لائَي جو ويا، سو مَنجهيَن ٿو مچ ٻري سو اُجهامي ڪئَان، جنهن سَوريندَڙُ سُپَرين. سر رپَ لائي جو ويا = لڳائي ويا، ڦاسائي ويا، پنهنجي محبت ۾ قيد ڪري ويا، اڙائي ويا، پاڻ نڪري ويا. مَنجهيَن = اندران، دل اندر مَچُ = آڙاهه، ڀڀڙ اُجهامي = وسامي، ٺري، ٿڌو ٿئي ڪئَان = ڪيئن، ڀلا ڪيئن سَوريندڙ = مچائندڙ، تيز ڪندڙ * محبوب مون کي پنهنجي محبت ۾ ڦاسائي، قيد ڪري، اڙائي، سوگهو ڪري. پوءِ پنهنجو پاڻ ڇڏائي ويا، نڪري ويا. هاڻي جيڪي منهنجي دل ۾ ، اندر ۾ باهه جا ڀڀڙ ٿا ٻرن ۽ مچ ٿا ٻرن. * جنهن جي لڳائڻ وارا، دکائڻ وارا، ٻارڻ وارا ۽ وري ان کي جدائيءَ جي اذيت ۽ عذاب ڏيئي ساڙي مارڻ وارا پاڻ ئي محبوب آهن، سا عشق جي باهه ڀلا ڪيئن وسامندي ؟ ____ سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل