• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دادو ضلعي م هٿ جو هنر

جوکيو شفيق احمد

سينيئر رڪن
دادو ضلعي م هٿ جو هنر
ظفر حسين شاهه


هميشه ان قوم جي تاريخ رهندي آهي جيڪا پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت ڪندي آهي. اگر تاريخ جو جائزو وٺو ته اها ڳالهه اڳيان ايندي ته هر تباهه ٿيل قوم جو سبب پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کان پري رهڻ هوندو آهي، پر ان ڳالهه تي نظر وجهي ڏسو ته سنڌ اڃا به هنر جي لحاظ کان مالا مال آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾ ثقافت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان گڏوگڏ رلي ڀرت، تڏا، سڳيون پڻ شامل آهن. اوهين دادو ضلعي جي بازارن ۾ ويندؤ ته اوهان کي هر اها شيءِ ملندي جيڪا اسان جي ثقافت ۾ شامل آهي. دادو ضلعي ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جن جو دارو مدار صرف هٿ جي هنر تي آهي.
صدين کان سنڌ ۾ هٿ جي لور هئي ۽ ان کي وڏي اهميت حاصل آهي هر ننڍي وڏي ڳوٺ وستين ۽ واهڻن ۾ هٿ جو هنر جام ۽ وڏي پئماني تي ٻني ٻارو ۽ هَر کي خصوصي اهميت آهي دادو ضلعي جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ڊکڻ جا ٻه چار گهر ضرور هوندا هئا.
اڳ ڪاٺ جي هرن کي زمين کيڙن ۽ پوکرائي ۾ ڪم آڻيندا هئا. دادو تعلقي جي ڳوٺن ۾ ڪنڀرن جا ٻه چار گهر به هوندا هئا ۽ جيڪي مٽي مان دلا، مٽ، گگهيون ۽ پيالا به ٺاهيندا هئا، ان سان گڏ ڪونار، لوٽا، لوٽيون به ٺاهيندا هئا.
لوٽا، لوٽيون نار ۾ ٻڌي اڏن ذريعي زمين ۾ پهچائيندا هئا ان کان علاوه اسان جي ڳوٺن ۾ موچين جا به ڪجهه گهر هوندا هئا. موچي زنانيون ۽ مرادنيون جتيون ٺاهيندا هئا ۽ هن وقت جتين جو رواج نڪري ويو آهي، ان جاءِ تي بوٽ، سينڊل، جُتيون ۽ ٻيو سامان چمڙي مان تيار ڪندا آهن اسان جي ڳوٺن ۾ عورتون، دستڪاريون ٺاهڻ ۾ ماهر آهن، گهگها، گج، رليون، چادريون، ٽوپيون، دَٻڪيون، ڇٻا، ڇٻيون ۽ ٻيا هنر سليڪي سان ٺاهينديون آهن، ڀرت جو ڪم نفيس ۽ اعلى قسم جو ٺاهيو ويندو آهي.
هنرمند عورتون رلين کي خوبصورت بنائڻ لاءِ بازارن مان مختلف قسمن جا ڪپڙا گهرائينديون آهن ۽ مختلف قسمن جون رليون ٺاهن ٿيون.
سنڌ ۾ پکي واري رلي ۽ گول ٽُڪَ واري رلي سميت ڪيترائي قسم مشهور آهن. چوڪنڊي رلي پڪي تهه واري رلي گل واري رلي به مشهور آهن.
رلي ۾ سئي ۽ ڌاڳي کي صفائي سان استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ انهيءَ کي هڪ سٺو هنر چيو ويندو آهي. رليءَ کي سنهي سئي ۽ ريشمي ڌاڳي سان استعمال ڪيو ويندو آهي.
سنڌ جي ثقافت جو حصو بڻيل رلي هنر جنهن ۾ عورتون راتين جو راتيون ڏينهن جا ڏينهن محنت ڪري خوبصورت رليون ٺاهينديون آهن ۽ سنڌ جي ثقافت کي زندهه ۽ سنڌ جي ثقافت کي زندهه رکڻ سان گڏوگڏ پنهنجو پيٽ گذر ۽ عزت ڀريو پورهيو به ڪري رهيون آهن.
هن وقت جديد قسم جون مشينون اچي ويون آهن ۽ مشينن ذريعي ڀرت جو ڪم ڪيو وڃي ٿو بحرحال پوءِ به اسان جا هي قديم هنر قائم ۽ دائم رهندا پيا اچن.
دادو تعلقه جي اڪثر ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ لوهارن جا گهر به هوندا هئا جيڪي اڃا تائين قائم آهن، لوهار ڪيترائي اوزار لوهه سان تيار ڪندا هئا. جن ۾ گهوٻا، ٽڦڙيون، ڪڙا، ڏاترا، ڪوڏرو، ڪهاڙيون، رنبيون ۽ ٻيو سامان ٺاهيندا هئا ۽ انهن اوزارن مان مختلف ڪم وٺندا هئا. هي هنر اڃا تائين جاري آهي.
سر ۽ ڪانهن دادو تعلقه جي ٻهراڙين ۾ وڏي پئماني تي ٿيندو آهي سر جڏهن پچڻ تي پهچندو آهي ته ٻهراڙي جا ماڻهو ان ڍڍي کي پچاي گڏ ڪندا آهن پوءِ انهن کي سڪائيندا آهن سُڪي وڃڻ کانپوءِ ڪجهه وقت ڍڍن کي پاڻي ۾ پسائي ان کي مڳري سان ڪٽي پوءِ ان مان واڻ ٺاهيندا آهن.
ڪانهن جي صرف پٽن کي چڪ هڻي ڪٽي ان مان به واڻ ٺاهيندا آهن ۽ ان مان ٺهيل واڻ ڏاڍو نفيس هوندو آهي اڪثر ڪري دادو جو واڻ ڏاڍو سٺو پائيدار هوندو آهي.

عوامي آواز ڪراچي جي ٿورن سان
اڱارو 20 اپريل 2010ع - 05 جمادي الاول 1431 هه
 
جواب: دادو ضلعي م هٿ جو هنر

سائين محترم جوکيا صاحب، بيشڪ دادو ڇا پر پوري سنڌ ۾ ساڳيا ڪاروبار ۽ ساڳي ڪرت ٿيندي هئي ۽ اڃان به ٿئي پئي ۔۔۔ هر ڪاروبار انسان جي ضرورت ۽ پسند تي دارومدار رکندو آهي، انڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ به ڪنڀر، ڪوري، ڊکڻ، واڍا، موچي، لوهار، ميربحر ۽ گهريلو هنر واريون عورتون يا مرد اڃان سنڌين جي ضرورت آهر پنهنجي رسد قائم رکيون اچن ۔۔۔
 
Back
Top