اسان لاءِ ، اڄ جي نسل لاءِ ، ، جيڪو تاريخ جي فيصلي ڪندڙ موڙ تي بيٺو آهي ۽ رهڻ يا نہ ... رهڻ جو فيصلو ان کي ئي ڪرڻو آهي .. تنهن لاءِ سوچ جو هي نقطو آهي ، نيٺ سنڌي احساس جي ڀوڳيندڙ سطح کان اُڀري تنظيم جي روپ ۾ ڇو ڪونہ نمايان ٿي بيٺا آهن ؟ هڪ اثرائتي منظم سگهہ جي حيثيت سان ؟ اڳواڻن جون ويساهہ گهاتيون ؟ قومي اڳواڻ جن جي سياست سنڌ کان وڌيڪ ، سنڌ جي نالي ۾ پنهنجي ذات جي تسڪين لاءِ .. سياست محض سياست ڪرڻ لاءِ ، نہ مقصد ماڻڻ لاءِ ، پليخانوف ۽ ٽرانسڪي بہ هئا ، پر لينن سوڀارو ويو ، ۽ لي لي سان چين تيو هشُ بہ هئا ، پر مائوزي تنگ سوڀارو ويو ، نيٺ ڇو ؟ خاص ڪري قومي تاريخن ۾ قومي شخصيتن جي جڳهہ سندن سوڀن سان لاڳاپيل هوندي آهي ، پر جي ايم سيد جي ناڪامين پٺِان ناڪامي لاءِ ڪنهن سوچيو آهي ؟ سوچڻ گهرجي ، نہ ؟ ها سائين نوجوان دوست اسان جي ٽريجڊي اها بہ آهي تہ ، اسين صحيح قومي اڳواڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندا رهيا آهيون . اڃا تائين ، واجهائيندڙ ، وائڙا ، آسائتا ، انڪري ويساهہ گهاتين جا ماريل ، ون يونٽ ٺاهيندڙ کهڙي کي ڄاڻي ورتوسين ، پر ساڳئي ڪم کي مڪمل ڪندڙ ٻهروپئي ڀٽي کي سمجهي نہ سگهياسين ! ها ، اڃان تائين اسين واجهائيندڙ آهيون .... ساهہ مٺ ۾ ناول ماڻڪ