ڀڄ ڀڄان ۽ مثبت ريس کان پوءِ هلڪو اسپيڊ بريڪر........

'مختلف موضوع' فورم ۾ گورڌن ولاسائي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2014۔

  1. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڪجهه مهنين جي لاڳيتي ڀڄ ڀڄان ۽ وٺ پڪڙ کان پوءِ هاڻي هلڪو اسپيڊ بريڪر آيو آهي، ان ڪري جو جو منهنجي سُپروائزر يعني هوجا ڪجهه ڏهاڙن جي موڪل تي ويل آهي ۽ مون کي پُڻ ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. چيو اٿس ڪيڏانهن نڪري وڃان گهُمڻ......

    پر عجيب ڳالهه آهي جو وري به ليب ۾ ويٺو آهيان! ڇاڪاڻ ايڏو ته بهترين ۽ تقابلي ڪم ڪار آهي جو اهو ڊپ بيٺو آهي ته متان ٻيا مون کان اڳ نڪري وڃن..... زندگي ۾ اڳ اهو خيال ڪڏهن به نه آيو، سواءِ ڪرڪيٽ راند کيڏڻ دوران جي......

    انهي جو مقصد اهو هرگز ناهي ته آئون ڪو ايڏو ڀلو شاگرد آهيان پر ڳالهه سڄي مقابلي جي آهي ۽ هفتيوار آرام جي. پاڻ واري پاسي آرام جو مقصد صرف ننڊ آهي. ڪافي سارا تُرڪ دوست ڇنڇر ۽ آچر تي هڪ ڏينهن سڄو ڏينهن سائيڪل ڊوڙئيندا، ٻئي ڏينهن ڪنهن پارڪ يا بار وغيره ويندا. حالانڪه سڄو ڏينهن سائيڪل ڊوڙائڻ چڱو خاصو ڏُکيو ڪم آهي. روزانو جي ڪم کان ٿورو مختلف ۽ دل کي وڻندڙ ڪم آرام ۾ شامل آهي.

    چوڻ جو مقصد ڇنڇر ۽ آچر کي فيسبوڪ، ٽُئيٽر، ڪمپوٽر، ٽي وي کي ڇڏي جيڪو ڪم ڪجي اِهو آرام ۾ شامل ٿيندو ۽ ايئن ڪرڻ سان ماڻهو تازو توانو رهندو آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    يار واه جي ٿو ڏسين... اسان وٽ رڳو آفيشل ڪم ۽ ٿڪائيندڙ ڪم کانسواءِ باقي ڪم آرام ۾ آهن .. پر آرام جي ڪمن ۾ واري 90 سيڪڙو ننڊ ڪرڻ :) :) :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار نه پڇ ....... مان ته موڪل انڪري ناهيان ڪندو جو آفيس ۾ سڪون محسوس ڪندو آهيان، ڇو ته هتي بجلي ڪانه ويندي آهي ۽ ماحول به ٿڌو آهي.

    ان جي برعڪس گهمڻ سو به هنن ڏينهن ۾ ناممڪن آهي .... اف گرمي.

    ۽ گهر ۾ آهيون ته بجلي ناهي يا ڊگهي لوڊشيڊنگ آهي ..... هاڻ ٻڌايو ته ڇا ڪجي.

    گورڌن خوشنصيب آهيو جو اهڙي ملڪ ۾ رهو ٿا جتي امن به آهي ته ماڻهو به ماڻهو آهن ....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اوهانجي ڳالهين سان سهمت آهيان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    توهان جي لکيل آخري جُملي ۾ اهو جواب ته هتي به ڪُجهه حاجي آهن!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار اتي ڪجهه آهن ... هتي ته بس ..... ٽرينون ڀريون پيون آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    هلڪي اسپيڊ بريڪر ڪم ڪري ڏيکاريو. منهنجي ڪم جي حوالي سان هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، گُذريل سڄو هفتو انهي پويان گُذري ويو. اڄ ڌماڪي سان اوچتو ئي اوچتو سمجهه ۾ اچي ويو. واه دماغ تنهنجا ڪم..........

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 جون 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پاڻ ته ڌماڪن جا عادي آهيون.. پر يار توهان خيال رکجو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    صحيح ٿا فرمايو، تمام گهڻو سڪون ملي ٿو. پر جيڪڏهن ڪم ڪار نه هجي ته ؟؟؟

    سڪون ۽ آرام جي لا سنڌسلامت سان گڏوگڏ استاد گوگل سان سوالن جوابن ۾ ڏينهن گذاريو ڇڏيون. :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. اظهار جسڪاڻي

    اظهار جسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مائيننگ انجنيئر
    ماڳ:
    ٽنڊوڄام
    سائين تمام بهترين ڳالھ ڪئي اٿئو... روٽين کان هٽي ڪري ڪا سرگرمي ڪرڻ آرام هوندو آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو