• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا جو زهريلو نانگ

منصور سرور

سينيئر رڪن
برزبين(ع آ نيوز)اوهان اڪثر ڪري زهريلن نانگن جي باري ته ٻڌو هوندو پر ڇا توهان کي خبر آهي ته دنيا جو سڀ کان وڌيڪ زهريلو نانگ ڪهڙو آهي.دنيا جو سڀ کان زهريلو نانگ جنهن کي ان لينڊ تائيپان جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن جي اولهندي تائيپان جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي.هن نانگ کي اڪثر آسٽريليا جي اوڀر جي وچ واري علائقي ۾ ڏٺو ويو آهي. هن جو ذڪر پراڻن ڪتابن ۾ به ملي ٿو. هن کي ويجهڙائي واري تاريخ ۾ 1972 ۾ لڌو ويو هو ماهرن جو چوڻ آهي ته هن جو زهر 100 ماڻهن کي مارڻ لاءِ ڪافي آهي.هن جو ڏنگيل صرف 30 منٽ جيئرو رهي سگهي ٿو.عام طور تي هي حملو ناهي ڪندو.پر جيڪڏهن خطرو محسوس ڪري ورتائين ته پوءِ هن جي دشمن جو خير ناهي.
d-2-300x253.jpg
 
Back
Top