آفريڪا جو عبدولائي ۽ ’ڏ-ڏيڏڙ‘ جو اچار انيتا شاه7 ڊسمبر 2012ع تي ڪاوش ۾ منهنجو آرٽيڪل ’ترقيءَ جي بهاني نئين نسل کي سنڌي ٻولي نه سيکارڻ واري غلطي‘ ڇپيو، جنهن تي هڪڙي پاسي ته مون کي مختلف راين وارا ’بجليءَ جا سوين خط‘ مليا ته ٻئي پاسي فيس بُوڪ تي خوبصورت تبصرا پڙهي محسوس ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ اِنهيءَ جي ايندڙ نسل ڏانهن محفوظ منتقليءَ وارو سوال اسان جي عام ۽ خاص گهڻن ئي سنڌين جي ذهنن ۾ ضرور ڪر کڻي پيو، جيڪو هڪ بهتر آئيندي ڏانهن پهرين وک آهي. هتي مان اِهو به چوندي هلان ته منهنجي لاءِ هڪ حيرت جوڳي ڳالهه اها به هئي ته چڱن ڀلن پڙهيل ماڻهن منهنجي آرٽيڪل جو ترجمو هيئن سمجهيو آهي ته اسان کي پنهنجن ٻارن کي سنڌيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به ٻولي نه سيکارڻ گهرجي. جنهن جي لاءِ مونکي اهو مثال به ڏنو ويو ته جيڪڏهن عبدالماجد ڀرڳڙي (جنهن ڪمپيوٽر تي سنڌي لکت جو سافٽ ويئر ٺاهيو) سنڌيءَ کان سواءِ انگريزي نه سکي ها ته هو ڪڏهن به اِهو سافٽ ويئر ٺاهي نه سگهي ها. سچ پڇو ته اِهو پڙهي مان ته دنگ رهجي ويس ته آرٽيڪل ۾ ڏنل منهنجي بار بار وضاحت کانپوءِ به انهيءَ جي مفهوم کي جيڪڏهن پڙهيل لکيل ماڻهن ائين ٻٽي نموني ورتو آهي ته اسانجي سادي سودي عوام ته الاءِ ڇا سمجهيو هوندو! انهيءَ ڪري مان ضروري سمجهان ٿي ته ڪُجهه نقطا هتي رکان ۽ اهو به هڪ ڀيرو ٻيهر صاف صاف چوان ته، ”پنهنجن ٻارن کي سنڌي يا سرائيڪي هڪ بنيادي ۽ پهرين ٻوليءَ جي طور تي ضرور سيکاريو ۽ پوءِ ٻار کي ڇڏيو ته هو اسڪول جي نظام تي هلندي انگريزي ۽ اردو سکي ۽ ڳالهائي، پر گهر ۾ اِهو اصول سختيءَ سان هلايو ته ٻار صاف سنڌي ڳالهائي، ڇاڪاڻ جو گهر ۾ جيڪڏهن ٻار ڪا ٻولي صاف ڳالهائيندو ۽ ٻڌندو رهندو ته پوءِ ٻاهر هو ٻه يا ٽي، جيتريون به ٻوليون ڳالهائيندو، انهيءَ سان ٻار جي قابليت وڌندي، گهٽبي ڪانه ..... ۽ مهرباني ڪري انهيءَ تنگ نظريءَ مان نڪرو ته ٻار تي گهڻو بار پئجي ويندو. ٻولين کي جيڪڏهن آرام سان قدرتي نموني سکڻ ڏنو وڃي ته انهيءَ ۾ ڪو به مسئلو ڪونهي. دنيا ۾ ڪيترين ئي تحقيقن جي نتيجي ۾ اهو ثابت ٿيو آهي ته هڪ کان وڌيڪ ٻوليون سکڻ ۽ ڳالهائڻ وارن ٻارن جي قابليت انهن ٻارن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، جيڪي رڳو هڪ ٻولي ئي سکن ۽ ڳالهائين ٿا. مونکي هڪ اِي ميل اهڙي به آئي، جنهن ۾ هڪ ادي لکيو آهي ته، سندس والد سنڌي ۽ والده پنجابڻ هئي، سو جيئن ٿيندو آهي ته کيس ننڍپڻ کان وٺي گهر جي ماحول ۾ سنڌي ٻُڌڻ، سکڻ ۽ ڳالهائڻ جو موقعو ڪونه مليو، ڇاڪاڻ جو سندس والد به والده سان اردو يا پنجابيءَ ۾ ڳالهائيندو هو. ٻئي پاسي وري سندس تعليم به اردو ميڊيم اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ٿي، سو نيٺ جڏهن سندس داخلا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي وئي ۽ ڪنڌ تي ڪاتيءَ جيئن نه چاهيندي به کيس سنڌي سکڻي ۽ ڳالهائڻي پئجي وئي ته هُن ڪچي ڦڪي سنڌي ڳالهائڻ ته سکي ورتي، پر وڏي عمر ۾ سنڌي سکڻ سان هُن جا اچار ڪوشش باوجود ٺيڪ ٿي نه سگهيا. سنڌيءَ جهڙي اصلوڪي ٻوليءَ جو اهو هڪ ٻيو اهم مسئلو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ادب جا ڪجهه اکر جهڙوڪ ’ڏ‘ ’ڱ‘، ’ڳ‘، ’ڃ‘، ’ڄ‘ ۽ ’ڻ‘ جيڪڏهن توهان ماءُ جي هنج کان وٺي نه سکيا، ته پوءِ گهڻو امڪان آهي ته توهان ڪڏهن به سکي نه سگهندا. سو سنڌي ٻارن کي سنڌي ٻولي ٻي ڪنهن به ٻوليءَ کان پهرين سيکارڻ پٺيان اهو به هڪ دليل آهي ته هو انهن خاص سنڌي اکرن جا اُچار پهرين ئي سکي وٺن. مونکي ته ڪراچيءَ ۾ هينئر ئي ’ڃ‘ چوندڙن جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي، عام طور تي ٻڌبو آهي، ”مان ونان پئي“ (معنيٰ ته مان وڃان پئي) ’ڃ‘ جو اچار ’ن‘ جي برابر وڃي بيهندو ته ’ڏ‘، ’ڳ‘، ’ڱ‘، ’ڄ‘ ۽ ’ڻ‘ جو ڪهڙو حال ٿيندو، اهو سمجهڻ به ڪو گهڻو ڏکيو ڪونهي. هتي توهان کي اها ڄاڻ به ڏيندي هلان ته’ ڏ - ڏيڏر‘ اکر تي اسان جي جيڪا هڪ هٽي هئي، انهيءَ خوش فهميءَ مان به هاڻي نڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ جو آمريڪا ۾ پڙهائيءَ واري وقت ۾ هڪڙي ڏينهن مون مختلف ملڪن جي پنهنجي ڪلاس فيلوز کي، سنڌ جي سِڪ ريجهائڻ جي لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي مختلف اچارن بابت ٻڌايو پئي ته، اهڙا اُچار دنيا جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ نه بلڪه صرف سنڌي ٻوليءَ جي پتيءَ ۾ آيا آهن ..... تڏهن ٻيو ڪو اُچار ته ڪير ورجائي ڪونه سگهيو پر آفريڪا کنڊ جي نائجر ملڪ جي اخبار ساحل جي ايڊيٽر عبدولائي صاف صاف چئي ڏنو ’ڏ- ڏيڏر‘ ..... تڏهن پهرين ته مون وسهيو ڪونه، پر پوءِ مون کانئس بار بار ورجارائي پڪ ڪئي ته ڪٿي مونکي غلط فهمي ته ڪانه هئي! جڏهن پڪ ٿيم ته عبدولائيءَ کان پڇيم ته، ”اهو ڀلا ڪيئن؟“ جنهن تي عبدولائيءَ مونکي ٻڌايو ته سندن اباڻي ٻوليءَ ۾ به ’ڏ‘ جو اُچار اچي ٿو. هاڻي وري اچون ٿا گذريل آرٽيڪل تي. منهنجي انهيءَ آرٽيڪل جي روشنيءَ ۾ ڪُجهه ساڃاهه وند، جن جي گهرن ۾ سرائيڪي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ٻار اسڪولن ۾ انگريزي ۽ ٻاهر اردو ڳالهائي رهيا آهن، اُهي به پريشان آهن ته سندن ٻار سنڌي ٻوليءَ سان لهه وچڙ ۾ ڪهڙيءَ ريت اچن. هاڻي سچ پڇو ته مون اسانجي ڪجهه تمام ويجهن سرائيڪي ڳالهائيندڙ خاندانن جي اهڙين عورتن کي به سنڌي ڳالهائيندي ٻڌو آهي، جن جو اسان کان سواءِ ڪن به سنڌي ڳالهائيندڙن سان ملڻ جُلڻ ڪونهي، نه هو ويچاريون پنهنجي سرائيڪي ڳالهائيندڙ مٽن مائٽن کانسواءِ ڪٿي آيون ويون آهن، نه ئي ڪو اسڪول يا شهر وڃڻ جو نظام انهن آڪهن ۾ رائج آهي، پوءِ به هنن سنڌي ڳالهائڻ (بقول سندن ’سنڌڪي ڪرڻ‘) ڪيئن سکي؟ ٻئي پاسي عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جا ٻار آمريڪا ۾ رهندي ۽ گهر ۾ سرائيڪي ٻولي ڳالهائڻ جي باوجود سنڌي ڳالهائي سگهن ٿا ته پوءِ اڄوڪي دور جي سرائيڪي ٻارن کي به گهڻي ڀاڱي سنڌيءَ سان مسئلا نه ٿيڻ گهرجن، پر وري به مون وٽ ڪُجهه غريباڻيون تجويزون آهن ته اهڙن ٻارن کي وڌ کان وڌ سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن (آڪهن) سان ميل جول رکرائجي ته جيئن کين سنڌي ٻڌڻ جو موقعو ملي، سنڌي ٽي وي چينل ڏسڻ ڏانهن به سندن رجحان وڌائڻ جي ڪوشش ڪجي. جيڪو يقينن تمام ڏکيو آهي، ڇو جو اڄ ڪلهه جي دور ۾ جڏهن ٻارن لاءِ ڪارٽونن جا ڌار چينل ۽ هڪڙي پوري ڊجيٽل دنيا کليل آهي ۽ ٻئي پاسي سنڌي ٽي وي چينلن تي ته مونکي اڄ تائين اهڙو ڪو به پروگرام نظر ڪونه آيو آهي، جنهن ۾ ٻار دلچسپي وٺي سگهن، سو سنڌي ٽي وي چينل وارن کي ٻارن جي لاءِ پروگرامن تي سيڙپ ڪرڻي پوندي. انهيءَ کان علاوه سڀ کان گهڻي ضرورت اسڪولن تي ڏنڊي کڻڻ جي آهي ته سڀ کان پهرين ته هو سنڌي ٻوليءَ کي مضمون طور لازمي پڙهائين ۽ ٻيو ته انگريزيءَ ۽ اردوءَ جيان مضمون لکڻ ۽ تقريري مقابلا سنڌيءَ ۾ ڪرائين. جيڪڏهن ڪو رسالو اسڪولن يا ڪاليجن مان نڪري ٿو ته انهيءَ ۾ انگريزي ۽ اردوءَ جيان سنڌيءَ جو به ڀاڱو هجي ته جيئن ٻارن ۾ سنڌيءَ ۾ اظهار ۽ تخليق جو رجحان وڌي. مون ته اهو به ڏٺو آهي ته ڪراچيءَ ۾ هڪ ته اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائي ئي نٿي وڃي ۽ جن اسڪولن ۾ پڙهائجي به ٿي، ته اُتي استاد سنڌي ڳالهائيندڙ ڪونهن. جيڪو اُستاد پاڻ ئي ڪا ٻولي صحيح اُچاري ڪونه سگهندو، اُنهيءَ وٽان ٻار ڇا سکندا؟ ۽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ پڙهائڻ جي لاءِ اُنهن ئي اصولن جو سهارو وٺڻو پوندو، جن جو انگريزيءَ سيکارڻ جي لاءِ ورتو ويندو آهي. ننڍي کنڊ بلڪه ڏکڻ ايشيا جي گهڻي ڀاڱي مٿئين ۽ حڪمران طبقي انگريز ٿيڻ جي چڪر ۾ گهرن ۾ انگريزي ڳالهائڻ جو رواج وڌو، ڪِن ته شاديون ئي يورپين عورتن سان ڪيون پر جن نه به ڪيون، تن به ملڪي ٻولي پنهنجن ٻارن کي نه سيکاري. منهنجي سمجهه موجب جيئن وڻ جي لاءِ پاڙ ضروري آهي، تيئن ٻار جي شعور ۾ پنهنجي اباڻي ٻوليءَ جو هجڻ به ضروري آهي. مان توهان کي رڳو مايوس نٿي ڪرڻ گهران، توهان کي هڪ صبح جا ڪرڻا به پسايان ٿي. گهڻا سال اڳ لاهور ۾ پنجابي ٻوليءَ جي هڪ شاعره جيڪا ’اندرونِ پنجاب‘ مان آيل هئي، ان سان منهنجي ملاقات ٿي. حالن احوالن کانپوءِ جڏهن کيس خبر پئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا نه رڳو ڇپجن ٿا، بلڪه پڙهجن پڻ ٿا، تڏهن هن اهو چوندي روئي ڏنو ته پنجابيءَ کي پنجاب ۾ ڪير به لکڻ ۽ پڙهڻ نه ٿو چاهي، پنجابي ڳالهائيندڙن کي پينڊو ۽ ڄٽ تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو ته، کيس پنجابي ٻوليءَ جو ڪو مستقبل نظر نٿي آيو. مونکي ياد ناهي ته مون کيس اُهي ڳوڙها ڳاڙڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪهڙي آٿت ڏني هئي پر هن مائيءَ کي روئندو ڏسي مون شڪر ڪيو ته اسان جا حال اڃا ايڏا خراب ڪونه هئا. انهيءَ ڪري هڪڙي خوشي ۽ اطمينان سان منهنجي دل ڀرجي وئي هئي ۽ مان سنڌي ٻوليءَ جي جادوءَ تي سوچيندي ئي رهي هئس. صديون اڳي جڏهن ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“ وارو حساب عام هو، تڏهن به سنڌ ۾ جيڪڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ ٻين وڏن شاعرن پنهنجي شاعريءَ جي لاٽ لاءِ ڪا واٽ ڳولهي ته اُها سنڌي ٻوليءَ جي واٽ هئي ۽ گذريل صديءَ ۾ جيڪڏهن فيض احمد فيض سميت پنجاب جي وڏن شاعرن پنهنجي اندر جي اظهار جي لاءِ اردوءَ جي چونڊ ڪئي، تڏهن به سنڌ ۾ شيخ اياز کان وٺي حسن درس تائين ۽ امداد حسينيءَ کان وٺي مريم مجيديءَ تائين سڀني پنهنجي بنيادي شاعري سنڌيءَ ۾ ئي رکي. اهو سوال مون ڪيترائي ڀيرا سوچيو آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ئي سنڌين جي اظهار جو وسيلو ڇو رهي آهي؟ بي بي سي ۾ ڪيترا سال صحافت کانپوءِ جاويد سومرو جڏهن ناول لکي ٿو ته هو انگريزي يا اردوءَ ۾ اظهار بدران سنڌيءَ جي ئي چونڊ ڇو ٿو ڪري؟ ڪتاب وڪامن نٿا، گهران پئسا ڀرڻا پون ٿا پر پوءِ به نصير ميمڻ ۽ ٻيا سنڌ جا هڏ ڏوکي سنڌيءَ ۾ ئي لکندا ۽ ڇپجندا وڃن پيا..... آخر ڇو؟ شايد اِهي ئي ڪجهه نشانيون آهن، جيڪي اسانجي اميد کي حيات رکيو ويٺيون آهن. neetushah@gmail.com روزاني ڪاوش، اربع 12 ڊسمبر 2012ع