• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي دل نه کاءُ ڌوڪو

منصور سرور

سينيئر رڪن
اي دل نه کاءُ ڌوڪو، اچ پيءُ هي پروڪو
ساغر وچان ڏسي ٿو، هيءَ ڪائنات ڪو ڪو

گهر گهر، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾، تون گهنڊ ٿو وڄائين
اي، ميفروش! تنهنجو هر هنڌ آهي هوڪو

اڄ رات شبنمي آ، ڇو جام ۾ ڪمي آ
هن وقت ڪا به ناهي، مون تي ميار لوڪو

هي ناز جون نهارون، تون اڳ ۾ به آزمايون
شايد جٽاءُ ڪن اڄ، اي عشق کاءُ ڌوڪو

هي تندُ تيز طوفان، مان پار ڪيئن پهچان
سوچو ته ناخدائو، آهي به آسرو ڪو

تيسين اياز هن کي، پورو پسي نه سگهندين
جيسين کلي نه جاني! ڪو جيءَ ۾ جهروڪو


10463946_729848293745178_8545728736539639203_n.jpg
 
Back
Top