا سجايا ٿين، ڪي اڱڻ تي دهل شرنايون وڄن، خوشين ۾ جهمريون لڳن. مينديءَ جي هٻڪار سان جڳ واسجي وڃي. جيستائين محبوب ۽ اسان لانئون لهي هميشه لاءِ هڪ ٻئي جا ٿي وڃئون.
* هي خوشيون، شادمانا، جهمريون، ڪاڄ، وهانءُ ، لانئون ۽ پيار ڪندڙ دليون پاڻ ۾ ملي هڪ ٿيندي ڏسن ۽ پوءِ انهيءَ ساڙ ۾ سڙي ۽ ڦٿڪي مرن.
سمجهاڻي

ڀٽائي هر ان ماڻهونءَ جو مخالف آهي جيڪو پيار، سلامتي، سک، امن ۽ انصاف جو ويري ۽ دشمن آهي. ڀٽائي چاهي ٿو ته هن ڌرتيءَ تي سک سلامتيون هجن، هر ڪنهن کي انصاف پلئه پئي. هن ڌرتيءَ جا ماڻهون پيار ۽ محبت سان رهن.

____
سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
 
هڪ پرين پياري دوست هي تصوير ٺاهي موڪلي هئي ، هي تصوير سيدنا غوث الاعظم جيلاني رحمت الله عليه جي اڱڻ تي نڪتل آهي
2rf4pis.jpg
 
Back
Top