منصور سرور
سينيئر رڪن
مان اعتراف ٿو ڪريان ته پي ٽي وي کي 36 سال ڏئي مان پاڻ کي ضايع ڪيو. پي ٽي وي تان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ ڇهن سالن اندر مون 16 ڪتاب ترتيب ڏنا آهن. سو جيڪڏهن مان 36 سال علم ۽ ادب کي ڏيان ها ته اندازو لڳايو ته ڪيترو ڪم ڪري وڃان ها. ٽي وي تي جيڪو مون ڪم ڪيو سو محفوظ ئي ناهي ڄڻ ڪم ڪري کوھ ۾ اڇلائي ڇڏيوسين پر قلمي مواد ڪتابن جي شڪل ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو.