هڪ سياسي سفير جون ساروڻيون گل محمد عمراڻي هِز ايڪسيلينسي سري پرڪاش، پاڪستان ۾ هندستان جو پهريون هاءِ ڪمشنر (سفير) مقرر ٿيو هو، هيءَ ڊپلوميٽڪ سروس جو ڪو نه هو، بنيادي طور تي هڪ جهانديده ڪهنه مشق سياستدان هو ۽ ڀارتي ڪانگريس پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ۽ 1934ع ۾ مرڪزي مجلس قانون ساز اسيمبلي/مجلس جو ميمبر هو، ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيو هو. قائد اعظم سان پهريون دفعو هو 1934ع واري قانونساز مجلس ۾ مليو هو، جڏهن ان وقت هو (جناح) پنهنجو پاڻ کي مسلم ليگي نه پر هڪ آزاد گروپ جو لبرل قائد سڏائيندو هو. ان گروپ ۾ 35 کان وڌيڪ ميمبر شامل جڏهن ورهاڱو ٿيو، تڏهن جواهر لعل نهرو هن پراڻي نيتا، سري پرڪاش کي قائد اعظم سان پراڻي ڏيٺ ويٺ سبب ۽ ڪانگريس جي سابق سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ سرانجام ڏنل خدمتن عيوض، پاڪستان ۾ پهريون هاءِ ڪمشنر مقرر ڪري ڪراچي موڪليو. (ڪامن ويلٿ جي ملڪن جي سفيرن کي هاءِ ڪمشنر سڏبو آهي). هن منصب تي جهوني ڪانگريسي سري پرڪاش سوا سال کان ٿورو وڌيڪ عرصو گذاريو. سري پرڪاش 12 آگسٽ 1947ع تي هوائي جهاز ذريعي ڪراچي پهتو ۽ پئلس هوٽل (جتي هينئر هوٽل Sheraton ٺهيل آهي) ۾ اچي ترسيو. وزير اعظم لياقت علي خان جي رهائشگاهه ۾ ويجهي هئس، (شايد هينئر وارو چيف منسٽر هائوس). هوٽل جي ڪمري کي ئي سري پرڪاش پنهنجو دفتر بنايو ۽ خود ئي هي هاءِ ڪمشنر هو ۽ خود ئي هيءَ پنهنجو سيڪريٽري ۽ ڪلرڪ به! پاڻ نهايت ڏک سان بيان ڪري ٿو ته، ”اصلي ۽ سچا سماج سيوڪ سنڌي هئا. پارسي، جن ۾ به جمشيد مهتا جو نالو سرفهرست هو، هو صاحب، ورهاڱي جي وقت، سندس پهرين فلائٽ تي 12 آگسٽ تي، ڪراچي جي هوائي اڏي تي هن سان مليو ۽ هن جي آمد کان وٺي تمام گهڻي پرگهور ڪرڻ لڳو. اصل ۾ سڄو سارو ڪراچي جو جديد شهر جمشيد مهتا جي محنت ۽ لگن جي سبب ان منزل تي رسيو هو. جيئن ورهاڱي جي گهنٽي وڳي، سري پرڪاش چواڻي جمشيد مهتا کي ان وقت جي مسلم ليگي اردو دان يو پي، سي پي واري قيادت بلڪل نظر انداز ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ آخري وقت ۾ ته ڪراچيءَ جي هن عظيم معمار جي حيثيت هڪ اوپري شخص واري ٿي وئي هئي. سري پرڪاش لکي ٿو ته، ڪراچي پهچڻ کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ ديوان چوئٿ رام گدواڻي هن کي ڳولهي لڌو. هي صاحب سنڌ ڪانگريس جو تمام پراڻو ۽ معزز رڪن هو. هن کي ڏسي سري پرڪاش کي گهڻي خوشي ٿي ۽ هو بي ساخته آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌيو. گدواڻي هن کي رکائي سان چيو ته لڳاتار پنجويهن سالن کان هو ڪانگريس جو صوبائي صدر رهندو اچي ۽ هن جي هوندي ڪنهن بنارسي (سري پرڪاش جو ڳوٺ) کي هند سرڪار جي پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ڪراچي کان موٽي اچي ڏهه ڏينهن لڳاتار هو دهلي ۾ رهي پيو ۽ بقول هن جي هو ٻه دليون ٿي پيو هو، خاص ڪري پنجاب جي لڏپلاڻ واري ڪوس جي ڪري، جنهن ۾ لکين ابهم معصوم ٻار، عورتون ۽ مرد تاريخ جي بدترين سفاڪي جو نشانو ٿي رهيا هئا. پاڪستان فقط ويهه ڏينهن اڳ وجود ۾ آيو هو ۽ انهن حالتن ۾ سنڌي شرنارٿي ۽ ڪانگريسي نيتا جيڪي ڪراچي کان دهلي پهتا، انهن سنڌ جي فسادن جو ذڪر ته شايد ايتري شد و مد سان نه ڪيو هو، جيترو اها ڳالهه ورجايون ته اسان جو سفير مشڪل سان ڪراچي ۽ لاهور ۾ فقط ٻه هفتا رهي ڪري، اتان ڀڄي نڪتو هو. نيٺ پاڪستاني موٽي وڃڻ لاءِ وزير اعظم جي تار مليس ته، هو سامان تيار ڪري، هڪ اسسٽنٽ ۽ ڪجهه نوڪر ساڻ ڪري دهلي روانو ٿيو، جتي گانڌي سان ملاقات ڪري پوءِ ڪراچي جي فلائٽ وٺڻي هيس. ان وقت گانڌي برلا هائوس ۾ قيام پذير هو جيئن گانڌي جي ويجهو پهتو ته ڏٺائين ته مار سنڌ مان لڏي آيل مرد ۽ عورتون جيڪي اصل ڪراچي جا هئا، گانڌي کي گهيرو ڪري ويٺا هئا. گانڌي جي ٽوڪ واري انداز ۾ چيس، ”مسٽر پرڪاش! سنڌ ۾ ۽ پنجاب ۾ خونريزي ٿي رهي آهي ۽ تون گهر ويٺو آرام ڪرين!“. هن طنزيه گفتگو کانپوءِ پرڪاش چئي ٿو ته ”هن کي صحيح اندازو ٿيو ته سنڌي ڀائرن دل کولي هن جي گلا ۽ غيبت ڪئي هئي“. (پر انهن مظلومن جي شڪايت سئو سيڪڙو جائز هئي ۽ هيءُ بنارسي بابو، دراصل ايڏو ڪوس ڏسي نه سگهيو ۽ يڪدم ڀڄي گهر ۾ اچي لڪو هو). بقول پرڪاش جي هاڻ گانڌي پنهنجي اصلي رنگ (سٺي mood )۾ اچي ويو ۽ سنڌ جي باري ۾ پيار ۽ پاٻوهه سان ڳالهائڻ لڳو. چي: سنڌ جا هندو citizens of the world دنيا جا شهري آهن ۽ انهن جي بي انتها تعريف ڪرڻ لڳو. پاڻ چيائين ته هيءُ سنڌي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن، پر اهڙا ته وطن سان محبت ڪرڻ وارا انسان آهن، جو جتي به هجن پر وري به پنهنجي مادر وطن ئي ايندا آهن، پنهنجو ساڻيهه ڪڏهن به ڪو نه وساريندا آهن. گانڌي اهو به ٻڌايو ته سنڌ ۾ جيترا به هندو آهن ۽ کڻي اهي سڀ شهر خالي ڪري اچن ته به ٻهراڙين ۾ اٽڪل 2 لک هندو باقي اڃا رهن ٿا ۽ پوءِ هن مهان پرش، سري پرڪاش کي سختي سان تاڪيد ڪئي ته هڪدم واپس وڃي انهن جي پرگهور لهه. سري پرڪاش جا تاثرات سنڌي مسلمانن جي باري ۾ به ڪافي دلچسپ آهن. پاڻ چئي ٿو ته سنڌ ۾ ورهاڱي کان اڳ سنڌي هندن ۽ مسلمانن جا گهرا سماجي، ثقافتي، معاشرتي تعلقات هئا. سنڌي مسلمانن کي هندن سان ڪا به نفرت نه هئي ۽ جيڪا لڏ پلاڻ ۽ ٿوري گهڻي تشدد واريون ڪارروايون سنڌ ۾ ٿيون، انهيءَ ۾ سنڌي مسلمانن جو ڪنهن به طرح ڪو به هٿ نه هئو. مشرقي پنجاب مان آيل، مشتعل پنجابي مسلمان ۽ ڪجهه پراپرٽي ۽ ڪوڙن ڪليمن جا لالچي دهلي، يو پي، سي پي ۽ بهار جا پناهگير ان سڄي لڏپلاڻ جا ذميوار هئا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تشدد جي ڪجهه وارداتن کانپوءِ سنڌي هندن ڪراچي ۾ اچي ڪيمپون هنيون هيون. شري پرڪاش انهن ڪئمپن ۾ چيف منسٽر محمد ايوب کهڙي سان وڃي انهن هندن کي ٻڌايو ته هت ڪراچي ۾ اوهان گهڻائي ۾ آهيو ۽ ڪنهن به ڳالهه جو ڊپ ڊاءُ نه ڪريو. آخر ۾ مجبورن هندستاني هاءِ ڪميشن اهو فرض کنيو ته ڪيئن به ڪري هنن هيسيل ۽ خوفزده سنڌي ماڻهن کي ڀارت روانو ڪجي. هن مشڪل ڪم ۾ هاءِ ڪميشن سان جمشيد مهتا، نوين کنڊ والا ۽ منگها تاهل رهني سهڪار ڪيو ۽ اڪثريت شرنارٿي هندن کي پاڻي جي جهازن يا اسٽيمرن ۾ گجرات جي رياست ڄام نگر جي اوکا بندر يا بمبئي موڪليو ويو. هوائي جهاز جو خرچ هو برداشت نه پئي ڪري سگهيا، ٽرين واري مسافري خواري کان خالي نه هئي. آخر ۾ سري پرڪاش پنهنجي هڪ گفتگو جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪا هن هڪ برطانوي سفير سان ڪئي هئي. هو ٻڌائي ٿو ته هن ان انگريز سفير کي واضح اکرن ۾ چيو ته جتي تاريخ انگريزن جي ڪارنامن کي هميشه ياد رکندي، اتي ورهاڱي جو الزام به انهن تي ئي رهندو. اهو ٻڌي انگريز هاءِ ڪمشنر ٿڌي لهجي ۾ وراڻيو، ”برطانيا جا حاڪم ۽ عوام ڪڏهن به ان ڳالهه کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن ته بيوس مسلمان اقليت کي ڪانگريسين جي اڪثريت جي رحم و ڪرم تي ڇڏي، هندستان مان هليا وڃن، ان ڪري جڏهن اسان انڊيا کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ته اهو تمام مناسب ڪم هئو ته هن وشال کنڊ جا ٻه ٽڪر ڪري اقليت وارن مسلمانن کي پنهنجو گهر ڏيندا وڃون.“ سري پرڪاش پڇيس ته پوءِ هندستان ۾ رهجي ويندڙ مسلمانن لاءِ انگريزن ڇو نه بندوبست ڪيو؟ سفير برطانيا چيس: ”مان ڊپلوميٽ آهيان، سياستدان نه!“ The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
جواب: هڪ سياسي سفير جون ساروڻيون ادا سائين تمام سٺيون ۽ تاريخي ساروڻيون آهن ۔۔۔ برصغير جي ورهاڱي کي اسين جنهن نظر سان ڏسون ٿا انجي وڪالت ٿيل آهي ته برصغير کي ٽڪڙن ۾ ورهائڻ جو ڪم انگريزن جو هو ۽ پاڪستان جو ٺاهڻ به انگريزن جو ڪارنامو هو ۔۔۔ مسلمانن کي هڪ ڌرتي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري مسلمانن کي هندن جو مخالف ڪري هو پنهنجو مقصد حاصل ڪري ويا ۔۔۔ جيتوڻيڪ هن وقت به پاڪستان کان ججهي تعداد ۾ مسلمان هندستان ۾ رهنٿا ۔۔۔ سوال هي آهي ته هن وقت به هند ۾ مسلمانن جا ووٽ ۽ حمايت ئي حڪومتن جي ڊهڻ ۽ ٺهڻ جو سبب ٿين ٿا پر جي هي سڀ مسلمان جي ڌار ٿيا آهن سي گڏ هجن ها ته ڇا حالت هجي ها ۔۔۔ ؟ سنڌ سان ته جيتوڻيڪ ٻنهي صورتن ۾ ناانصافي ئي ٿي هجي ها ۽ آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته سنڌ کي آزاد ملڪ جي حيثيت سان فتح ڪيو ويو هو، انڪري سنڌ کي آزاد ملڪ سان ئي ظاهر ٿيڻو هو نه هند سان نه پاڪستان سان پر افسوس جو اسانجا پوڙها بزرگ مسلمانيءَ جي نعري ۾ ڦاٿا ۽ اهڙا ڦاٿا جو هاڻ جان ڇڏائڻ ڏکي کان ناممڪن طرف وڃي رهي آهي ۔۔۔۔ واڳ ڌڻي تنهنجي وس ۔۔۔
جواب: هڪ سياسي سفير جون ساروڻيون پيارا نثار احمد السلام عليڪم ۽ سڄي عمر مرڪندا مهڪندا ٻهڪندا رهو شال هڪ هٿ ٻڌي التجاء ٿو ڪري ته توهان پنهنجي ماڳ مڪان م مڪو پاڪ نه لکو ته خوشي ٿيندي ! پر ان جي جاء تي مڪه المڪرمه لکندوو ته ڪروڙين احسان ٿيندا توهان جي پيرن جي خاڪ مسڪين سنڌي شفيق جوکيو تون سَمو سردار، آءٌ ميئي مھاڻي آھيان؛ تنھنجيءَ شفقت مِھر جو، آھي ڪو نه شُمارُ؛ گنديءَ گاندَر گھر کان، ڪيو ساري عالم عارُ؛ مٿي تَنھن مَدارُ، تو ساريءَ ڪينجھر رکي. تون سَمو سائين، آءٌ ميئي مُھاڻِي آھيان؛ مون لَڄ رھائين، جو پَلءِ لڳيس تانھنجي. آءٌ ميئي مُھاڻِي، تون سَمو ساري سَر جو؛ قرب منھنجو ڪھڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛ کارِي سرِ کنيم ٿي، ڇِڇيءَ، کِکِيءَ ھاڻِي؛ راجا تنھنجي راضَ سان، ٿيس راڻِنِ جي راڻِي؛ تو سَما سِيباڻِي، نه ته ھيس بيھودي بڇڙي.
جواب: هڪ سياسي سفير جون ساروڻيون سائين محترم شفيق احمد جوکيا صاحب، اوهان اسانجا وڏا به آهيو ته اسانجا رهنما به آهيو، اسين اوهانجي پيرن جي خاڪ ٿينداسون ته ممڪن مان لهنداسون پر اوهان اهي لفظ لکي شرمندو ڪري وڌو آهي ۔۔۔ هٿ ادب جا ٻڌي عرض آهي ته اوهانجو حڪم اکين تي آئينده آءُ جڏهن به هن محترم شهر ام القري جو ذڪر ڪندس ته مڪه المڪرمه ڪري لکندس ۔۔۔ لک ٿورا رهنمائي ڪرڻ جا ۔۔۔