• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حسن تي لکان يا حيراني تي لکان

واه ڇاتي لکان
حسن تي لکان
يا حيراني تي لکان..
.يا گهري سمونڊ جي گهرائي تي لکان..
يا لال لبڙن جي لالي تي لکان
يا خيال تنهنجي ڌمالي تي لکان ..
يا نازڪ نسوري ناز تي لکان
يا آواز تي لکان
يا گداز تي لکان
يا شرميلي شوخ شان تي لکان
يا هڪ سنڌ جي ناري تي لکان
آواز ڀاري تي لکان
جيڪا
جيءَ ۾ پورو جهان ڪيون ماڻهن کي ڪان پئي هڻي .
..درد پئي ڌوين ...
واه هي ته ڪو عجيب آ
عجيب ۾ مجيب آ
مجاز جو هي محل آ
ٽور هي ڪا ٽهل ا
عشق ۾ هي اهل آ
سڪ ۾ هي سهل آ..
روح ۾ ڪو رمل آ
آس ۾ ڪو عمل آ ...
نيهن ۾ نروار آ
اقرار آ
اسرار آ
هي ڪنهن جو ايڏو پيار آ ...
ونهنوار آ ...
هي سکي ته سڪ ۾
هڪ جي ته ٻک ۾
برح جي ته بک ۾
نينهن جي ته نک ۾
تيز ڪهن تک ۾ ...
روح کي رانڀوٽه ڏي...
لوڪ کي ٿي هي سڏي...
سهيليون اچو اچو
عشق ڪيو آ هي ڏچو
مرض هن کان بچو .....
 
جي محمد بخش صاحب ادا هي تخيل پنهنجو آ بس مڙوئي لفظ اڪيچار اڪرجي ٿا پون ڪڏهن ڪڏهن ...حسن وارن کي ڏسي ڪري..مهرباني توهان کي هي پسند آيو....
 
Back
Top