رحمت العالمين صه جن جي ولادت ۽ عورتن جا حق!

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏25 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    رحمت العالمين صه جن جي ولادت ۽ عورتن جا حق!
    [​IMG]
    انيتا شاه​
    حضرت ابو هريره رضه کان روايت آهي ته، هڪ ڀيرو ڪافرن جي ظلمن مان تنگ اچي مسلمانن حضور صه جن کي درخواست ڪئي ته هو کين بد دُعا ڏئي. تنهن تي رحمت العالمين صه فرمايو ”مان ڪيئن ٿو ڪنهن کي بد دعا ڏئي سگهان؟ مون کي ته هن جهان جي لاءِ رحمت بنائي موڪليو ويو آهي.“ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن کي سڀني جهانن جي لاءِ رحمت ڪري موڪليو ويو آهي. سندس ولادت ۽ اسلام جي شڪل ۾ آندل انقلاب جتي مڪي ۽ مديني جون دنيائون سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور تي بدلائي ڇڏيون، اتي انهيءَ انقلاب عورت دشمن سماجن جون پڻ پاڙون لوڏي ڇڏيون. حضور ﷺ عورتن جي حقن کي اهڙي نموني پيش ڪيو آهي، جو هزارين ورهين جون ڏتڙيل ۽ مختلف مذهبن ۽ سماجن جي نفرتن ۽ ظلمن جو کاڄ بڻيل عورتون اسلامي سماج ۾ مرد جي برابر بيٺيون.

    ٻين مذهبن ۾ عورت جو درجو:
    حضور صه جن جي ولادت هڪ اهڙي وقت تي ٿي، جڏهن دنيا جي مختلف سماجن ۾ هڪ نه ٻئي نموني عورتن کي جانورن کان به گهٽ درجو حاصل هو. ڏور اوڀر ۽ هندستان ۾ ٻڌمت، باقي دنيا ۾ يهوديت، عيسائيت ۽ بت پوڄيندڙ پنهنجن مندرن ۾ ته عورتن کي ديويون ۽ خدا ڪري پوڄيندا هئا، پر سماجي، اقتصادي، مذهبي ۽ سياسي طور تي عورت کي ڪي به حق حاصل هجڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر سندس وجود کي ڏوهه جو گهر ۽ ڏوهه جو سبب سمجهيو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو دنيا جي آڳاٽن وڏن مذهبن عورت دشمنيءَ ۾ انهن حدن کي وڃي ڇهيو جو مردن کي نه رڳو عورتن کان پري رهڻ بلڪه شاديءَ کان ئي منع ڪيو ويو. انهيءَ جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته هينئر به عيسائيت جي ڪيترن ئي فرقن ۽ پادرين کي شادي ڪرڻ جي اجازت ڪونهي. جيئن ٻڌمت جي پوئلڳن جي لاءِ عورت جو تصور ڪرڻ به حرام آهي ۽ يهوديت جي عورت دشمنيءَ جي تفصيل جي طاقت ته هن ڪالم جي لاءِ مخصوص جاءِ ۾ ڪونهي، پر ڪجهه سٽن ۾ انهيءَ جي جهلڪ ضرور توهان کي ڏيکاري سگهجي ٿي.

    (1) هڪڙي (مناهات ط 43): ۾ هڪ دعا آهي ته ”اي خدا تو تي رحمت هجي ۽ تنهنجي مهرباني جو تو مون کي عورت ڪري نه خلقيو. اي خدا ساراهه تنهنجي آهي جو تو مون کي عورت ڪري پيدا نه ڪيو.“
    (2) (ايڪليسياستس 22:3) ”ڌيءَ جو ڄمڻ سراسر نقصان آهي.“
    (3) هڪ وڏي پادري سينٽ تر توليان عورتن کي چيو، ”ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان سڀئي شيطان ڏانهن وٺي ويندڙ دروازو آهيو.“
    (4) (ايڪليسياستس 24، 19: 25) عورت جي ظلم ۽ مڪاري کانپوءِ سڀ ڪجهه دنگ آهي.
    (5) حضرت آدم عه ۽ حضرت حوا عه جي قصي ۾ به عيسائيت ۽ يهوديت ۾ ان جو ذمو ڏاڏي حوا عه مٿان مڙهيو آهي ۽ اهو تصور ڪيو ويو آهي ته ٻار ڄڻڻ ۽ ٻيون جسماني تڪليفون ڏاڏي حوا عه جي جي ڪري سڀني عورتن کي ڀوڳڻيون پون ٿيون.
    (6) انهيءَ کانسواءِ اونداهي دور جي يورپ ۾ اڻ ڳڻين عورتن کي ڏائڻ ڄاڻائي ساڙي ماريو ويو.
    ٻئي پاسي وري ايشيا جي هندو ۽ آريا سماجن جي حالت اها هئي، جو عورت جي سڄي قرباني ۽ خدمتن جي جواب ۾ جيڪو مانيءَ ڳڀو کيس نصيب ٿيو پئي، سو سندس حق نه پر مٿس احسان سمجهي کيس ڏنو ويو پئي. ننڍڙين نياڻين جون شاديون 5 سالن جي عمرين کان وٺي ڪيون ٿي ويون. بيواهه عورت جي ٻئين شادي ته ٺهيو، پر جنهن مائيءَ جو مڙس مئو ٿي تنهن کي بدنصيب سمجهي کيس ڄڻ ته سماج جي هر خوشيءَ کان ڌار رکڻ جو جتن ڪيو ٿي ويو ۽ اٿندي ويهندي کيس اڀاڳي هجڻ جو احساس ڏياريو ويو ٿي. بيواهه کي مڙس جي لاش سان گڏ ساڙڻ جو رواج هو ۽ جيڪڏهن نه ته جيئري بيواهه جي زندگي ايڏي عذاب ڪئي ويندي هئي، جو اهو جيئري سڙي مرڻ کان به وڌيڪ تڪليف ده ثابت ٿيندو. عورت لاءِ وراثت ۾ ڪو به حق نه هو. طلاق جو حق نه هجن کان سواءِ عورت جي حيثيت اها هئي (اڃان به آهي) جو شاديءَ کانپوءِ کيس نه رڳو ذات مٽائڻي پئي پوي، بلڪه ذاتي نالو به ساهرن جي خوشيءَ ۽ راضپي سان رکڻو پوي پيو. ڪنيادان جي رسم جيڪا ويدن ۾ لکيل آهي، اڄ تائين ڏکڻ ايشيا جي سماجن جي لاءِ هڪ اهڙو ناسور بڻيل آهي، جنهن ڪري مائٽ ڌيئرون ڄڻڻ ئي نٿا چاهين. ڇا ڪاڻ جو هو ڏاج جا خرچ ۽ گهوٽيتن جا ٻيا نخرا برداشت ڪري نٿا سگهن. مطلب ته نبي ﷺ جن جي آندل پيغام کان اڳي عورت جو وجود ته هو، پر سندس ڪا به سڃاڻپ، شخصيت، حيثيت يا حق نه هئا.

    اسلام ۾ عورت جا حق:
    حضور ﷺ هڪ اهڙي وقت تي اسلام جو پيغام کڻي آيا، جڏهن نياڻين جي پيدائش کي سماجن ۾ شرم جو سبب سمجهيو ويندو هو ۽ عرب ملڪن ۾ جيئري دفن ٿيل انهن معصوم نياڻين جي قبرن جي مٽي به اڃان ڪا نه سڪي هئي. ستين صدي عيسويءَ ۾ اسان جي نبي ڪريم صه عورتن جي لاءِ انهن حقن جو بنياد وڌو، جيڪي يورپ جي عورتن کي ويهين صديءَ تائين وڙهي وڙهي مس وڃي حاصل ٿيا. قرآن شريف جي سوره النساءَ سڄي ساري عورتن جي حقن کي مخاطب ٿيل آهي. عورت کي اسلام مرد جيترا ئي حق ڏنا آهن. اسلام ۾ GENDER EQUALITY ته آهي، پر انهيءَ جو مطلب اهو ڪونهي ته ڪو مرد عورت ٿي وڃي، يا وري عورت مرد جيان نظر اچي. اسلام موجب ڪنهن شهر جو مرتبو ڪيترو گهٽ يا وڌ آهي انهيءَ جو دارومدار سندس مرد يا عورت هجڻ تي نه، بلڪه انهيءَ تي آهي ته هن ماڻهو جو ڪردار ۽ اخلاق ڪيترو بلند آهي. اسلام ستين صدي عيسويءَ جي دنيا ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان جيڪي انقلاب آندا، تن مان چند هن ريت آهن.

    (1) ملڪيت: اسلام کان اڳي عورت کي خود مال يا زمين وانگر ملڪيت جو حصو سمجهيو ويندو هو، عربن ۾ ڪو مرد مرندو هو ته سندس ملڪيت ۾ شامل عورتون سندس وارث ورهائي کڻندا هئا. هڪڙي پاسي نياڻين کي ڄمڻ شرط جيئري پوريو ٿي ويو ته ٻئي پاسي وري ڪن قبيلن ۾ هڪ عورت کي ساڳي وقت تي چار پنج مڙس رکڻ جي اجازت هئي. سو اهڙين حالتن ۾ اسلام عورت جي لاءِ وراثت جا حق نه رڳو پنهنجي پيءَ بلڪه مڙس جي ملڪيت ۾ به مقرر ڪيا. اسلام عورت جي معاشي مضبوطيءَ جو انهيءَ حد تائين خيال رکيو آهي، جو عورت تي گهر جي خرچ جي ڪا به ذميداري ڪا نه رکي وئي آهي، کڻي جو هوءَ ڪيترو به ڪمائيندي هجي. نياڻيءَ جو حصو پُٽ جي حصي جي اڌ برابر رکيو ويو، ڇا ڪاڻ جو مرد تي زال ۽ ٻارن جي خرچ جي ذميداري آهي. عورت جي لاءِ شاديءَ مهل حق مُهر جو قانون ٺاهيو ويو، جنهن جي غلط سمجهاڻي ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور تي سنڌين وٽ اها آهي ته ”حق مهر“ صرف تڏهن ادا ڪبو، جيڪڏهن عورت کي طلاق ڏبي، يا جيڪڏهن عورت ”خلع“ جي لاءِ ڪوشش ورتي ته پوءِ کيس ”حق مهر“ تان ئي هٿ کڻڻو پوندس. حقيقت ۾ ”حق مهر“ جو تعلق طلاق نه بلڪه ”نڪاح“ سان آهي. عورت جي مرد سان نڪاح ۾ اچڻ شرط ”حق مهر“ جي ادائگي مرد تي فرض ٿي وڃي ٿي، پر افسوس جو اسان جي سماج ۾ دين جي حقيقي مفهوم۽ سمجهاڻي تي اڪثريت غور ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. جيڪو مذهب عورتن جي لاءِ سراسر رحمتن ۽ برڪتن جو سبب بڻيو، انهيءَ کي خود عورتن جي ئي خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

    (2) ڌيئرن بابت هدايتون: حضور صه جن جي حديث آهي ته، ”جنهن به ماڻهوءَ وٽ ڌيءَ ڄائي ۽ هن کيس جيئري نه پوريو، کيس ٻاجهه ۽ پيار سان پاليائين ۽ کيس پُٽن جيترا ئي حق ڏنائين، الله سائين ان کي ضرور جنت ۾ موڪليندو.“ انهيءَ حديث جو عملي اظهار نبي ﷺ جن جي پنهنجي پياري ڌيءَ حضرت فاطمه الزهره عه سان ورتاءَ منجهان به ٿئي ٿو، جن جي اچڻ تي احترام وچان پاڻ سڳورا صه اٿي بيهندا هئا.

    (3) زالن جا حق: حجته الوداع جي موقعي تي نبي ڪريم صه جن فرمايو، ”توهان جا پنهنجين زالن مٿان ڪي حق آهن ۽ توهانجين زالن جا توهان تي ڪي حق آهن. توهان جون زالون الله سائين توهان کي امانت (ويساهه) طور ڏنيون آهن، سو توهان جو فرض آهي ته ساڻن ٻاجهه سان پيش اچو.“ نبي صه جن جي هڪ ٻي حديث آهي ته، ”ايمان وارن مان بهترين اهي آهن، جن جو ڪردار بهترين آهي ۽ منجهانئن به سڀ کان بهتر اهي آهن، جن جو ورتاءُ پنهنجين زالن سان سڀ کان سٺو آهي.“ اولهه ۾ اسلام تي يا نبي ڪريم ﷺ جن تي جڏهن به تنقيد ڪئي ويندي آهي ته پهرين ڳالهه وڌيڪ شادين بابت هوندي آهي. قرآن پاڪ ۾ تمام واضح نموني انهيءَ بابت هدايتون آهن ته ڪو مرد هڪ کان وڌيڪ عورتن سان شادي صرف انهيءَ صورت ۾ ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن هو سڀني زالن کي هڪ جيترا حق ڏئي سگهي ۽ سڀئي هڪ جيتريون راضي هجن. ٻئي پاسي تڏهوڪي عرب معاشري ۾ اڻ ڳڻي انگ ۾ عورتون رکڻ فخر ۽ ناماچاريءَ جو سبب سمجهيو ويندو هو، سو انهيءَ صورت ۾ چئن شادين جو انگ مقرر ڪرڻ ڇڙواڳيءَ کي روڪڻ ڏانهن هڪ مضبوط قدم هو. حضور ﷺ جن جي يارهن گهروارين مان 9 کانئن عمر ۾ وڏيون ۽ بيواهه يا طلاق ٿيل هيون. مرد کي هڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت صرف مخصوص حالتن جي لاءِ آهي، ڇاڪاڻ جو عام طور تي عورتن جو تعداد مردن کان وڌي وڃي ٿو. مرد ايڪسيڊنٽن يا جنگين جو کاڄ ٿي وڃن ٿا. عورتون بيواهه ۽ ٻار يتيم ٿي وڃن ٿا. سو انهيءَ اجازت جو تعلق به خود خاندان جي سرشتي ۽ عورت جي سنڀال سان آهي، نڪي ان جي استحصال سان.

    حضرت بيبي عائشه رضه کان ڪنهن پڇيو، ”حضور ڪريم صه جن جڏهن گهر تي هوندا هئا ته ڇا ڪرڻ فرمائيندا هئا؟“ تنهن تي بيبي صاحبه رضه وراڻيو، ”پنهنجي زال جي خدمت ڪندا هئا.“ جڏهن ته اسان جي سماج ۾ نبي ڪريم صه جن جي شخصيت ۽ تعليم جا اهي اهم ترين رخ شايد گهڻا پيش ٿي نه سگهيا آهن ته جيئن عورتن جو ساهه سڪايو وڃي. انهن ڳالهين تي ڪير ڳالهائي به نٿو ته متان مايون اهي حوالا ڏئي ڳچيءَ مان نه وٺن. اسان وٽ مذهبن جو استعمال صرف ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي، نڪي کين حقن ۽ فرضن کان آگاهي ڏيارڻ جي لاءِ.

    (4) پردو: اسلام فضيلت وارا ڪپڙا پهرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو، قرآن شريف ۽ حديث جي مطالعي مان خبر پوندي ته پردي جو قانون رڳو عورتن تي نه، پر مردن تي به لاڳو ٿئي ٿو.

    (5) ڪمائڻ/نوڪري ڪرڻ جو حق: قرآن پاڪ جي آيت آهي ”۽ انهيءَ کي نه جهليو، جنهن ۾ الله سائين توهان کان وڌيڪ قابليت ڏني آهي. مرد، جيڪو ڪمائيندا تنهن جو فائدو کين ملندو ۽ عورتون جيڪو ڪمائينديون، تنهن جو کين فائدو ٿيندو.“ (آيت 4:32).

    حضور ڪريم صه جن جي وڏي گهر واري حضرت خديجته الڪبريٰ رضه تجارت سان وابسته هئي ۽ پنهنجو ڪاروبار پاڻ سنڀاليندي هئي، حضرت بيبي عائشه رضه هڪ عالم اڳواڻ هئي. حضور صه جن جي وفات کانپوءِ اڪثر اصحاب کانئن ئي مختلف موضوعن تي رهنمائي گهرندا هئا. حضرت بيبي عائشه رضه هڪ جنگ جي پڻ اڳواڻي ڪئي. حضرت بيبي فاطمته الزهرا رضه خاندان جي ملڪيت جا معاملا هڪ اڳواڻ جي طور تي اڪلائيندي رهي. انهن سڀني ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته عورت جي حيثيت يا ڪردار ڪنهن به حساب سان مرد کان گهٽ ڪونهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته مختلف حڪمرانن ۽ سماجن دين جي بنيادي تعليم کي پنهنجي مفادن آهر ٽوڙي مروڙي عورتن، غلامن ۽ ٻين ڪمزور ڌرين جي خلاف استعمال ڪيو آهي. اڄ حضور ﷺ جن جي ولادت جي موقعي تي جيتريون خوشيون ملهائجن، اهي گهٽ آهن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت نبي ڪريم صه جن جي تعليم جي عورتن ۽ ٻين حوالن سان ڄاڻي واڻي وساريل حصن کي ڳولهي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي آهي.

    neetushah@gmail.com روزاني ڪاوش، جمع 21 مارچ 2008ع
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو