• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سياسي واپاري

منصور سرور

سينيئر رڪن
عبدالعزيز چنڊ
نانو دين محمد، اصل ۾ مڱڻهار هو. ڏاڏو سندس تمام ويجهو دوست هو. ناني چيو، بابا نوڪري ماستري ڀلي آهي. اُستاد بادشاهه جو روپ آهي. سوين هزارين شاگرد سندس اشاري تي اُٿن ويهن ٿا. کيس ڪٿي به ڏسندا ته احترام سان ملندا. انهي حد تائين به چيائين ته بظاهر طاقت واريون نوڪريون پرڪشش ۽ هيبت واريون هونديون، پر جڏهن انهيءَ سيٽ يا ڪرسي تي ماڻهو نه رهندو ته اُهو احترام، جيڪو ماڻهو ڏيندا هئا، اهو به ڪو نه ملندو.

انهيءَ جو واضح مثال اسان جو يار شبير آهي، جڏهن شيٽ ڪلارڪ هو پوليس ۾، هر ماڻهو حاضر هوندو هو، مال پاڻي به جام ملندو، پر ڪرسي مٽجڻ کانپوءِ، حالتون اُبتيون ٿي ويون، ساڳيا ماڻهو سلام به ڪو نه ڪندا هئا.

پر هاڻ نئون معاملو درپيش آهي. اڳي لينن، مائوزي تنگ، گانڌي، هوچي منهه ۽ چي گويرا جو فلسفو هو. انسان کي استحصال ۽ معاشي ظلم کان ڪيئن بچائجي. سامراج کان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪجي، جمهوريت ۽ معاشي آزادي ۽ هڪجهڙائي ڪيئن حاصل ڪجي.

انهيءَ کان اول جيڪي به نبي، ولي، بزرگ، اوتار صاحب علم، صاحب سياست ۽ صاحب معاشيات آيا، اُهي به انسان کي خوشحال ڪرڻ، کيس حق جي واٽ تي هلائڻ لاءِ ڪوشان رهيا. پاڻ بکيا رهي، عام انسانن جي خوشحالي لاءِ جاکوڙ ڪندا رهيا.

هاڻ دور ڦيرو کاڌو آهي، اڄ جي سياستدانن ڏاڍو کاڌو آهي. اڄ زندگي جا معيار ۽ ماپا بدلجي ويا آهن.

اسان جهڙا جيڪي ناني دين محمد جي چوڻ تي هلي حق حلال جي پوسٽن تي رهيا، سي اڄ سوچين ٿا ته، ماستري بادشاهي نه رهي آهي. بادشاهي سياست ۽ رشوتي آفيسر ٿيڻ ۾ آهي.

اجايا حلال روزي جا آسرا، حلال ۾ برڪت جا ڏٽا، ٻڌي ٻڌي پوڙها ٿي وياسون، نه بنگلا نه ماڙيون، نه ٻار آمريڪا موڪلي سگهياسون، نه مُئي کي سؤ ديڳين جا ختما ڏئي سگهياسون، نه ئي رمضان ۾ مسجد ۾ ٻه ايئرڪنڊيشن هڻائي ڏئي سگهياسون.

هڪڙو يار جيڪو پٽيوالي جو پُٽ هو، اسان سان گڏ پڙهيو، پوليس ۾ ڪلارڪ ٿي ويو، جڏهن سندس پگهار هزار روپيه هئي، تڏهن سندس گهر جو خرچ چار هزار هو، هو اسان جهڙن تي عجب ڪندو هو، يار توهان جو گذارو ڪيئن ٿو ٿئي؟ کيس چيم، تون انهيءَ سوال جو جواب پنهنجي والد صاحب کان وٺ، جيڪو پٽيوالو هو، توهان کي پڙهايائين به ۽ گهر به هلايائين.

پر هاڻ اسان جي پارسائي پاش پاش ٿي وئي آهي، صفا ذرا ذرا ٿي وئي آهي. اسان جيڪو ڪيو سو ڪيو، پر اسان پنهنجن ٻچن کي پوئتي رهڻ نه ڏينداسون، کين بدليل حالتن جو ادراڪ ۽ سمجهه ڏينداسين. ڪوشش ڪنداسين ته ماؤزي تنگ ۽ گانڌي جو سايو مٿن نه پوي، بلڪه اهي ڪتاب به گم ڪنداسون، جن ۾ حلال رزق، اعليٰ اخلاق ۽ خدا خوفي جي ڳالهه ڪيل آهي.

هاڻ دنيا، جيڪڏهن دنيا نه ته به، پاڪستان ۽ پاڪستان ايترو نه سهي ته به سنڌ ۾ ته، پڪ ئي پڪ نئون معاشرو، نئون نظام ۽ نئين سوچ نه صرف پيدا ٿي آهي پر انهيءَ تي اڄ جا حڪمران عمل پيرا آهن.

اڄ اهو ٻڌائڻو آهي ٻارن کي، ته نوڪري رشوت واري وٺڻ جي ڪوشش ڪبي. نوڪري پڙهائي ۾ هوشياري تي ڪو نه ملندي، اُها خريد ڪبي، هڪ نئون نصاب تيار ڪبو، جيڪو نوجوان نسل جي رهنمائي ڪندو.

اڳي ايماندار سياستدانن، قائداعظم ابراهم لنڪن، ذوالفقار علي ڀٽو جهڙن جو ذڪر ڪبو هو، انهن جي زندگيءَ جا پئمانا مقرر ڪبا هئا.

هاڻ سياست ۽ سماجيات ۾ اڄ جي دور جي هيروز جو ذڪر ڪبو. ڪيئن فلاڻو، ڪيترا پئسا ڏئي منسٽر ٿيو، ڪنهن ڪنهن کي ڊائريڪٽر، چيئرمين يا وائيس چانسلر، ڪيتري اگهه تي مقرر ڪيو ويو. ڪهڙو وزير ۽ آفيسر ڪهڙا نوان گُر استعمال ڪري، مالامال ٿيو.

ائين لڳي ٿو ته اڳي ماڻهو نوڪري، واپار يا ڪنهن پورهئي تي ويهي ويچار ڪندا هوندا ته ادا، ڪپڙن جو واپار سٺو آهي، ڪو چوندو جنس جو واپار برڪت وارو آهي، چوندو استاد ٿيڻ عبادت آهي، ڪو چوندو ٽپالي ٿيڻ وڏي خدمت آهي، ڪنهن کي ڊاڪٽر ٿيڻ ۾ عظمت ۽ خدمت محسوس ٿيندي هئي، پر اڄ شايد ڏاڍو آسانيءَ سان چئي سگهجي ٿو ته پيشا ٻه ڀلا، هڪ سياست ٻيو رشوتي آفيسر، باقي ٻي خلق خدا جي پيٽي ٺيڪيدار آهي، ڪي ويچارا منسٽرن جا ايجنٽ آهن، ڪي آفيسرن جا ايجنٽ آهن، غرض ته پيشا ٻه ئي ڀلا، سياست ۽ رشوتي آفيسري.

هاڻ ڪاليجن، اسڪولن، هوٽلن ۾ ۽ اوطاقن ۾ مائٽن، استادن ۽ فلاح جو سوچيندڙ انسانن جو هڪ ئي مشن آهي، نوجوانن کي صحيح دڳ ڏيکاريو وڃي، صحيح هيروز جيڪي اڄ حڪمران آهن، انهن جا مثال ڏئي سمجهائجي ته اڄ جا رول ماڊل اهي اَٿوَ. اهي عظيم انسان آهن، جيڪي ذلالت ۽ انڌيري ۾ ڪري پيا آهن. سياست ۽ بادشاهي کي خراب واپار بنائي ڇڏيو اٿائون. هي پنهنجي ذات جي خدمت سان ٽمٽار شيطان جا نمائندا، انساني رت جي آخري ڦڙي تائين، عوام سان چنبڙيل هوندا.

نوجوانن کي ٻڌايو ويندو ته توهان به ساڳيو دڳ وٺو، هي خانداني سياسي واپاري، نسل در نسل توهان جو رت پيئندا، يا ته هنن کي پنهنجو رت پياريو يا توهان به بچيل ڦڙو پي هنن وانگر ٿي وڃو. هڪ دفعي ڦڙو نصيب ٿيندو ته توهان جا چوڏهن طبق روشن ۽ آئينده ويهه نسل آباد ٿي ويندا.

يونيورسٽين، ڪاليجن الائي ڪيترن قسمن جا علم، شاگرد کي پڙهائڻ لاءِ آفر ڪيا آهن، چريا، وقت جي تقاضا کي نه سمجهندڙ اٻوجهه، ڪو هي علم ته ڪو هو علم پيو پڙهي. غريب وٺ وٺان کي لڳو پيو آهي، هي به پڙهان، PhD به ڪيان، پر چريو نه ٿو ڄاڻي ته سياسي واپاري جو نالائق پٽ، بي اي ٻئي کان پاس ڪرائي، پنجويهن سالن جو ٿي اليڪشن وڙهندو ۽ منسٽر ٿي ويندو، پنهنجي ئي ڏاڏي جي سياسي واپار جي empire کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

حيرت آهي ته جيڪو ٻار علم ۾ ڀڙ ۽ هوشيار نه آهي، ڪامياب منسٽر ٿيو وڃي، هر حڪومت ۾ کيس ساڳي منسٽري مليو وڃي، سندس جهڙا جڏا ۽ ابن الوقت آفيسر کيس ڌڪيو، وڏو ڪامياب سياسي واپاري بنايو ڇڏين.

جيڪي ايماندار يا نيم ايماندار يا قابل آفيسر آهن، اهي هنن سياسي ڀولڙن کي ڪڏهن به عزت جي نگاهه سان نه ڏسندا آهن، پر هنن جو ڪم نيم حڪيم هلايو ئي وڃن.

پاڻ ڪيڏانهن نڪري وياسين، پنهنجو ڪم نه آهي ته هنن هيروز کي گهٽ وڌ ڳالهايون. پاڻ ته نڪتا ئي انهي لاءِ آهيون ته ايندڙ نسل کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هنن نيڪ مردن جي پويان لڳايون. علم جو مقصد انسان جي اهليت (Competency) وڌائڻ ۽ سندس اخلاق (Character) کي ٺاهڻ آهي. هاڻ هنن صاحب علم ۽ صاحب اخلاق سياسي واپارين جي دور ۾ هن قول کي هيئن پڙهبو (Competency in corruption) رشوت جي اهليت وڌائڻ جو علم ۽ (Character less) اخلاق کان عاري هجڻ جا اُصول سکو.... سُکيا رهو.
 
Back
Top