محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
سِرُ لڳي سهڻي سڄڻ سان سِرُ لڳي
احمد خان مدهوش
سِرُ لڳي سهڻي سڄڻ سان سِرُ لڳي
احمد خان مدهوش
سِرُ لڳي سهڻي سڄڻ سان سِرُ لڳي
دل جي دلبر من جي من سان سِرُ لڳي
وار ڇوڙي مون مٿان جنهن ڇانو ڪئي
تنهن جي وارن ۽ وڙن سان سِرُ لڳي
هو جتان ڀي مور جيان آيو ويو
تن دڳن ۽ پيچرن سان سِرُ لڳي
ٿا لڳن ماکي ۽ مصري کان وڌيڪ
چاشني جهڙن چپن سان سِرُ لڳي
يار آ مـدهوش مـنهـنـجو ســـانورو
تنهن ڪري ڪل سانورن سان سِرُ لڳي