ترقيءَ جي بهاني نئين نسل کي سنڌي ٻولي نه سيکارڻ واري غلطي! انيتا شاه ڪجهه مهينا اڳي جڏهن مون پنهنجي پُٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ جي لاءِ مختلف اسڪولن جي جاچ پئي ڪئي ۽ اُتي پنهنجي پُٽ کي به وٺي پئي ويس ته جيئن ڏسي سگهان ته هن کي ڪهڙو اسڪول پسند ٿو اچي يا کيس ڪهڙو اسڪول اپيل ٿو ڪري، تڏهن ڪجهه وڏن اسڪولن، جتي سنڌي ڳالهائڻ ڄڻ ته ’گناهه ڪبيره‘ سمجهيو وڃي ٿو، اُتي مون اسڪول وارن سان ته انگريزي پئي ڳالهائي پر پنهنجي پُٽ سان ڳالهائڻ مهل سنڌي پئي ڳالهائي، تڏهن مونکان پڇاڻو ٿيو ته مون پنهنجي پُٽ کي سنڌي ڇو سيکاري، انگريزي ڇو نه سيکاري؟ جنهن تي پهرين ته مان حيران ٿيس ۽ سوچيم ته مان هُن سان پنهنجي اباڻي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ جي بدران انگريزيءَ ۾ ڇو ڳالهايان ۽ جي هُن گهر ۾ سنڌي نه سکي ته پوءِ هُو ڪٿان سنڌي سکندو؟ ٽن سالن جي ٻار کي انگريزي سيکارڻ جي اهڙي ڪهڙي تڪڙ آهي؟ مادري ٻولي گهر ۾ ڳالهائڻ سان ڇا وڌيڪ ٻوليون سکڻ جي رستا روڪ ٿي ويندي؟ گذريل سال واٽ ويندي منهنجي ملاقات يونيورسٽي جي زماني ۾ هڪ هم ڪلاسڻ سان ٿي، اها ملاقات تقريباً ڏهن سالن کانپوءِ ٿي هئي، ساڻس گڏ سندس ڌيءَ ۽ پُٽ به هئا، ٻئي اسڪول ويندڙ ٻار هئا. مون سان ته محترمه سنڌي ڳالهائي پر جڏهن سندس ٻارن سان ڳالهائڻ جو وارو آيو ته انگريزيءَ ۾ پنهنجن ٻارن سان تعارف ڪرايائين..... ته مون ٻارڙن سان سنڌيءَ ۾ خوش خير عافيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ هو منهنجي منهن ۾ نهاريندا ئي رهجي ويا. نيٺ مونکي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هُنن کي ته سنڌي سمجهه ۾ ئي ڪانه ٿي آئي. مون پنهنجي هم ڪلاسڻ کان پڇيو، ”هي ٻارن سان ڪهڙو ظلم ڪيو اٿئي؟“ جنهن تي هن چيو، ”بس، اسڪول وارن چيو آهي ته گهر ۾ ٻارن سان سنڌي نه ڳالهايو.“ مون ساڻس هجت ڪندي چيو، ”اسڪول وارن کي عقل ڪونهي پر تون ته عقل ڪر. ٻارن کي پنهنجي ٻولي نه سيکارڻ ته ٻارن جو پنهنجي ثقافت سان تعلق ختم ڪرڻ جي برابر آهي. انگريزي به سکڻ کپي پر سنڌي ڇو نه سکڻ گهرجي ۽ انهيءَ سان ٻارن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟“ هوءَ ته تڪڙ جو بهانو ڪري مون مان جان ڇڏائي وئي هلي پر مان انهيءَ منظر تي اڪثر سوچيندي رهي آهيان. حيدرآباد جي هڪ پراڻي پر وڏي ۽ سُٺي اسڪول جي رٽائرڊ انگريزي پڙهائيندڙ استادياڻي مونکي ٻڌايو ته وٽس اڌڙوٽ عمر جا ٻه زال مڙس آيا ته، ”ميڊم اسانکي انگريزيءَ جو ٽيوٽر گهرجي، جيڪو گهر اچي پڙهائي وڃي.“ هن پڇيو، ”ڪهڙي ڪهڙي ڪلاس جي لاءِ؟“ جنهن تي هنن چيو، ”نه ميڊم، اسان کي انگريزي ٽيوشن پنهنجي ٻارن جي لاءِ نه، بلڪه پنهنجي لاءِ گهرجي.“ هنن وڌيڪ سمجهائيندي چيو ته، هو ٻارن جي تعليم جي لاءِ پنهنجا ڳوٺ گام ڇڏي قاسم آباد ۾ اچي آباد ٿيا هئا. جڏهن کان هُنن ٻار اسڪول ۾ داخل ڪرايا هئا، تڏهن کان ٻارن جي استادن ۽ سندن وچ ۾ انگريزيءَ جي اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري رابطي جو بحران ٿي ويو هو ۽ ٻيو ته اسڪول وارن جي فرمائش هئي ته گهر ۾ ٻارن سان سنڌي نه پر انگريزيءَ ۾ ڳالهايو وڃي. هاڻي ڏيو منهن! ٻولي ته هڪ رستو آهي، جنهن کي استعمال ڪري علم حاصل ڪجي ٿو پر اڄڪلهه جا مهانگا اسڪول اهو ثابت ڪرڻ جي لاءِ ته اُهي سڀ کان سٺا آهن، انگريزيءَ جي ڀرمار لڳائي ڇڏين ٿا، پوءِ اُتي پڙهائيندڙ استادن وٽ جي انگريزيءَ جو هٿيار آهي ته پوءِ سندن ٻيڙا ئي پار آهن. 2001ع ۾ جڏهن مان جاپان ويس ته اُتي پي ايڇ ڊي ڪندڙ هڪ مصري عرب ٻڌايو ته، ”آئون شروع ۾ پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي جاپان وٺي آيو هئس پر هتي اچي ننڍڙيءَ کان عربي وسرڻ لڳي. انهيءَ تي اسان ٻئي زال مڙس پريشان رهڻ لڳاسين، جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيوسين ته ننڍڙيءَ جي لاءِ اهو مناسب ڪونهي، جو کيس عربي ئي نه اچي. پي ايڇ ڊي جا ٻه ٽي سال ته گذري ويندا پر ننڍڙيءَ جا اِهي شروعاتي سال وري موٽي ڪونه ايندا، سو منهنجي زال ۽ ڌيءَ واپس مصر هليون ويون.“ هي مثال شايد ڪجهه ماڻهن کي عجيب لڳي پر اها حقيقت آهي ته عرب پنهنجي ٻوليءَ تي تمام گهڻو فخر ڪن ٿا. جيڪڏهن ڏهن ٻارنهن ماڻهن جي گروپ ۾ ٻه ڄڻا عرب هوندا ته هو ڏهن ڄڻن جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي پاڻ ۾ عربي ڳالهائيندا پر اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ تي ايتري ته احساس ڪمتري آهي، جو جيڪڏهن ٻارنهن ماڻهن مان يارنهن سنڌي ۽ هڪ به ڪنهن ٻي ٻوليءَ وارو هوندو ته پوءِ اها ٻي ٻولي ڳالهائي ويندي. لحاظ ۽ ڪنهن جو خيال ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي آهي پر پنهنجي ٻوليءَ تي گهٽتائي محسوس ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. مان ۽ منهنجا ڀيڻون ڀائر جنهن حيدرآباد ۾ پلياسين ۽ پڙهياسين، سو ڪو اڄوڪي ماحول کان مختلف ڪونه هو ۽ مان پاڻ هڪ انگريزي ۽ اردو ميڊيم اسڪول ۾ پڙهيس، پاڙي ۾ اسان سنڌين جا ٻه ٽي گهر ئي مس هوندا هئا، سي به پري پري ۽ منجهانئن هڪ گهر جون عورتون ته پاڻ ۾ به اردو ڳالهائينديون هيون، ڇاڪاڻ جو انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڳالهائڻ ڪنهن ماڊرن نظر ايندڙ عورت يا مرد جي شان جي خلاف هو. انهيءَ سڄي ماحول ۾ به مون ايتري سنڌي ڪيئن سکي، جو مان هي آرٽيڪل سنڌيءَ ۾ لکان پئي، ڇاڪاڻ ته ننڍپڻ کان وٺي منهنجي امان ۽ بابا اسان سان صاف سنڌي ڳالهائي، آکاڻين ۽ ڳجهارتن سان واقف ڪرايو، گهر ۾ سنڌي ڪتابن جي اچ وڃ هئي ۽ انهن مڙني کان وڌيڪ اسان تي اها پابندي هئي ته اسان کي صاف سنڌي ڳالهائڻي آهي، بنا ٻي ڪنهن ٻوليءَ جو لفظ ملائڻ جي. هي سڀ ڳالهيون 1988ع جي وڳوڙن کان اڳ جون آهن، ان کان پوءِ ته صورتحال ڪافي بدلجي وئي هئي، سرمد سنڌيءَ جا گيت به اچي ويا هئا ته سنڌي اخبارون به اچي ويون هيون. پر ان کان اڳي جڏهن مٿي بيان ڪيل تربيت منهنجي امان بابا ڪئي پئي، تڏهن ٻي ڳالهه هئي. هتي مهرباني ڪري اهو نه سمجهجو ته مونکي ڪو ٻين ٻولين سان دشمني آهي يا مان گهڻيون ٻوليون سکڻ جي حق ۾ ڪانه آهيان. مان ته چوان ٿي انگريزي ته ڇا، اسان کي ته چيني ٻولي به سکڻ گهرجي. گهڻن ملڪن ۾ ته ٻارن کي پرائمري سطح تي انگريزيءَ سان گڏوگڏ فرينچ، جرمن، اسپينش ۽ هاڻي ته يونيورسٽين ۾ واپار جي شاگردن کي چيني به پڙهائي وڃي ٿي. منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي ته اسانکي احساس ڪمتريءَ يا احساس برتريءَ کي پاسيرو رکي، ٻوليءَ جي اصل ڪارج ۽ اهميت کي سمجهڻ گهرجي. انگريزيءَ جي غلاميءَ ۾ اهڙو حشر نه ٿئي جو ڪنهن به پاسي جا نه رهون. آمريڪا جي مساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي MIT)) جي ٻولين جو پروفيسر نائوم چومسڪي ٻارن جي ٻولين سکڻ بابت چوي ٿو ته، ”ٻارن ۾ وڏن جي مقابلي ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ساڳئي وقت تي، تيزيءَ سان سکڻ جي سگهه آهي.“ هي بنيادي نقطو ايرڪ لين برگ (Eric Lenne berg) کان ورتل آهي، جنهن ٻولين جي حياتيات نالي هڪ علم خلقيو، جنهن موجب، ”ٻوليءَ جي واڌ ويجهه به حياتيءَ جي ٻين مظهرن جي واڌ ويجهو جيان آهي.“ مادري ٻوليءَ کي هڪڙي ڊگهي ڏاڪڻ جو پهريون ڏاڪو چئي سگهجي ٿو. اهو ائين آهي جو گهر ۾ سرائيڪي ڳالهائيندڙ ٻار، در ٽپڻ کانپوءِ سنڌي ۽ شهر پهچي اردو روانيءَ سان ڳالهائين ٿا، اهي ئي ٻار ضرورت وقت ۽ قابليت آهر انگريزي، پنجابي ۽ ٻيون ٻوليون به ڳالهائي وڃن ٿا. منهنجي پٽ جڏهن اسڪول جو پهريون مهينو پورو ڪيو ته هڪڙي ڏينهن مون کانئس پڇيو ته کيس اسڪول ۾ ٽيچر ڇا پڙهايو؟ ..... ته هن مونکي ٻڌايو، ”بي (B) فور پوپٽ“ وري چيائين ته، امان ٽيچر چوندي آهي ته، ”فِنيش يور لنچ.“ ته مون پڇيومانس، ”فِنيش معنيٰ؟“ ته چيائين، ”خالي .....“ مون کيس سمجهايو ته، فِنيش معنيٰ خالي نه، بلڪه ختم. شايد ڪجهه ماڻهو مونکي ڪوتاهه نظر سمجهندا پر سچ پچ ته مون پنهنجي ٻچي جي سمجهه تي خوشي محسوس ڪئي ته سندس سمجهه ۽ سڃاڻپ جون پاڙون پنهنجي اباڻي ۽ مادري ٻوليءَ ۾ کتل آهن. جيتوڻيڪ اڄڪلهه جي دور ۾ اسانجي پنهنجي ٻوليءَ جي سائنسي ۽ ٻين ميدانن ۾ اسانجن پنهنجن افعالن سببان پوئتي هجڻ جي ڪري انگريزي ۽ ٻيون ٻوليون پڙهڻ ضروري آهن پر ترقيءَ جي بهاني نئين نسل کي سنڌي ئي نه سيکارڻ..... اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۽ عقل کان مٿي آهي. روزاني ڪاوش، جمع 07 ڊسمبر 2012ع