اتر وزيرستان ۾ آپريشن: دير سهي، درست پيشقدمي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2014۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    پاڪستان سميت ٽين دنيا جي ملڪن جو وڏي ۾ وڏو الميو اهو به رهندو پئي آيو آهي ته اتي عسڪري اسٽيبلشمينٽ، سِولين اسٽيبلشمينٽ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، توڙي شهرين جي بهتريءَ لاءِ جوڙيل ٻيا ادارا، انهن ملڪن، سماجن ۽ پوري رعيت لاءِ قهر بڻيل، ۽ رياستن اندر هڪ ٻي رياست قائم ڪري ويٺل ڏوهاري ٽولن، بي گناهه ماڻهن جو پاڻيءَ وانگر رت وهائيندڙ بگهڙن، ملڪن جي قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان چيڀاٽي، قيامت کان اڳ ڪيتريون ئي قيامتون برپا ڪندڙ درندن جي سمورن ڪارن قهرن، خوني وارداتن، ڪربلائن ۽ قيامتن جون تيستائين ڪو اثرائتو ايڪسن نه کڻندا آهن ، جيستائين پاڻي سر کان مٿي نه چڙهي ويندو آهي، ۽ خلق خدا جيءَ جي ڪسجڻ جو وارو پورو ٿيڻ کان پوءِ رياست جي مک ڪارندن جا سينا گولين سان ڇاڻي نه ڪيا ويندا آهن.

    جڏهن ملڪي عسڪري توڙي سِولين اسٽيبلشمينٽ جون برداشت جون سڀ حدون اورانگهجي وينديون آهن، تڏهن ”قانون جا فولادي هٿ“ جلال ۾ ايندا آهن، تيستائين تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو هوندو آهي ۽ وڌيڪ نقصان ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ گهٽ نتيجا حاصل ڪيا ويندا آهن.

    اسان جي ملڪ ۾ به گهڻي وقت کان مذهبي دهشتگردي مچيو مڇ ٿيو بيٺي هئي/آهي، جيڪو ٿي اڳيان آيو، تنهن کي ٿوڻو ٿي هنيائين، لوڻو هڻي پوئتي نه ٿي ڏٺائين ته سندن جوڀن ڏينهڙا ڪيترو وقت جٽاءُ ڪري سگهن ٿا؟. ملڪي عسڪري توري سولين اسٽيبلشمينبٽ جو مذهبي دهشتگرديءَ جون ملڪ مان مڪمل پاڙون پٽڻ لاءِ ڪيل تازو فيصلو ۽ ”ضربِ احب“ جي نالي سان کنيل وکون، دير سهي، درست ضرور آهن ۽ توقع ٿي ڪجي ته مذهبي کپر نانگن جي ڏر مٿان رکيل تازو پير، تيستائين پوئتي نه ٿيندو، جيستائين سندن نانءُ نشان نه مٽا يو ويندو.

    تازي آپريشن جو مقصد ڪهڙو آهي؟

    ملڪي عسڪري اسٽيبلشمينٽ جي ميڊيا سان رابطي ۾ رهڻ واري اداري، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر ) جي آپريشن جي مقصدن کي واضح ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل پريس پڌرائيءَ موجب: ”هن آپريشن جو مقصد ڪنهن به رنگ ۽ نسل جي فرق کانسواءِ دهشتگردن جي سندن محفوظ ٺڪاڻن سميت مڪمل پاڙ پٽڻ آهي“. ڏيهي توڙي پرڏيهي، مذهبي دهشتگردن خلاف وڏي سطح تي آپريشن جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي، آءِ ايس پي آر پنهنجي پريس پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ ڄاڻائي ٿي: ”رياست جي ٻين ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين جي سهڪار سان انهن ملڪ دشمنن کي پوري ملڪ ۾ ڪٿي به ٽڪڻ جي جاءِ نه ڏني ويندي“.

    مذهبي دهشتگرديءَ خلاف وڏي آپريشن جي شروعات:

    ملڪ ۾ مذهبي دهشتگردن سان شروع ڪيل ڳالهين واري دور جي ناڪاميءَ کان پوءِ، ملڪي عسڪري توڙي سِولين قيادت لاءِ مذهبي دهشتگردن خلاف وڏي سطح واري ڊگهي آپريشن ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به متبادل نه هو، ملڪي قيادت اهو مدبراڻو فيصلو ڪري، ڄڻ پاڪستاني عوام تي پنهنجي نوعيت جو هڪ وڏو ٿورو ڪري ڇڏيو آهي. مذهبي دهشتگردن خلاف فيصلائتي ويڙهه ڪرڻ واسطي تمام گهڻو وقت اڳ ئي وڃايو ويو آهي. آپريشن شروع ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي مبصرن جو اهو رايو به سامهون آيو آهي ته وزيراعظم آپريشن جو حامي ناهي، ۽ هاڻوڪي آپريشن ۾ ان جي مرضي شامل نه آهي. جيڪڏهن ائين واقعي به آهي ته وزيراعظم جي اها سوچ، ڪنهن به رخ کان ملڪي مفادن پٽاندڙ هرگز به تصور نه ڪئي ويندي. هاڻوڪين حالتن ۾ ملڪي عسڪري اسٽيبلشمينٽ جي هر ممڪن حوصلي افزائي، ملڪ ۾ ترقي پسند، پرامن ۽ خوشحال سماج جي اڏاوت لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. مذهبي دهشتگرديءَ خلاف شروع ڪيل اها آپريشن، ڪجهه تجزيي نگارن جي نظر ۾ فقط ڊرامو آهي، ان آپريشن متعلق ڪنهن ڊرامي، ناٽڪ يا افساني جي تاثر کي سگهارو ڪرڻ کان پاسو ڪندي، ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي انتهائي اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان آپريشن جا نتيجا سوات آپريشن کان به سگهارا نڪرڻ گهرجن ۽ مذهبي دهشتگردن جي سمورن گهٽن گهيڙن کي بند ڪري، ملڪي عوام مٿان ڪڙڪيل ڪارين راتين جا پهر گهٽايا وڃن ته سمجهيو ويندو، گوليون رڳو ماڻهو مارڻ لاءِ نه، ماڻهو جيارڻ لاءِ به استعمال ٿينديون آهن، ۽ موت جي منهن مان حياتيون بچائڻ ئي گولين جو درست استعمال آهي.

    مذهبي دهشتگردن خلاف اڳ ٿيل آپريشنون:

    امريڪي تاريخ جي 11 سيپٽمبر 2001ع بدترين سانحي کانپوءِ ملڪي قيادت، پرائي جنگ ۾ ڪاهي پوڻ جو فيصلو ڪري، ملڪي عوام کي مذهبي دهشتگردن جي نشاني تي آڻي ڇڏيو. ملڪي اسٽيبلشمينٽ، پنهنجن ئي پاليل واسينگن کي ايذائڻ شروع ڪيو ته انهن ڏانگين به ساڳئي وقت ڏهه ڏهه ڏنگ هڻڻ شروع ڪيا، جنهن جو شڪار عام ماڻهو وڌيڪ ٿيندا رهيا. عام ماڻهن جي ڪوس سان وهيل رت، پوءِ به مذهبي دهشتگردن جي اڃ لاهڻ ۾ ناڪام وئي، ته انهن پنهنجا سڌا هٿ، ملڪي سيڪيورٽي ادارن جي ڳچين ۾ ٿي وڌا، مذهبي دهشتگردن جي هٿن جي اها سگهه عارضي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ، عسڪري قيادت به کين ڏينهن جا تارا ڏيکاريندي آئي آهي؛ پر عسڪري قيادت جون اهي آپريشنون ڪامياب نه ڄاتيون ويون آهن، مرڳو مذهبي دهشتگردن کي هڪ علائقي مان ڀڄائي، ملڪ جي ٻي علائقي تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ويون آهن.

    مذهبي دهشتگردن خلاف عسڪري اسٽيبلشمينٽ جي پهرين آپريشن، سوات واديءَ جي ضلعي شنگهلا ۾ ”راهه حق ( پهرين )“ جي نالي سان 2007 ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي، ۽ ساڳئي علائقي ۾ ٻي آپريشن 2008 ع دوران ”راهه حق ( ٻي )“ جي نالي سان شروع ڪئي وئي. خيبر ايجنسيءَ ۾ 2008 ع دوران ”صراط مستقيم“ جي نالي سان ٽين آپريشن شروع ڪئي وئي، ۽ ساڳي سال ايف سي جي سهڪار سان باجور ايجنسيءَ ۾ چوٿين آپريشن شروع ڪئي وئي، جڏهن ته ”راهه حق ( ٽين )“ جي نالي سان سوات واديءَ ۾ 2009 ع دوران ٽيون ڀيرو آپريشن ڪئي وئي، ۽ ساڳي سال يعني 2009 ع ۾ ڇهين ”ڪارو طوفان“ جي نالي سان فوجي آپريشن، بنير، لوئر ڊر ۽ شنگهلا ضلعن ۾ ڪئي وئي، ۽ ساڳيو سال ”بريخنا“ آپريشن جو به سال رهيو، جيڪا آپريشن محمد ايجنسيءَ ۾ ڪئي وئي هئي. 2009 ع دوران ئي هڪ ٻي آپريشن ”راهه راست“ جي نالي سان سوات ۾ ڪئي وئي، جنهن کي عام طور ”سوات آپريشن“ جي نالي سان به ياد ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ 2009 ع واري سال ۾ ئي ڏکڻ وزيرستان ۾ ”راهه نجات” جي نالي سان آپريشن ڪئي وئي هئي. مذهبي دهشتگرديءَ خلاف هاڻوڪي آپريشن سميت ٽوٽل ڏهه آپريشنون ٿي چڪيون آهن، جن مان 2007 ع ۾ هڪ آپريشن، 2008 ع ۾ ٽي آپريشنون، ۽ 2009 ع ۾ پنج آپريشنون ٿي چڪيون آهن. ۽ هاڻوڪي آپريشن، وري پنجن سالن جي عرصي کان پوءِ ٿي رهي آهي. انهن آپريشنن منجهان رڳو سوات آپريشن (2009 ع ) کي مجموعي طور ۽ ڏکڻ وزيرستان آپريشن ( 2009 ع ) کي عارضي طور ڪامياب آپريشن تصور ڪيو وڃي ٿو. مختلف دفاعي تجزيي نگارن موجب باقي آپريشنون، وقت، پيسي ۽ قيمتي جانين جو زيان هيون.

    آپريشن لاءِ اتر وزيرستان جي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟

    اتر وزيرستان، ملڪ جي ستن قبائلي ايجنسين مان هڪ اهڙي ايجنسي آهي، جنهن جي ڏکڻ ۾ ڏکڻ وزيرستان، اتر ۾ خيبر ايجنسي ۽ خيبر پختونخوا جا علائقا هنگو، ۽ بنون شامل آهن. بي بي سيءَ جي تبصري موجب اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪرڻ جا خاص ٽي سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ: علائقي جي آسان جاگرافي، ٻيو: حڪومت ۽ انتهاپسندن ۾ 2008 ع دوران ٿيل امن معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ ٽيون سبب حافظ گل بهادر جي شخصيت ٿي سگهي ٿو. پر انهن ٽنهين سببن کان به اڃان مکُ سبب اهو ٿو ٿي سگهي ته اتر وزيرستان جو اهو ساڳيو علائقو، آمر ضيا جي آمريت دوران روس خلاف جنگ جوٽيندڙ ڪلهوڪن ”مجاهدن“ ۽ اڄوڪن ”طالبانن“ جو مرڪز هو، روس خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ امريڪا جا ”مجاهدن“ لاءِ ڏنل سمورا هٿيار ۽ بارود، ان علائقي ۾ ئي ڪٺو ڪيل آهي، جيڪو هاڻي ”طالبان“ کين هٿيار ۽ بارود مهيا ڪري ڏيندڙ ڌرين ۽ ملڪي شهرين خلاف استعمال ڪري رهيا آهن. اتر وزيرستان ۾ شروع ڪيل هاڻوڪي آپريشن جي ڪاميابي، مذهبي دهشتگردن وٽان هٿيارن جو وڏو ذخيرو هٿ ڪرڻ سان به منسوب ڪئي وڃي ٿي. افغانستان ۾ قائم ٿيل ڊاڪٽر نجيب جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرائڻ لاءِ پوري عرب دنيا مان گهرايل ويڙهاڪ، جيڪي افغانستان ۾ 2001 ع واري امريڪي قبضي تائين ترسيل هئا، انهن جو رخ به اتر وزيرستان سان ملندڙ افغانستان جي سرحدي شهرن خوست، گرديز ۽ پڪيتا ذريعي پاڪستان ڏانهن ٿيو، جيڪي اڄ به اتر وزيرستان واري علائقي کي آءِ ايس پي آر جي لفظن ۾ پنهنجي لاءِ ”مقدس ۽ محفوظ جاءِ“ بڻايون ويٺا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اتر وزيرستان ئي ملڪ جو واحد اهڙو علائقو آهي، جتي امريڪا سڀ کان گهڻا ڊرون ڪيرايا آهن ۽ ملڪي عسڪري اسٽيبلشمينٽ جو دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ٻٽي راند جو محور به اهو علائقو رهندو ٿي آيو. بيت الله محسود ۽ حڪيم الله محسود گروپن جو خاصو اثر، ملڪ جي ٻين قبائلي علائقن جي ڀيٽ ۾ پڻ هتي وڌيڪ آهي، جن ۾ اڪثريت ازبڪن جي آهي. ملڪ مان اغوا ٿيل اهم شخصيتن کي لڪائڻ واري جاءِ به اتر وزيرستان ئي آهي، جتي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ ۽ پنجاب جي اڳوڻي شهيد گورنر سلمان تاثير جي پٽن سميت ملڪ جي ڪيترن ئي ڏوڪڙن وارن ماڻهن کي لڪائڻ جون پڪيون ثابتيون به ڪيترن ئي ماڻهن ۽ ادارن تائين پهتل آهن.

    اتر وزيرستان ۾ تازي شروع ڪيل آپريشن کان اڳ، ملڪي سيڪيورٽي فورسز 2002 ع دوران جلال الدين حقانيءَ جَي حقاني نيٽ ورڪ جِي نگرانيءَ ۾ هلندڙ ڪنهن مدرسي خلاف ڪارروائي ڪئي هئي ۽ دفاعي تجزيي نگارن جي راءِ موجب اتر وزيرستان اڄ به حقاني نيٽ ورڪ جي هڪ محفوظ پناهگاهه آهي.

    آپريشن کانپوءِ واري صورتحال:

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مذهبي دهشتگرد رڳو اتر وزيرستان يا قبائلي ايجنسين تائين محدود نه آهن. ملڪ جي مک شهرن اسلام آباد، ڪراچي ، لاهور ، ڪوئيٽا ، پشاور، فيصل آباد، ملتان، حيدرآباد سميت پوري ملڪ ۾ انهن جو وسيع نيٽ ورڪ جڙيل آهي. مختلف تنظيمن ۽ فلاحي ادارن جي شڪل ۾ پوري ملڪ ۾ مذهبي دهشتگرد ”ٽُڪ نيلون، حاضر ناظر“ آهن، کين رڳو هڪل ٿي، اشارو ملي، ته هو پيٽرول هاري، تيلي ٻاري، جايون ساڙي ۽ ماڻهو ماري، نعرا هڻندا، هوڪرا ڏيندا، ميدان تي نروار ٿي بيهندا. انهيءَ ڪري اهڙي ڪا امڪاني ۽ خطري واري صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوري ملڪ ۾ رڳو اعلانن جي حد تائين نه، پر واقعي به سيڪيورٽي سخت ڪرڻ لاءِ پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن کي تحرڪ ۾ آڻڻو پوندو.

    آپريشن وارن علائقن مان لڏ پلاڻ نه ٿي، اهو ممڪن ئي ناهي. اتر وزيرستان ۾ وقفي وقفي سان ڳچ وقت تائين جاري رهندڙ ڪرفيو، خود ان جي نشاندهي ڪري رهيو آهي ته لڏ پلاڻ ڪندڙن جو انگ وڌيڪ آهي. اڪثر ائين ئي ٿيندو آيو آهي ته متاثر علائقن مان لڏ پلاڻ ذريعي، ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ ڪٽنبن ۾ اهي ڏوهاري عنصر به شامل هوندا آهن، جن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪئي ويندي آهي. اهي ڏوهاري عنصر، متاثر علائقن مان نڪري، پوري ملڪ کي باهه جي ڄرَ بڻائي ڇڏين ٿا. ڪراچيءَ ۾ تيزيءَ سان وڌيل مذهبي دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ۽ ڦر، اغوائن جون وڌندڙ وارداتون، ماضيءَ جي ڪيل آپريشنن جو نتيجو ئي ته آهن، جو اترين علائقن جا ڏوهاري، ڪراچيءَ ۾۽ ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ پنهنجا مضبوط ۽ محفوظ ڳجها ٺڪاڻا قائم ڪري چڪا آهن.

    هاڻوڪي آپريشن جا ڪامياب نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ، آرميءَ کي اهو يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور اپاءَ وٺڻا پوندا ته آپريشن متاثر علائقن مان ڏوهاري ته نه، پر عام ماڻهو يا ڪو ڪٽنب به ملڪ جي ڪنهن شهر جو رخ نه ڪري. ڪنهن خاص جاءِ تي لڏ پلاڻ ڪندڙ خاندانن کي ترسائڻ لاءِ خاص ڪيمپون قائم ڪري، آپريشن ختم ٿيڻ تائين کين بنيادي ضرورتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن، اهڙي طرح متاثرن جي واهر به ڪري سگهجي ٿي ۽ ڏوهارين کي به ڪا ڀڄڻ جي جاءِ نه ملي سگهندي. ملڪ جي آبادياتي جوڙ جڪ جو ڍانچو، اڳ ئي تباهه ٿيو پيو آهي، ويتر اتر وزيرستان مان ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿيندڙ ماڻهو، انهن علائقن ۾ موجود عوام لاءِ ڪيترائي مونجهارا ته پيدا ڪندا ئي ڪندا، پر انهن علائقن ۾ ڏوهن ۾ واڌ به ٿيندي ئي ٿيندي؛ ڇاڪاڻ ته قبائلي ماڻهوءَ جي پروش ئي ڏوهن جي پاڇي ۾ ٿيندي آهي. جيڪڏهن قبائلي ماڻهو، ڪراچيءَ سميت ملڪ جي ٻين علائقن جو رخ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا، ۽ سيڪيورٽي ادارا انهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيا ته پڪ ڄاڻو، پورو ملڪ قبائلي علائقو بڻجي ويندو، جتي جيڪڏهن هلندو ته جهنگ جو قانون هلندو ۽ دهشت جو راڄ برقرار رهي سگهندو.

    هاڻوڪي آپريشن لاءِ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي آخري معرڪي وارو تاثر ڏنو وڃي ٿو، خدا ڪري ائين سچ ثابت ٿئي، پر لڏپلاڻ محدود ڪرڻ سميت ٻيا به گهڻ طرفا اپاءَ نه ورتا ويا ته ممڪن آ، عارضي طور دهشتگردن جي شڪست جو به اعلان ڪيو وڃي، پر هو ملڪ جي ٻين علائقن ۾ پنهنجي طاقت کي منطم ڪري، رياست لاءِ وري ڪا نئين للڪار پيدا ڪري سگهندا.

    بهرحال، مذهبي دهشتگردن خلاف شروع ڪيل تازي آپريشن هر حال ۾ توڙ تائين پڄائڻ گهرجي، ته جيئن ملڪ مٿان ڇانيل مذهبي دهشتگرديءَ جا ڪارا ڪڪر ٽارو ڪن، ۽ اڃان ته پاڪستان کي عوام جي ڀلي واري خوشحال رياست بڻجڻ واري سفر ۾ ٻيون به اهڙيون ڪيتريون ئي وکون کڻڻيون آهن.​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو