• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جڏهن تون رقص ۾ آهين!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
جڏهن تون رقص ۾ آهين!
رحمت پيرزادو
سکي تو تي جواني ،
بدن تنهنجو حسين وادي!
ستم تنهنجي جواني آ،
مگر تون ڪيتري سادي!
ڊسمبر جيان بدن تنهنجو
ڳڱاٽي ٿو ڇڏي دل کي!
ڪڏهن تون رات جا تارا،
ڪڏهن تون سانت ۾ پوڄا،
پرين تون گھنڊ جيان مون ۾
عبادت لئه وڄين ٿي پئي.
محبت جا سڀئي مذهب
ته تنهنجي ديد مان گذريا،
هي تنهنجي ساٿ جا لمحا
به ڄڻ ڪنهن عيد مان گذريا!
هي تنهنجي مرڪ سان سڀ
موسمون منسوب ٿي وينديون،
وسين تون مينهن جيان سجني!
مندون محجوب ٿي وينديون.
جڏهن تون رقص ۾ آهين
خدا جي عڪس ۾ آهين!!
تصور ڄام شوري جو
اچي ٿو وار جيئن کولي،
سکي تون مسڪرائين ٿي،
پٿر جو ڏيهه ٿو ٻولي!
جڏهن تون ويجھڙو آهين
تڏهن تون دور آن مون کان،
جڏهن تون دور آن مون کان
تڏهن تون ويجھڙو آهين!
وصل جي ڪا حسين وادي
آهي تنهنجي ئي ٻانهن ۾،
نشي جهڙيون نگاهون ٿئي
نشو تنهنجي نگاهن ۾.
ستارا تون تصور جا،
ستارن جو تصور تون!
سکي سڀ خواب تو ۾ هن
سڀن خوابن جون تعبيرون.
بدن سنتور جهڙو ٿئي،
بدن سنتور آ تنهنجو،
تنهنجي گفتار ۾ آهي
پرين انگور جو پاڻي،
پرين انگور جو پاڻي،
تنهنجي گفتار ۾ آهي!
نه جا تقدير کان ٺهندي
انهيءَ تصوير جهڙي آن!
گناهن ۽ ثوابن جي
گڏيل تاسير جهڙي آن!
خماريل ڳالهڙيون تنهنجون
صراحي ساهه ۾ اوتيل،
تنهنجي مرڪن جي موسم ۾
سڀئي منظر مصور جا!
تنهنجي اکڙين جي آڳر ۾
اڌورا نظم پکڙيل هن!
سموري ڪهڪشان تنهنجي
سمائي رقص ۾ آهي!
ڏسان جيڏانهن ٿو ساري
خدائي رقص ۾ آهي!
خدا توکان پڇيو هوندو:
رڳو تو ڇو بدن اوڍيو؟
ستارا، چنڊ ۽ ڪتيون،
نه تو ڇا لئه گگن اوڍيو؟؟
اسان جي دل پئي چاهي
پلن ۾ پوئجي توکي!
پرين تو تي نظم لکجي
نظم ۾ روئجي توکي!!
مڃان ٿو بي وفا آهين!
چوي ٿي دل: متان چاهين؟
حسن جي استعارن کان
گھڻو اڳتي وسين ٿي تون!
نه ئي ڪو چنڊ يا سورج
اڃا اڳتي پسين ٿي تون!!
اسان جو هانءُ هٿڙن مان
پرين هر هر کسين ٿي تون!!!
وسي ٿو مينهن جي تو تي
ڦُڙي ڀي رقص ۾ آهي،
نچين ٿي تون پٻن تي پر
کُڙي ڀي رقص ۾ آهي!
تصور تار بڻجي ٿو،
اڻان ٿو هارَ هٿڙن سان.
سکي جي تون اُهي پائين
اچي هڪ وار هٿڙن سان،
ته ڪو الهاد ٿي ويندو،
هي دل برباد ٿي ويندي.
الستي رقص هوندو بس
دنيا ڪو ناد ٿي ويندي.
پڇان ٿو مان پهاڙن کان
پتو تنهنجو ڪٿي ناهي!
نشاني ڇا ڏيان تنهنجي
نشانين کان مٿي آهين!!
محبت جي قيامت لئه
اگر تون پاڻ کي ارپين،
ته منهنجي روح جا سڀ
پاپ ڌوپي پاڪ ٿي ويندا!
ستم جا سرد سناٽا
سڙي سڀ خاڪ ٿي ويندا!
 
Back
Top