غلام سنڌ ۾ محبت جو شاعر مدهوش احمد خان مدهوش جي شاعريءَ مختصر مقالو رحمت الله پيرزادو احمد خان “مدهوش” غلاميءَ جي دور ۾ سنڌ جو محبت ڪندڙ شاعر آهي فلسطين جو جھونو سياستدان ياسر عرفات اسرائيل ۽ آمريڪا سان مسلسل ڳالهين جي ناڪاميءَ کان پوءِ هڪ وقفي دوران (جڏهن امريڪي ۽ اسرائيلي اڳواڻ کائي پي) هڪ ڇوڪريءَ جي رقص ڏسي رهيا هئا ته اچانڪ ياسر عرفات اُٿيو ۽ هو جام هٿ ۾ جھلي رقص ڪندڙ ڇوڪريءَ جي ٻانهن ۾ ٻانهن وجھي رقص ڪرڻ ۽ جام ڏيکارڻ لڳو جنهن تي پهريان ته آمريڪي مُسڪرايا ۽ جڏهن ڪئميرائن جو رُخ عرفات ڏانهن ٿيو ۽ ميڊيا سندس تصويرون ۽ فوٽيجز وٺڻ لڳي ته آمريڪين جي چهرن تان شئميپپن جا خُمار ڪافور ٿيڻ لڳا.اصل ۾ ياسر عرفات انهن کي ٻُڌائڻ پئي چاهيو ته اسيرن به رصق ڪرڻ ۽ جام هٿ ۾ جھلي زندگيءَ جا خمار حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا، مگر اسان کي اُهي مسروتون ميسر نه آهن ڇو ته اسين غلام آهيون. آئون مدهوش جي شاعريءَ کي اُن پرسيڪٽوِ ۾ ڏسي رهيو آهن.سامهون سڄڻ هجي ۽ نظر ۾ نظر هجي،پنهنجي خبر هجي نه ڪي ٻئي جي خبر هجي.چاهيان اهو نه ٿو ڪو جنت ۾ گھر هجي.دلبر جو در هجي ۽ سندس در تي سر هجي. (مدهوش)مدهوش کي شاعري ورثي ۾ نه ملي پر هُن پاڻ محنت ۽ جاکوڙ سان نالو ڪمايو. هُن سنڌ جي وستيءَ وستيءَ واهڻ واهڻ ۾ ميلن محفلن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ وڃي، راتيون جاڳي شعر ٻڌا ۽ ٻُڌايا مدهوش تڏهن مدهوش ٿيو. بنيادي طرح سندس تعلق ٻهراڙيءَ سان هجڻ ڪري هو پنهنجي شاعري ۾ جيڪا ٻولي کڻي آيو، اُها نج سريهه ۽ ٺيٺ سنڌي ٻولي هئي، جنهن ۾ ٻين ٻولين جو غلط ميلاپ شامل نه هئو. سندس لهجو البته ڪاڇي جي سرائيڪيءَ وارو سُريلو لهجو هئو، ڇو ته سندس ماءُ ٻولي سرائڪي هئي. ان لاءِ سندس بيان جو انداز مٺو ۽ مسرور ڪندڙ هئو. آڻياڪٿان تشبيهه ڪا سڀ کان الڳ سڀ کان جدا،تولي مٺا! خدا خلقيو سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.مهوش جي آ آرزو ويٺو هجين تون روبرو،منهنجي طلب، مهنجي دعا سڀ کان الڳ سڀ کان جدا.احمد خان مدهوش حافظ احسن ڇنا جي اسرار تي 1960ع کان شاعري شروع ڪئي. هُن اڌ صدي شاعريءَ سان ساٿ نباهيو جئين ته پاڻ مدرسي جو پڙهيل هئو ۽ عالم ، اديب، فاضل جي سند حاصل هئس جيڪا يونيورسٽيءَ جي حوالي سان گريجوئيشڻ جي برابر ڊگري آهي ۽ فارسي توڙي عربي پڙهيل هئس، ان ڪري عورض تي مضبوط گرفت حاصل هئس. سندس ڪجھ شعرن ۾ فارسيءَ جو اثر به موجود آهي، مثال.خير خواهه منهنجا سڀئي اهل گلشن ٿي ويا،آرزو ۽ گل ۾ ڪنڊا، زيب دامن ٿي ويا.ها خوشيءَ مان هوش ۽ مدهوش ٻئي اڏرڻ لڳا،دلربا جا دوبدو جنهن ويل درشن ٿي ويا. (مدهوش)يا سندس غزل جا هي شعر ته؛خيال گيسوءِ دلدار بهتر آ،جنون آرزوءِ دار بهتر آ.ڇڏي ڏي نيم بسمل کي ته پيو تڙپي،اي قاتل! لذت آزار بهتر آ. (مدهوش)انهن مٿئين غزل جي شعرن ۾ اهل گلشن آرزوءِ گل، زيب دامن، خيال گيسو ۽ نيم بسمل جھڙيون ترڪيون پراڻي فارسي زده غزل جون جھلڪيون آهن، ان کان علاوه زير اضافت ۽ حذف ڪرڻ وارو انداز به فارسي زده آهي جيڪو مدهوش وٽ ڪٿي ڪٿي نظر اچي ٿو. مگر هو فارسي رڪيبن ۾ مُقيد ناهيٰ هو حافّ احسن ڇنا ۽ فيض بخشاپوريءَ جي ويجھو رهيو، مگر هن غزل کي انهن استادن جي غزل کان به وڌيڪ سهل ڪيو ۽ سنڌيائيو آهي هن جو سنڌي ٻوليءَ سان چاهه ڪنهن به ثبوت جو محتاج ناهي. هو (آئيني) کي آهيون ۽ فارسيءَ کي پارسي ڪوٺي ٿو / لکي ٿو. يعني هو مُروج لکيت جي لفّ جو لوڪ لهجو ڪم آڻي ٿو جيئن پرچيل لفظ کي عام طرح پرتل ڪري تڪڙ ۾ اچاريو ويندو آهي، ان کي عام لهجي ۾ مدهوش کڻي اچي ٿو، يا ڪجھ متروڪ لفظن جو هن وٽ سهڻو استعمال آهي جيئن (هُو هَوا) (ڊهه بڊهه)، (ساندهه)، (ڳڀا ڳڀا)، (ڪٽو)، (اڪوئي) يا (اُلر) وغيره اهڙا لفظ آهن جيڪي لکت Script کان ٻاهر Out آهن مگر روز مرهه جي ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ جا بنهه عام Common لفظ آهن مدهوش وري انهن کي اڪثر قافيي جي طور اسعتمال ڪري ٿو ته اُهي ويتر پُر اثر ۽ توجهه طلب محسوس ٿيڻ لڳن ٿا.آئون سمجھان ٿو ته احمد خان مدهوش اکر اکر سان عشق ڪيو آهي ۽ هو سٽ سٽ سان سنجيدهه نظر اچي ٿو مدهوش جي ٻوليءَ تي سائنسي تجزيو ڪو لساني ماهر Scientist Of Language ڪندو ته وڌيڪ لاڀائتو ڪم ٿي سگھي ٿو. ڇو ته مدهوش هم معنيٰ لفظ Duel Meaning words جو ايترو ته خوبصورت استعمال ڪري ٿو جو مهاسگھڙ به سندس سُگھڙائپ کي مڃڻ کان سواءِ رهي نه سگھندو. احمد خان مدهوش جو هي مشهو ر غزل آهي ته هم معنيٰ لفظن جو طلسماتي ميلاپ آهي. جڏهن کان اک لڳي تو سان، تڏهن کان اک لڳي ناهي،جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو، تڏهن کا چاڪ ٿي ناهي.ڪري ٿو وار کولي وار سئو سئو وار او سهڻا!لڳا تم ڏنگ انگ انگ ونگ، جنهن جو دن ئي ناهي. (مدهوش)احمد خان مدهوش پنهنو پاڻ کي شاعريءَ کاءِ مڪمل طرح وقف ڪري ڇڏيو هئو توڙي جو سندس شاريءَ جو اهم موضوع محبت آهي مگر ائين به ناهي ته مدهوش موضوع جي حوالي سان يڪسانيت جو شٖار هيو هجي. هُن وٽ محبت جا ڪيئن موضوع آهن هو زلفط ۽ لب و رخسارن جون ڳالهگيون ته باڪمال ڪري ٿو مگر هُو نظرن جو به ڪٺل آهي، تڏهن ته پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جو عنوان ئي (نظر ۾ نظر بند) رکيائون وٽس محبوب کي ريجھائڻ جو جيڪو ڏانءُ آهي اهو به نرالو نظر اچي ٿو ۽ هو محبت جي ميارن مُرڪن ۽ مينڍن جو مُترنم شاعر آهي.پيار جي ديس جو پکي آهيان،بي رحم ديد جو ڌڪي آهيانحال مدهوش جو پڇو نه ڇا ٿا،ڪين ڪي هونس ڪين ڪي آهيان. (مدهوش)يا سندس زلفي پريشان جو حسين منظر هنن سٽن ۾ پسو؛وار چهري تي وڇائي ٿي ڇڏين او جانا!رات ۾ ڏينهن لڪائي ٿي ڇڏين او جانا!تنهنجي درسن جي ڪرامت کي اڃان ڪيئن مڃان،مون کي مدهوش بنئا ٿي ڇڏين او جانا!يايا محبت جي امر جذبن دسان رچيل سندس هي سٽون ته؛پاڻ جنهن کي به ڏنئي پيار گهرائي گھر ۾سو وري ڪين وريو هوش وارائي گھر ۾.مون زماني جي خدائن جو بگاڙيو ڇاهي،پنهنجي محبوب جي تصوير لڳائي گھر ۾چاهه تنهنجي آ مدهوش رکيو اهڙي طرح جئين چڱي چيز ڪا رکبي آ لڪائي، گھر ۾. (مدهوش)مدهوش وٽ قاافيي جي پُختگي، رديف جو رچاءُ ۽ وزن بحر جي پڪائيءَ تي هاني بحث ته بنهه سطحي ٿيندو، ڇو ته هُن وٽ انهن لوازمات جي کوٽي ته ڪڏهن به ناهي رهي مگر پنهنجي تخلص جو جهڙو حسين استعمال مدهوش وٽ آهي اهڙُ لڀائيندڙ استعمال ٻيو سنڌي شاعريءَ ۾ مشڪل نظر ايندو.مٿئين سٽن ۾ مدهُش وٽ ڪٿي ڪٿي تصوف جي جھلڪ اوهن کي ضرور نظر آئي هوندي توڙي جو مٿيان سڀئي شعر بي حد رومانوي آهن. مگر هن جي محبت فقط محبوب جي مُجسم نقش نگار تائين محدود ناهي، بلڪه هن جي محبت ۾ بالاغ آهي هُو محبوب جي ادائين تائن نثا ر ٿيندو پنهنجي گفتگوءَ جو دا.ئرو خدا جي نه عيان ٿيندڙ رازن تائين وڌائي وڃي ٿو، ۽ تصوف جي نقطن تائين دسترس رکي ٿو. جيئن سندس شعر آهي ته؛هي جو توکي جان من ويٺو ڏسان،خالق اڪبر هستيءَ مانحن ۾ ڏسو،عاشقن هُن کي ڏٺو ناز ۾،ڀل توهان روزن نمازن ۾ ڏسو.(مدهوش)جنهن محبت ۾ عقيدت ناهي،تنهن ۾ ڪائي به حقيقت ناهي،پنهنجي سجدن جو واپاري نه آحيانڪا جنت جي ضرورت ناهي (مدهوش)مدهوش کي مختصر لفظ ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته هو جدت ۽ قدامت جي وچ تي هڪ پُل آهي جهن تان جديد ادب جا ڪيترائي شاعر گذري پاڻ کي دريافت ڪري سگھن ٿا.اها وقت جي تمام وڏي ستم ظريفي چئبي جو اڻ ڇپيل مواد جوهيءَ جي گرم جھولن ۾ ضايع ٿي رهيو آهي. اهڙي شاعر جا املهه ڪتاب ۽ تحقيقي رهيو مقالا اسان جي ادارن کي شايد ڪابه اٽريڪشن نه پيا ڏين جو انهن جي اشاعت جي ڪابه پلاننگ نظر نه ٿي اچي! احمد خان مدهوش جو اڻ ڇپيل شعري مجموعو (اکين جا سنيها) يا قومي شاعريءَ کان علاوه (ڪاڇو ڪيئن ٿيو) ۽ (ڪوهي مني صديءَ کان) جهڙن مقالن جا مسوادا وقت جي ٻه واٽي تي رکيل ڪنهن سواليا نشان جيان نظر اچي رهيا آهن.اڄ جيڪڏهن احمد خان مدهوش پاڻ زندهه هجي ها ته هن حالتن تي خود هو منظوم انداز ۾ ڪجھ ضرور چئي وڃي هان. هن عوامي رنگ جي شاعر تي لکليل هي مختصر مضمون مان سدس ئي سٽن سان مڪمل ڪندس.سر لڳي سهڻي سڄڻ سان سر لڳي،دل جي دلبر من جي من سان سر لڳي.يار آ مدهوش منهنجو سانورو!تنهن ڪري ڪل سانورن سان سر لڳي. (مدهوش)