سموري عالم جي عورتن لاءِ عيبن کان پاڪ مثال

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سموري عالم جي عورتن لاءِ عيبن کان پاڪ مثال
    [​IMG]
    انيتا شاه







    هڪ اهڙي زماني ۾ جڏهن نياڻين جي ڄمڻ کي پيئر پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ نڀاڳ ۽ بدنامي تصور ڪندا هئا، ڄمڻ شرط اڪثر نياڻين کي جيئري ئي پوري ڇڏيندا هئا، حضور صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي نياڻي حضرت بيبي فاطمته الزهره عه جن جي مثال وسيلي اهو پيغام ڏنو، ته هڪ ڌيءُ ڪيتري قدر عزت، احترام، پيار ۽ سنڀال جي قابل آهي. حضرت بيبي فاطمته الزهره جو جنم هجري سال جي پنجين مهيني يعني جمادالثانيءَ جي ويهين تاريخ تي مڪي شريف ۾ ٿيو. بيبي فاطمته الزهره عه اڃا ڇهن سالن جون مس ٿيون، جو سندن والده حضرت بيبي خديجته الڪبريٰ رضه وفات ڪري ويون. ان کان پوءِ ايتري ننڍيءَ عمر جي باوجود حضرت بيبي فاطمه عه نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو ايتري حد تائين خيال رکيو، جو پاڻ سڳورن صه کين ”اُمِ اهبا“ (پنهنجي پيءُ جي امڙ) جو خطاب ڏيڻ فرمايو. اهو سال نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي حياتيءَ جو سڀ کان ڏکيو سال هيو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي حضرت بيبي خديجه رضه جن رحلت فرمائي ته ٻئي پاسي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جا قريش جي مدافعت ۾ سڀ کان مضبوط ڀرجهلا سندن چاچا حضرت عبدالمطلب رضه پڻ لاڏاڻو ڪري ويا هئا. اهو سال بيحد ڏکيو ۽ تڪليف ده هو. مڪي جون گهٽيون وحشت سان انهيءَ حد تائين ڀرجي ويون هيون، جو پاڻ صه جن ڪيترا ئي ڀيرا جڏهن گهر موٽيا، ته سندن جسم مبارڪ قريش جي قهري ڪارروائين جي ڪري زخمن سبب چور ڏٺو ويو. حضرت بيبي فاطمه زهرا عه هميشه سندن صه زخم ڌوئي، مٿن پها رکي، نه رڳو کين آرام ڪرائينديون هيون بلڪه پنهنجن لفظن ۽ ڳالهين سان کين همٿائينديون به هيون. حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو:”فاطمه عه منهنجي وجود جو حصو آهي. کيس ايذائڻ ۽ تنگ ڪرڻ مون کي ايذائڻ ۽ تنگ ڪرڻ جي برابر آهي.“

    حضرت بيبي عائشه رضه جن جو چوڻ هو ته ”مون فاطمه عه کان وڌيڪ ڪنهن جي مشابهت نبي ڪريم صه جن سان محسوس ڪا نه ڪئي. سندن شڪل شبيهه، عادتون، اخلاق، ڳالهائڻ ۽ رهنمائيءَ جي سگهه هوبهو نبي ڪريم صه جن سان ملندڙ هئي. جڏهن هو اينديون هيون ته رسول الله صه اٿي بيهي کين چمي ڏيئي، سندن آڌر ڀاءُ ڪندا هئا ۽ پوءِ پنهنجي ويهڻ واري جاءِ کين ويهڻ لاءِ آڇيندا هئا.“

    نبي ڪريم صه جن جو پنهنجي نياڻي حضرت بيبي فاطمه عه سان انهيءَ انتهائي محبت، شفقت ۽ عزت جو اظهار رڳو انهيءَ ڪري ڪو نه هو، جو هوءَ سندن ڌي هيون يا سندن سڀ کان پياري گهر واري حضرت بيبي خديجته الڪبريٰ رضه مان پيدا ٿيون هيون بلڪه انهن ٻنهي سببن کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها هئي ته حضرت بيبي سانئڻ جو ڪردار سندن سخاوت، صبر، شڪر، رحمدلي، سچائي ۽ ٻين خاصيتن سبب به محترم هيو ۽ ان ڪري ئي سندن رُتبو الله سائين ۽ سندس رسول صه جن جي اڳيان ايڏو بلند هو. هڪ ڀيري نبي ڪريم صه ٽپهريءَ جي نماز پوري ڪري جماعت سان ويٺا هئا، جو وٽن هڪ ضرورتمند سوالي آيو ۽ سڄي جماعت کي مخاطب ٿي چيائين:”مان بکارو آهيان. مون وٽ پائڻ جي لاءِ ڪپڙا به ڪونهن. مان هڪ ڀٽڪيل مسافر آهيان ۽ ميلن جا ميل رليو آهيان. ڪير آهي، جو منهنجون ضرورتون پوريون ڪري؟“ نبي ڪريم صه وٽ کيس ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه به نه هو. پاڻ سڳورن صه سواليءَ کي حضرت بيبي فاطمه عه جن ڏانهن موڪليو. بيبي صاحبه وٽ گهر ۾ ٻيو ته ڪجهه ڪو نه هو، بس ٻڪريءَ جي هڪڙي کل پئي هئي، جنهن تي سندن معصوم پٽ حضرت حسن عه ۽ حضرت حسين عه سمهندا هئا، سا کڻي سواليءَ کي ڏنائون. سواليءَ کل ڏسي چيو ”هن کل مان ڇا ٿيندو؟ انهيءَ مان ته منهنجي ڪا هڪڙي گهرج به پوري ڪا نه ٿيندي.“ بيبي صاحبه عه اهو ٻڌي پريشان ٿي وئي. ويچارڻ لڳي ته ڪهڙيءَ ريت سواليءَ کي مطمئن ڪجي. پوءِ کين ياد آيو ته کين ڳچيءَ ۾ هڪ هار پاتل هيو، جيڪو همزه بن عبدالمطلب جي ڌيءُ طرفان کين شاديءَ ۾ سوکڙيءَ طور مليو هو. بيبي صاحبه عه يڪدم اهو هار لاهي، سواليءَ کي ڏئي ڇڏيو. سوالي اهو هار کڻي واپس نبي ڪريم صه جن ڏانهن ويو ۽ کين ڏيکاريائين ته بيبي فاطمه عه کيس ڇا ڏنو آهي. هار ڏسي، نبي ڪريم صه جن جون اکيون ڀرجي آيون. انهيءَ محفل ۾ عمار ياسر نالي هڪ صحابي ويٺو هو. تنهن سواليءَ کان پڇيو ته ”ڇا هو هار وڪڻندو؟“ سواليءَ ها ڪئي ته عمار کانئس 300 درهمن ۾ هار خريد ڪري ورتو. عمار واپس گهر وڃي هار کي هڪ چادر ۾ ويڙهي، خوشبو لڳائي، سهم نالي هڪ غلام کي چيو ته، هي وڃي نبي پاڪ صه جن کي ڏي ۽ تون به تحفي طور سندن غلاميءَ ۾ آئين. سهم هار کڻي نبي پاڪ صه جن وٽ ويو. نبي پاڪ صه سهم کي چيو، ”هار فاطمه عه کي ڏي ۽ تون هاڻي آزاد آهين.“

    سهم بيبي سانئڻ کي هار پهچائي کلڻ لڳو. ماڻهن، جن اهو لقاءُ ڏٺو پئي، کانئس کلڻ جو سبب پڇيو ته چيائين ”ڇا ته ڪرامتن وارو اهو هار آهي. انهيءَ هار جي ڪري هڪ بکايل کي کاڌو مليو، ڪپڙا مليا، ڀٽڪيل کي سفر جي لاءِ سواري ملي، هڪ غلام کي آزادي ملي ۽ پوءِ به اهو هار وڃي پنهنجي مالڪياڻيءَ کي مليو“.

    حضرت بيبي فاطمته الزهره عه جڏهن شاديءَ جي عمر کي پهتيون ته سندن ڪيترا ئي سڱ آيا، جن مان نبي پاڪ صه حضرت علي رضه جن کي چونڊيو ۽ وڃي حضرت فاطمته الزهره عه کان پڇيائون ته ”ڇا هو حضرت علي سائين رضه تي راضي آهن.؟“ تنهن تي بيبي صاحبه خاموش رهيون، جنهن کي نبي سائين صه سندن راضپو ڀانيو. خاتونِ جنت جي شادي ۽ ڏاج جي بندوبست جي لاءِ ٻنهي جهانن جا سردار صه ڇا نٿي ڪري سگهيا، پر باقي دنيا کي فضول خرچيءَ ۽ اجاين رسمن کان روڪڻ جي لاءِ هڪ مثالي شاديءَ جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن تي تمام ٿورڙا پئسا خرچ ٿيا. انتهائي سادگيءَ سان شاديءَ جو هڪ وڏو سبب ڏاج جي لعنت جي حوصلي شڪني ڪرڻ پڻ هيو ته جيئن مائٽ نياڻين کي بار ڀري نه سمجهن.

    انهيءَ کان علاوه انهيءَ فقيراڻي شاديءَ جو ڪارڻ خود بيبي سانئڻ جن جي ذاتي طبيعت به هئي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پنجن ورهين جي ننڍڙيءَ ڄمار ۾ هڪ شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ حضرت بيبي خديجته الڪبريٰ رضه پنهنجي نياڻيءَ جي لاءِ چانديءَ جا زيور ۽ سٺا وڳا سبرايا ته جيئن شاديءَ ۾ شريڪ ٻين ماڻهن کي ڏسي، حضرت فاطمته الزهره عه کي ڪنهن ڪميءَ جو احساس نه ٿئي. جڏهن شاديءَ ۾ وڃڻ جو وقت ٿيو ۽ ماءُ ڌيءُ کي ڪپڙا ۽ زيور پارائڻا ڪيا ته بيبي فاطمته الزهره عه يڪدم چيو ”امان مان هي ڪپڙا ڪا نه پائينديس. مون کي صرف اهي ڪپڙا پسند آهن، جيڪي توهان رضه ۽ بابا سائين صه پائيندا آهيو.“

    حضرت علي ڪرم الله وجهه جن جي هڪ شعر جو ترجمو آهي ته:

    ”مون کي ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ ٻن قسمن جو فخر آهي. هڪ ته پنهنجي گهر واري (حضرت بيبي فاطمته الزهره عه) ۽ سندس پٽن جي ڪري ۽ ٻيو مون کي رسول ڪريم صه جن جي ڪري فخر آهي، جو هنن مون تي مهرباني ڪري پنهنجي نياڻي منهنجي نڪاح ۾ ڏيڻ فرمائي.“

    جڏهن حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي مبارڪ حياتيءَ جا آخري ڏينهن گذاري رهيا هئا، تڏهن هڪ ڀيري پاڻ صه ايڏو رُنا، جو سندن ريش مبارڪ آلي ٿي وئي. پاڻ صه کان جڏهن روئڻ جو سبب پڇيو ويو ته پاڻ صه فرمايائون، ”مان پنهنجي اولاد جي لاءِ روئان ٿو ۽ انهن ڏوهن جي لاءِ روئان ٿو، جيڪي منهنجي قوم جي ظالمن پاران منهنجي اولاد کي ايذائڻ ۽ تڪليف پهچائڻ جي لاءِ ڪيا ويندا. مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ مان پنهنجي نياڻي فاطمته الزهره عه کي ايذاءَ ۽ پيڙا وچان روئندي ڏسان پيو ۽ هوءَ مون کي ”بابا - بابا“ ڪري سڏي پئي، پر منهنجيءَ امت مان ڪير به سندس سار سنڀال لاءِ نٿو لڙي.“

    حضرت فاطمته الزهره عه جن اهو ٻڌي روئڻ لڳيون. جڏهن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم سندن روئڻ جو آواز ٻڌو، ته کين روئڻ کان جهليائون. تڏهن بيبي صاحبه عه جن چيو ”بابا سائين، مان انهيءَ ڪري روئان پئي، ڇاڪاڻ جو مان توهان صه کان پري ٿي ويندس.“ انهيءَ تي پاڻ صه فرمايائون ”موت کان پوءِ مون سان سڀ کان پهريان تون ملندينءَ، انهيءَ ڪري تون ملال نه ڪر.“ نبي ڪريم صه جن جي وفات کان پوءِ بيبي فاطمته الزهره عه صرف 90 ڏينهن حيات رهيون ۽ انهن 90 ڏينهن ۾ به سندن روئڻ ۽ تڪليف سبب حالت خراب هئي. بيبي سانئڻ پنهنجي والد پاڻ صه جن جي وڇوڙي ۾ تمام گهڻا شعر چيا، جن مان سندن هڪ شعر جو ترجمو هن ريت آهي:

    ”منهنجي بابا جي گذاري وڃڻ کان پوءِ مون جيڪي ڏک ڏٺا آهن، اهڙا ڏک جيڪڏهن، ڏينهن ڏسن ته اُهي راتين ۾ تبديل ٿي وڃن.“

    حضرت بيبي فاطمه عه جن جي شخصيت کي اسلام ۾ تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. جيتوڻڪ مٿن تمام گهٽ لکيو ويو آهي، سندن شخصيت کي تمام گهٽ ساريو ويو آهي ۽ مٿن تمام گهٽ ڳالهايو ويو آهي، انهيءَ جي باوجود سنڌي سماج ۾ کين سچي سانئڻ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي ۽ هو وقتن کان عورتن جي لاءِ اُتساهه جو سرچشمو رهيون آهن. هڪ عورت کي هڪ ڌيءُ، زال ۽ ماءُ جي طور تي پنهنجو ڪردار ڪيئن ادا ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ عورت کي پنهنجي سماجي ذميداري ڪهڙيءَ ريت ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪير ڏسڻ چاهي ته انهيءَ جي لاءِ صرف هڪڙو عيبن کان آجو ۽ سئو سيڪڙو پاڪ مثال آهي ۽ اهو حضرت بيبي فاطمته الزهره عه جو ئي آهي.

    روزاني ڪاوش اربع 25 جون 2008ع neetushah@gmail.com
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو